بلاگنئون

لَهرُن تي لُڏندڙَ ” ڊالي“، بالٽيمور جي مشهور پُل کي تباھه ڪري ڇڏيو…

آمريڪا جي شهر بالٽي مور ۾ ڪارگو جهاز لڳڻ سبب پل ٽٽي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي رياست ميري لينڊ جي شهر بالٽي مور ۾ پاٽاپسڪو درياءُ تي ٺهيل فرانسسس اسڪاٽ پل 948 فوٽ ڊگھي وڏي ڪارگو جهاز ڊولي لڳڻ سبب ٽٽي پئي آهي. سامونڊي جهاز ڊالي آمريڪا کان 26 ڏينهن جي ڊگھي سفر تي سريلنڪا وڃي رهيو هو. سفر شروع ٿيڻ کان ڪجھه دير پوءِ جهاز جي بجليءَ جو نظام خراب ٿي پيو ۽ انجڻ ڪم ڇڏي ڏنو. ڊالي جهاز 1977ع ۾ ٺهيل لوهي پل سان ٽڪرائجي ويو. جهاز لڳڻ سبب پُل جو وڏو حصو درياءَ ۾ ڪري پيو. حادثي ۾ 6 ڄڻن جي موت جي تصديق ٿي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي وقت موجب هي حادثو رات جو اڍائي وڳي ٿيو، جنهن ۾ هڪ سامان ۽ بار ڍوئيندڙ بحري جهاز پل کي وڃي لڳو ۽ ان کي باھ لڳي وئي. جهاز پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو. آمريڪي ڪوسٽ گارڊ موجب حادثي وقت پل تي 8 پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪي جهاز ٽڪرائڻ بعد درياءَ ۾ وڃي ڪريا، جن مان 2 ڄڻن کي بچايو ويو، هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 6 ڄڻن جي مرڻ جي تصديق ٿي آهي. مري ويندڙن ۾ ايل سلواڊور، گوئٽي مالا، ۽ ميڪسيڪو جا پورهيت شامل آهن. ريسڪيو عمل کي روڪي ٻڏي ويل 6 ڄڻن جا لاش ڳولهيا پيا وڃن. حادثي جو سبب بجلي واري نظام ۽ انجڻ جو خراب ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي.
حادثي کان اڳ ڊالي سامونڊي جهاز جي عملي مي ڊي ڪال وسيلي انتظاميه کي جهاز جي نظام خراب ٿيڻ ۽ پل سان ٽڪرائجڻ واري خدشي بابت اطلاع ڏنو، ڪوشش ڪري پل تان گذرندڙ ٽرئفڪ روڪي وئي.
حادثي ۾ جهاز تي موجود عملي جا ماڻهو محفوظ رهيا. بالٽيمور پورٽ تي واپاري سرگرميون معطل آهن.
ميري لينڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ موجب حادثي کانپوءِ پل جي ٻنهي پاسن جون سڀ لائينون بند ڪيون ويون آهن ۽ ٽرئفڪ کي متبادل رستو اختيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.
هڪ اندازي موجب فرانسس اسڪاٽ پل تان روزانو 34 هزار گاڏيون گذرنديون آهن. ميري لينڊ رياست جي چيمبر آف ڪامرس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فرانسس اسڪاٽ پل جو ٽٽڻ واپاري سرگرمين ۽ سپلاءِ کي لازمي متاثر ڪندو. ميري لينڊ جي گورنر ويس مور جي دفتر مان جاري ٿيل تازي بيان موجب گذريل سال بالٽيمور بندرگاھ کان 52 ملين ٽن پرڏيهي ڪارگو گذريو هو جنهن جي ماليت 80 ارب ڊالر هئي.
رياست ميري لينڊ جي چيساپيڪ بي ۾ بالٽي مور بندرگاھ آهي جنهن وسيلي نه رڳو ملڪ اندر واپاري اچ وڃ ٿيندي آهي، پر ٻاهرين ملڪن مان گھرايل کنڊ، ۽ جپسم به ايندا آهن.
پٽاپسڪو درياءَ تي 1977ع ۾ لوهي پل تعمير ڪئي وئي ۽ ان پل تي آمريڪا جو قومي ترانو لکندڙ شاعر فرانسس اسڪاٽ جو نالو رکيو ويو.
بالٽيمور بندرگاھ امريڪا جو نائون مصروف ترين بندرگاھ آهي، جيڪو پرڏيهي سامان جي آڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان بندرگاھ تي15 هزار کان وڌيڪ ماڻهو روزگار سان لاڳاپيل آهن، ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک 40 هزار ماڻهو اهي آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي ان بندرگاھ سان جڙيل آهن. رياست ميري لينڊ جي آرڪائيو موجب بالٽيمور بندرگاھ تان ساليانو 3.03 ارب ڊالر جي آمدني ٿيندي آهي ۽ 400 ملين ڊالر ساليانو ٽيڪس اوڳاڙبو آهي. بالٽيمور بندرگاھ کي ڪروز ٽرمينل طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. گورنر آفيس موجب گذريل سال 40 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ان بندرگاھ وسيلي آيا جيڪو 2012ع کانپوءِ سڀ کان وڏو انگ آهي.
ميري لينڊ رياست جي گورنر ويس مور جهاز جي عملي ۽ پل انتظاميه کي هيرو قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن بروقت ڄاڻ ڏيڻ سبب عملي گاڏين جي اچ وڃ کي ڪنٽرول ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچايون.
گورنر مور پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هي اهڙي جاءِ هئي جتان ميري لينڊ جا 30 هزار شهري روزانو اچ وڃ ڪن ٿا. پل ڪري پئي آهي دل کي ڌوڏيندڙ لفظ هئا ڇو ته ميري لينڊ واسين جي ان سان 47 سالن جي ڄاڻ سڃاڻ هئي.