وڻ کان وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندڙ بايوري ايڪٽر
آمريڪا جي ڪمپني هائپر جائنٽ هڪ اهڙي مشين تيار ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ ايڪڙ تي لڳل وڻن کان به وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پنهنجي اندر جذب ڪري سگهي ٿي. هن مشين کي اِي او ايس بايوري ايڪٽر جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪو هڪ وڏي ريفريجريٽر وانگر نظر اچي ٿو. ست فوٽ ڊگهي ۽ ٽي فوٽ ويڪري هن ري ايڪٽر کي ڪنهن به روڊ ڪناري لڳائي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ جو ڪم وٺي سگهجي ٿو.

