پي ڊي ايم پهرين جنوري تي اجلاس طلب ڪري ورتو، اهم فيصلن جا امڪان
مولانا فضل الرحمان پهرين جنوري تي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. پي ڊي ايم جي ترجمان موجب اجلاس لاهور ۾ مريم نواز جي گهر ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن موجب پهرين جنوري تي لانگ مارچ ۽ ٻين فيصلن جا امڪان آهن. اجلاس ۾ سينيٽ چونڊ ۾حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو به ڪيو ويندو. اطلاع آهن ته سينيٽ ۽ ضمني چونڊ جي بائيڪاٽ تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا. استعيفائن لاءِ مناسب وقت جي طئي ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته 31 جنوري تائين وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ نه آئي ته لانگ مارچ ڪنداسين. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو هو ته عمران خان کي ڪڍڻ لاءِ اپوزيشن پارٽين جي طريقيڪار کي بدلائڻو پوندو.

