ڪوسٽ گارڊز جي گوادر ۾ ڪارروائي: 11 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي منشيات هٿ
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڪارروائي ڪندي 1650 ڪلو هيروئن ۽ 69 ڪلو اعليٰ ڪوالٽي جي آئس هٿ ڪري ورتي آهي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڳجهن ذريعن کان اطلاع ملڻ تي گوادر جي علائقي دران مان ڳري مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي. ڪوسٽ گارڊز جي ترجمان موجب دران ويجهو ٻن شڪي گاڏين کي بيهڻ جو اشارو ڪرڻ تي جوابدارن گاڏين جي رفتار تيز ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏين جو پيڇو ڪرڻ تي جوابدار گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا. پڪڙيل منشيات سمنڊ جي رستي پرڏيهه اسمگلنگ ٿيڻي هئي جنهن جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 117 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.

