وزيراعظم اڄ معاشي فيصلن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو
وزيراعظم اڄ معاشي فيصلن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ رليف پيڪيج جو اعلان ڪندو. جنهن سان ملڪ جي 53 سيڪڙو آبادي کي فائدو ٿيندو. ڪالهه وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وفاقي ڪابينا هائوسنگ سوسائٽين لاءِ زمين جي خريداري وارو وفاقي حڪومت جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو. وزيراعظم کي بيورو ڪريٽس ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن کي ٻه ٻه پلاٽ ڏيڻ جو حاصل حق به ختم. رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي پلاٽ ڏيڻ جي نظام وانگر ڪامورن کي به پلاٽ ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، ناڻي وزارت ۽ هائوسنگ وزارت تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ هائوسنگ اسڪيم لاءِ زمين خريد ڪرڻ جا وفاقي حڪومت جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم پيڪيج تحت ٻه ٻه پلاٽ تمام گهڻن ماڻهن ورتا آهن. ن ليگ ۽ پ پ پ دور ۾ وزيراعظم جي صوابديد تحت اربين رپيا ماڻهن کي ڏنا ويا هئا. هاڻي قانوني طور تي وزيراعظم پيڪيج ختم ڪيو ويو آهي. وفاقي هائوسنگ اٿارٽي جي گهرن ۾ وفاقي ملازمن جو رڳو حصو هوندو. وفاقي ڪابينا لگزري گاڏين (وينٽيج گاڏين) کي هڪ سال لاءِ ڊيوٽي ختم ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪندي مقرر ڊيوٽي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائوسنگ وزارت جي درخواست تي رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن ترميم تحت دفاع ۽ پرڏيهي وزارت پنهنجي زير استعمال بلڊنگن جي سنڀال، مرمت پاڻ ڪري سگهنديون. هائوسنگ وزارت پنهنجي بلڊنگن جي مينٽيننس جي ذميواري ڪنهن نجي ڪمپني کي به ڏئي سگهندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ملڪيتن لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا اٿارٽي وفاقي حڪومت جي تمام ملڪيتن کي نجي شعبي جي پارٽنرشپ سان استعمال ڪرڻ جا فيصلا ڪري سگهندي.

