خاص

انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: پي ڊي ايم اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هيءَ ناجائز حڪومت آهي، جنهن کي عوامي مينڊيٽ حاصل ناهي، اُٿو، انقلاب آڻيو، انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، عمران خان پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ڪمزور معيشت تي ڪامياب پرڏيهي پاليسي نٿي ٺاهي سگهجي، اڄ پاڪستان اڪيلو ٿي ويو آهي، حڪمرانن ڪشمير ان مودي کي کپائي ڇڏيو، جيڪو عمران خان جي فون کڻڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙي صورتحال ۾ خاموش تماشائي ٿي نٿا ويهي سگهون. هن چيو ته ڇا پاڪستان ان لاءِ حاصل ڪيو ويو هو ته ڪجهه ماڻهو عياشي ڪن؟.