حورالنساءِ پليجو عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي روح روان جيڪا هن وقت عوامي تحريڪ جي نائب صدر جي طور تي ڪم ڪري رهي هئي، 16 مئي 2025ع تي اسان کان وڇڙي وئي. سندس وڏي سڃاڻپ اها هئي ته هوءَ رسول بخش پليجو، غلام قادر پليجو ۽ فاطمه پليجو جي ڀيڻ هئي. پليجو خاندان جي سياسي خدمتن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. غلام رسول پليجو عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي عوام کي اها سجاڳي عطا ڪئي جيڪا کيس ذهني غلاميءَ کان آزاد ڪري پنهنجون راهون جوڙڻ جو شعور عطا ڪري ٿي.
رسول بخش پليجو هڪ قدآور سياسي رهنما هو، جنهن سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس پارٽي عوامي تحريڪ جيڪا کاٻي ڌر جي نظريي سان سلهاڙيل هئي 1970ع ۾ ان جو بنياد پيو. ان پارٽيءَ جو مقصد جاگيرداري نظام جو خاتمو ۽ عوامي حقن جي حاصلات هو. رسول بخش پليجو هڪ اهڙي علائقي ۾ پيدا ٿيو جتي مرد پنهنجي گهر ۾ پنهنجي زالن سان کلي ڳالهائڻ کي به پنهنجي غيرت جي خلاف سمجهندا هئا، اهڙي ماحول ۾ هن پنهنجي گهر جي عورتن کي نه صرف تعليمي زيور سان سينگاريو، پر انهن کي سياسي شعور ڏئي قوم جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اعتماد عطا ڪيو، جنهن جو وڏو ثبوت حور النساءِ ۽ فاطمه پليجو آهن. سنڌياڻي تحريڪ هڪ اهڙي تحريڪ آهي، جنهن سنڌ جي عورت کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي، هڪ نئين سوچ عطا ڪئي ۽ هڪ نئون جذبو عطا ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ نه صرف عورتن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو بلڪه انهن ۾ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي صلاحيت به پيدا ڪئي ۽ اها صلاحيت نه صرف شهرن تائين محدود آهي، بلڪه سنڌياڻي تحريڪ جون اهي عورتون جن جو تعلق ٻهراڙين سان، ننڍن شهرن سان، ننڍن ڳوٺن سان آهي انهن ۾ پنهنجي اوسي پاسي جي ماحول، پنهنجي بنيادي حقن جي لاءِ سجاڳي ۽ شعور بيدار ڪيو. هن تحريڪ عورتن کي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ پنهنجي ڳالهه ڪيئن رکجي ان جي لاءِ کين شعور عطا ڪيو.
رسول بخش پليجو هڪ اهڙو سياستدان هو، جنهن سياست جي ميدان ۾ ٻين خاندانن جي عورتن کي ٻاهر ڪڍڻ کان اڳ پنهنجي خاندان جي عورتن يعني پنهنجين ڀينرن کي سياست جي ميدان ۾ لاٿو ۽ کين سياست ڪرڻ جي لاءِ آزادي عطا ڪئي ۽ هڪ نئون ٽرينڊ سيٽ ڪيو. حورالنساءِ پليجو جو وڇوڙو سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. ڇو ته اهڙيون باصلاحيت، باڪردار ۽ قائدانه صلاحيت رکڻ واريون عورتون تمام گهڻي عرصي کانپوءِ پيدا ٿينديون آهن، انهن جي پٺيان رسول بخش پليجي جهڙيون شخصيتون بيٺل هونديون آهن، جن انهن کي سالن ۾ تعمير ڪيو هوندو آهي. حورالنساءِ پليجو سنڌ جي هر مسئلي تي سنڌ جي عوام سان بيٺل نظر آئي. هينئر تازو ئي پاڻيءَ جي مسئلي تي هن سنڌ جي عوام سان پنهنجي سياسي هم آهنگي ڏيکاري ۽ عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي مختلف جاين تي احتجاج ڪري پاڻيءَ جي مسئلي کي اجاڳر ڪيو. جيتوڻيڪ جو سندس طبيعت ناساز هئي، پر هوءَ اهڙي صورت ۾ به سنڌ جي مسئلن تي گهر ۾ ويهي نه سگهي ۽ پنهنجي طبيعت کي بهاڻو بنائي پٺتي نه هٽي.
2020ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڳالهه هلي رهي هئي ته پوري سنڌ ۾ ان جي خلاف هڪ تحريڪ شروع ٿي وئي، جنهن ۾ ٻين سياسي اڳواڻن سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي اڳواڻي ڪندي حورالنساءِ پليجو به اڳيان اڳيان هئي ۽ وفاق جي ان عمل کي ننديو ته وفاق سنڌ جي انهن ٻيٽن تي قبضو نٿو ڪري سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ وفاق کي پٺتي هٽڻو پيو ۽ سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ عوام جي فتح ٿي. حورالنساءِ پليجو جو صرف هڪ سياسي رهنما جي طور تي ڪردار نه آهي، بلڪه هوءَ سنڌ جي ثقافت جي علمبردار پڻ هئي. هن ڪڏهن به سنڌ جي عورت کي ڪٿي به شرمنده ٿيڻ نه ڏنو، هن پنهنجي قول ۽ عمل سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جي عورت هڪ مضبوط عورت آهي، جيڪا جڏهن ٻاهر نڪري بيهي ٿي ته هوءَ وڏن وڏن چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. هن پارٽيءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن جي تربيت ڪئي جيڪي عورتون هن وقت سياسي ۽ سماجي ميدانن ۾ با عمل آهن. سنڌ جو عوام حورالنساءِ پليجو کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکندو ۽ هن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي هڪ بهادر نياڻيءَ وانگر هميشه ڀيٽا ڏيندو رهندو.