چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف اوريا مقبول جان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڪجهه من گهڙت شڪايتون ڪيون آهن، اهي شڪايتون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي خلاف آهن.
سندس چواڻي ته ان جون شڪايتون حقيقت تي ٻڌل آهن، انهيءَ جي ڪري چيف جسٽس پنهنجي عهدي جي رهڻ جي قابل نه آهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل سندس خلاف انڪوائري ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي. اوريا مقبول جان پاڻ کي بظاهر مذهبي رنگ ۾ رڱيل وڏو ايماندار پڙهيو لکيو ۽ هڪ اسڪالر جي روپ ۾ پيش ڪندو آهي. هي پاڪستان جو سول سرونٽ رهيو آهي. هن وقت سوشل ميڊيا تي پنهنجو يوٽيوب چئنل هلائي ٿو ۽ اتي ويهي جنهن نموني مذهب جو پرچار ڪري مخالفن لاءِ ميڊيائي فتوائون ڏئي ٿو، ان سان سندس ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي. يقينن هن چيف جسٽس خلاف اهڙي قسم جي مدي خارج درخواست جن قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي ان ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون، ڪجهه عدالتن ۾ ويٺل فرد، ڪجهه طاقتور ادارن جا حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فرد، ميڊيا جا ماڻهو سڀ شامل آهن. قاضي فائز عيسيٰ سان مخالفت ان وقت شروع ٿي جڏهن هن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي جي خلاف فيصلو ڏنو هو، ان کانپوءِ ان وقت جا سڀئي طاقتور ماڻهو جن ۾ جنرل (ر) فيض حميد، سابق صدر مملڪت عارف علوي، ان وقت جو وزيراعظم باني پي ٽي آءِ، سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل ججن جو هڪ حصو ۽ ميڊيا جو اهو گروپ جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ملڪ آئين ۽ قانون تحت نه هلي صرف نظريهءِ ضرورت تحت هلي. ان ۾ اهي مذهبي گروهه به شامل هئا جن صرف مذهب کي ڪارڊ طور استعمال ڪيو آهي. مذهب جي روح سان انهن جو ڪوبه واسطو نه آهي، اهي صرف مذهبي هٿيار کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ سماج ۾ پنهنجي مخالفن کي نشانو بنائي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. وقت ٻڌايو ته ايتري طاقتور ڌرين کي به آئين تي هلندڙ جج پنهنجي اعليٰ ڪردار سان شڪست ڏني. سندس خلاف اهڙو ڪوبه ثبوت پيش نه ٿي سگهيو ۽ مجبور ٿي سپريم ڪورٽ جي ڏهه رڪني بينچ 6/4 جي فرق سان سندس فائدي ۾ فيصلو ڏنو ۽ کيس سپريم ڪورٽ جي جج طور بحال رکيو ويو. هي ويجهي تاريخ آهي، ان تي تفصيل سان لکڻ مان ان ڪري فائدو نه آهي ته ساڃاهه وند قارئين چڱيءَ طرح ڄاڻ رکن ٿا. اسان جو چوڻ صرف ايترو آهي ته جيڪڏهن هڪ جج ان وقت جي مڙني طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي سرخرو ٿيو ته پوءِ اوريا مقبول جان کي سواءِ منهن ۾ مٽي وجهڻ جي ۽ شرمندگيءَ پلئه پوڻ جي وڌيڪ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پي ٽي آءِ هن وقت اوريا مقبول جي چوڻ مطابق چيف جسٽس تي ان ڪري ڪاوڙيل آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چونڊ نشان جيڪو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پي ٽي آءِ کان واپس ورتو ۽ ان فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جائز قرار ڏنو هو، اهو ڪيس جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ آيو ته اتي به پي ٽي آءِ ڪيس کي آئيني ۽ قانوني طور پيش ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. ڇو ته پي ٽي آءِ پارٽي اندر جيڪي چونڊون ڪرايون هيون اهي سندس ئي آئين جي خلاف هيون. فرض ڪيون ته پي ٽي آءِ اڄ چيف جسٽس سان انهيءَ ڪري ناراض آهي، پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته 2018ع ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي خلاف ڪهڙو فيصلو ڏنو هو جو ان وقت به پي ٽي آءِ سندس خلاف ٿي بيٺي هئي.
پنهنجي ملڪ ۾ آئين صرف ڪاغذن اندر لکيل عبارت رهي آهي ۽ ملڪ غير آئيني طريقي سان هلندو رهيو آهي. هي چيف جسٽس چاهي ٿو ته آئين صرف ڪتاب ۾ لکيل عبارت نه رهي ۽ ان تي عدالتن ۾ عمل ڪيو وڃي. ڇو ته اهو ئي واحد رستو آهي جنهن تي هلندي ملڪ مضبوط ٿيندو، پر اهي قوتون جيڪي غير آئيني طور تي ملڪ هلائڻ چاهين ٿيون اهي نٿيون چاهين ته قاضي فائز عيسيٰ ملڪ کي آئين جي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿئي، ان ڪري هر جاءِ تي سندس مخالفت ڪئي پئي وڃي. اوريا مقبول جان ان سازش جي هڪ ڪڙي آهي، پر هو ڪامياب نه ٿيندو ۽ کيس اڳيان ڪري وڙهڻ وارا به ناڪام ٿيندا.