سنڌ حڪومت جو دعويٰ آهي ته هن حڪومت عوام کي تمام گهڻيون سهولتون ڏنيون آهن، پر جڏهن انهن جي ادارن جي ڪارڪردگي تي نظر وجهون ٿا ته حڪومتي دعوائون کوکليون نظر اچن ٿيون.
جيڪڏهن بلدياتي ادارن جي ڳالهه ڪريون، جن جو ڪم پوري صوبي کي صاف رکڻ آهي. سيوريج جي نظام کي بهتر ڪرڻ آهي ۽ جتي گٽر سسٽم آهي، انهن گٽرن جي مين هولن کي ذميواري سان ڍڪڻن ذريعي ڍڪڻو آهي، پر ائين ٿئي ڪونه ٿو. ڪجهه مهينن اندر شهر هجن يا ٻهراڙيون ڪيترائي ٻارڙا انهن کليل گٽرن ۾ ڪري پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا آهن. انهن جو فرياد ڪنهن تي ڪجي، انهن جي ذميواري ڪنهن کي ڏجي. يقينن بلدياتي اداري جا آفيسر، چيئرمين يا ڪائونسلر ذميوار آهن. گورنمينٽ کان هر سال ڪروڙين رپين جي بجيٽ هڪ ٽائون ڪميٽي جي ملي ٿي، پر اها بجيٽ آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا ناني ويڙهو ڪري پاڻ استعمال ڪن ٿا. جنهن سبب اتي ترقياتي ڪم نه ٿا ٿين ۽ جيڪي سهولتون عوام کي ملڻ گهرجن انهن کان عوام محروم رهي ٿو. ڊرينيج جو نظام به انهن مان هڪ آهي. جيڪو اڄ ڏينهن تائين ناقص ڪارڪردگي سبب ڪيترن ٻارن جون زندگيون ڳڙڪائي ويو آهي، ايستائين جو شهرن اندر گٽرن جا مين هول به کليا پيا آهن، جنهن ۾ ٻارڙن جو ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.
هن وقت به اهڙو ئي دردناڪ واقعو ٽنڊي باگي ٽائون ڪميٽي ۾ ٿيو آهي، جتي هڪ اڍائي سالن جي ابهم ٻارڙي پنهنجي گهر سامهون کليل گٽر ۾ ڪري زندگي وڃائي ويٺي آهي. واضح ڪريون ته انهيءَ کليل گٽر جي شڪايت انهي گلي جي رهواسين، ڪائونسلر ۽ چيئرمين ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو سان ڪئي هئي، پر ان جو ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. نتيجو اهو ٿيو ته اها معصوم ٻارڙي جيڪا پنهنجي والدين جي اکين جو ٺار هئي، اها اجل جو شڪار ٿي وئي.
سنڌ ۾ ٻارڙا ڏاڍا غير محفوظ آهن. ڪجهه ٻارن کي ڌاڙيل اغوا ڪري مائٽن کان ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، جن جو ڏوهه سڌو سنئون ڌاڙيلن تي آهي، ڪجهه ٻارڙا اغوا ٿي وڏن ڪوٽن ۾ قابو آهن، جن مان ڪن جي جان وڃي چڪي آهي ۽ ڪن جي جان وڃڻ جو تمام گهڻو انديشو آهي. فاطمه ڦرڙو، پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي انهن ٻارن مان آهن، پر گٽرن ۾ ڪرندڙ ٻارن جو ڏوهه ته سڌو سنئون بلدياتي اداري تي آهي ته پوءِ ڇو نه انهيءَ اداري جي چونڊيل نمائندن جي مٿان انهن معصوم ٻارن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪرڻ جي بجاءِ هر مهيني صرف اهو ڏسن ٿا ته آيل بجيٽ مان انهن کي ڪيترو حصو ملندو. حڪومت مان اميد نه آهي ته انهن تي ڪو ايڪشن کڻي، ڇو ته اهي نمائندا سندن ئي پارٽي سان لاڳاپيل آهن. اهو ضرور ٿيندو ته ڪو حڪومتي نمائندو متاثر خاندان سان لفظي همدردي ڪندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ننڍي وڏي رقم پڻ انهيءَ خاندان کي ڏئي خاموش ڪرائي، پر اهو مسئلي جو حل نه آهي.
انهيءَ ٻارڙي جي ڪمپنسيشن سنڌ گورنمينٽ کي ڏيڻ گهرجي، ان سان گڏ انهيءَ علائقي جي ڪائونسلر کي نمائندگي کان محروم ڪيو وڃي ۽ چيئرمين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هڪ دفعو ائين ڪريو پوءِ ڏسو ته گٽرن جي مٿان ڍڪ ڪيئن ٿا اچن، پر جيئن اسان چيو ته حڪومت شايد اهڙي قسم جو ايڪشن نه ڪري ان ڪري اسان جو مطالبو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان آهي ته هو مهرباني ڪري صرف گذريل 6 مهينن جي دوران گٽرن ۾ ڪريل ٻارڙن جي رپورٽ طلب ڪري ۽ غير ذميوار بلدياتي نمائندن ۽ آفيسرن کي ڪورٽ ۾ طلب ڪري، نه صرف انهن تي جرمانو رکي، پر سندن انهي غير ذميوارانه رويي تي سزا پڻ ڏئي.