اسان کي اهو سچيءَ دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان مڃڻو ۽ سمجهڻو پوندو ته دنيا ۾ قومون صرف جنگين سان کٽي ناهن اٿنديون، بلڪه پنهنجي غلطين کي سڃاڻي ۽ انهن کي درست ڪرڻ جي عمل سان ٻيهر جنم وٺنديون آهن، جيڪا قوم سچ کان ڊڄي ٿي. اها ڏينهن ڏٺي وارا خواب ته ڏسي ٿي، مگر انهيءَ جي تعبير کان محروم رهي ٿي. پاڪستان به هڪ اهڙو خواب هو، جنهن کي تعبير جي بجاءِ تقدير جي پوتين ۾ ويڙهي رکيو ويو. اسان هڪ قوم پيدا ڪرڻ جي بجاءِ هڪ جذباتي ميڙ پيدا ڪيو، جيڪو دشمن جي سڃاڻپ ۾ ته ماهر هو، مگر پنهنجي سڃاڻپ کان اڻواقف.
رياست جڏهن به عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جو بنياد فهم تي نه بلڪه خوف، عقيدت ۽ مفروضي تي رکيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ هر پاڪستاني وٽ هڪ الڳ الڳ پاڪستان آهي، الڳ الڳ سچ، الڳ الڳ تاريخ ۽ الڳ الڳ خواب ۽ نفسيات چئي ٿي ته انسان پنهنجي سڃاڻپ کانسواءِ زنده ته رهي سگهي ٿو، مگر ترقي نٿو ڪري سگهي. قومون به ڪجھه اهڙيون ئي هونديون آهن، جيستائين کين پتو نه هجي ته اهي ڇا آهن؟ بنجڻ ڇا چاهين ٿيون؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ بنجڻ چاهين ٿيون، اهي صرف فڪري وهڪري جو شڪار رهن ٿيون. پاڪستان جي نفسياتي جوڙجڪ هڪ مسلسل دفاعي ڪيفيت ۾ ٿي، جيئن هڪ ٻار جيڪو هر وقت اهو سوچي ته سڀ هن کي مارين ٿا ته هو نه دوستي سکي ٿو ۽ نه خود اعتمادي، اسان جو قومي عمل به ڪجهه اهڙي قسم جو ئي آهي. يعني خوفزده ٻار وانگر، جنهن هر سوال کي سازش ۽ هر تنقيد کي ڪفر سمجهيو، نتيجو اهو نڪتو ته قوم سوال ڪرڻ وساري ويٺي ۽ جواب ڏيڻ سکي ئي نه سگهي.
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته قومون سدائين ٻين جي غلطين کان نه، پنهنجين غلطين کان سکي ڪري اٿنديون آهن. جرمنيءَ جڏهن هٽلر جو چهرو آئيني ۾ سڃاتو، جاپان جڏهن تباهيءَ جي ڍير تي يونيورسٽيون ٺاهيون، ڏکڻ ڪوريا جڏهن آمريت جي چنبي کان تعليم ۽ تحقيق ڏانهن پنهنجو رخ موڙيو ته اهي قومون پنهنجن دشمنن کي نه بلڪه پنهنجن تعصبن، زخمن ۽ ڪوڙن کي شڪست ڏئي سگهيون. روانڊا جهڙي ننڍڙي ملڪ معافي، مفاهمت ۽ شفاف ادارن کان اهو ڪري ڏيکاريو، جيڪي وڏا وڏا اسلامي قلعا خواب ۾ به نٿا سوچي سگهن.
پاڪستان به وقت بوقت سڌارن جي ڪوشش ڪئي، مگر اهي سڌارا به اڪثر رد عمل هئا، حقيقت نه، ايوب خان صنعتي انقلاب جو دهل وڄايو، مگر سياسي سوچ پيدا نه ڪيائين. ڀٽي عوامي نعرو ڏنو مگر ادارن کي شخصي غلامي ۾ ڌڪي ڇڏيائين. ضياءُ اسلامائيزيشن جي نالي تي فڪري قبر کوٽي، جنهن ۾ اڄ تائين قوم دفن آهي. مشرف روشن خيالي جو نعرو هنيو، مگر پاڻ اونداهيءَ ڏانهن نڪري ويو. ڌارا آيا، مگر انهن جو رخ ڪڏهن عوامي شعور ڏانهن نه ويو، پر سڌارو هڪ وقتي بندوبست نڪتو، جيئن پراڻي گهر کي رنگ ۽ روغن ڪيو وڃي، مگر بنياد کوکلا رهن.
هاڻي سوال اهو ناهي ته ماضي ۾ ڇا ٿيو، بلڪه اهو آهي ته اسان ماضيءَ کان سکيو ڇا؟ ۽ جيڪڏهن نه سکياسين ته ڪڏهن سکنداسين؟ اسان کي هڪ اهڙو بيانيو گهرجي جيڪو ماضيءَ جي زخمن کي لڪائي نه بلڪه ڏيکاري ڪري مرهم پٽي رکي. هڪ اهڙو بيانيو جيڪو قوم کي دشمنن جي فهرست ڳڻائڻ جي بجاءِ انسانن جي فهرست ۾ شامل ڪري، اهڙو بيانيو جيڪو عقل کي ايمان جو دشمن نه ساٿي سمجهي، جيڪو سچ ڳالهائڻ واري کي غدار نه، محب وطن مڃي، جيڪو خواب ڏيکارڻ وارن سان نه بلڪه جاڳائڻ وارن سان محبت ڪري!