ادبنئون

ڊائري جا ورق

18 مارچ، 2016
اڄ تائين جيڪي به حڪمران رهيا آهن، اهي سڀ لٽيرا اقتدار پرست، مير، پير، چوڌري، خان، سردار ۽ وڏيرا رهيا آهن. انهن مان ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي ۽ نه اڄ تائين مظلوم عوام کي ڪجهه مليو آهي. حڪمرانن اقتدار ماڻيو ۽ مال ٺاهيو آهي. ان دوران جيڪڏهن چند چڱا ليڊر آيا ڀٽو، بينظير جهڙا. پليجو، فاضل راهو جهڙا سچا ليڊر، يا ته انهن کي قتل ڪيو ويو يا انهن جيل ڏٺا. مطلب انهن پارٽين ۽ ليڊرن مان ڪا چڱائي ناممڪن آهي. مظلوم عوام منجهان سچا عوامي انقلابي اڳواڻ اچن، عوامي تنظيمن ۾ متحد ٿين. حقيقي دانشمند اعليٰ تعليم يافته ليڊرشپ جي رهنمائي جي هن ملڪ کي ضرورت آهي.
***
25 جولاءِ 2016
منهنجي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ حميد جعفري نصير مرزا کي چيو ته غلام علي جي هن ڪتاب ۾ حيدرآباد جو ذڪر آهي، عالمن، اديبن، شاعرن جو بيان به آهي. حيدرآباد جي پاڙن ٽنڊن ۽ گهٽين جو ۽ پڻ باغن تعليمي ادارن جو ذڪر آهي. هيرآباد جي ماضيءَ واري حُسن سان گڏ ان جي تباهي جا بيان به آهن. بازار حُسن ۽ ڪوٺن ۽ ناچڻين جو احوال به آهن ته ان ڪري نصير مرزا کي آماده ڪيو، ڪتاب پڙهڻ ۽ مهاڳ لکڻ لاءِ. آفرين آهي نصير کي جنهن پندرهن ڏينهن جو واعدو ڪيو، پر ڏهن ٻارهن ڏينهن ۾ بهترين مهاڳ لکي ڏنو. نصير جو نثر لکڻ جو پنهنجو هڪ سڌو سادو، سٻاجهو دلين کي ڇهندڙ انداز رهيو آهي، هي مهاڳ به سائين ان ئي انداز ۾ لکيو آهي. مهاڳ ۾ پاڻ به ان دور جا واقعا بيان ڪيا آهن ۽ اسان جا گڏجي ڪيل ڪجهه پروگرام به ياد ڏياريا آهن، جيڪي مون کان ته بلڪل وسري ويا هئا، خاص طور تي 35 سال اڳ اسان جي گڏجي ڪيل ٽوئر جيڪو جهمپير جهڙي رومان پرور اسٽيشن جو سفر ۽ ڀر ۾ ئي شِوَ جي وڏي تاريخي مندر جي ياترا ڪئي ۽ پوءِ ڪينجهر ڪناري يارن سان رهاڻ بيان ڪري نه صرف مهاڳ کي خوبصورت بڻايو، پر مون کان اهو يادگار واقعو بلڪل وسري ويو هو، تنهن کي ياد ڪرائي انهيءَ جي لطف سان مون کي همڪنار ڪري ڄڻ احسان ڪيو آهي. انهيءَ ساڳئي سفر ۾ حيدرآباد کان جهمپير ويندي ريل گاڏيءَ ۾ مون ساڻ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو به رونما ٿيو هو جيڪو پڻ نصير ياد ڏياريو ته مون کي به سڄو واقعو ياد اچي ويو. ٿيو هينئن ته اسان حيدرآباد مان ٽرين ۾ سوار ٿي جهمپير لاءِ روانا ٿياسين. جڏهن ريل ڪوٽڙي جي پراڻي پل تان درياهه سنڌ مٿان گذري رهي هئي، درياهه سنڌ به فل تار هو، جڏهن اسان وارو ريل جو گاڏو درياهه جي بلڪل وچ تي پهتو هو ته مون دريءَ مان ٿورو ڪنڌ ٻاهر ڪڍي درياهه کي ٿي ڏٺو. تڏهن منهنجي مٿي تي پاتل نئين خوبصورت سنڌي ٽوپي هوا جي تيز جهڙپ ۾ اڏامي وئي ۽ هوا ۾ ڦرندي وڃي درياهه ۾ ڪري، دوست اهو لڪاءُ ڏسي افسوس سان گڏ انجواءِ به ڪرڻ لڳا، منهنجي حالت ڏسي کلن به پيا ۽ ڏک به ڪن پيا. مان جيڪو ڪنفيوز هئس، پر پوءِ اهو چئي ته يار اهو درياهه کي دان آهي. بهرحال هاڻ ته مون کي اهو واقعو ۽ سڄو ٽوئر ياد اچي ويو آهي. اهو واقعو منهنجي آتم ڪٿا ۾ شامل ناهي. حالانڪه اهو به لکڻ جهڙو آهي، پر خير آهي نصير مرزا ان کي ياد ڪري هن ڪٿا ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هاڻ انشاءَ الله جلدي ڪتاب پريس ۾ ڏيندس.
***
5 سيپٽمبر 2016
پنهنجي آتم ڪٿا لکي مڪمل ڪيم ته ڪتاب جي نالي جو مرحلو آيو. حميد ۽ مون پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته شاهه لطيف يا شيخ اياز جي ڪلام مان ڪو نالو تلاش ڪريون، بابل ۽ ٻين دوستن کان به مشورو ڪيوسين. ڪجهه نالا اسان گڏ ڪيا، ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ محترم نصير مرزا کي مسودو ڏنو ۽ ان کي به عرض ڪيو ته ڪتاب جي نالي لاءِ ڪا تجويز ڏيو ته پوءِ نصير صاحب ڪتاب پڙهي ان جو مختصر پر بهترين مهاڳ لکيو ۽ ڪتاب کي نالو ڏنائين “فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا” اسان کي اهو نالو ڪجهه عجيب لڳو. نصير مرزا سان صلاح ڪئي ته هن صاحب چيو ته اسان کي ڪتاب جو تجربو آهي، اهو نالو هر ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو ۽ تجسس پيدا ٿيندو ته هڪ فوٽوگرافر جي زندگيءَ جا رنگين ۽ عجيب و غريب واقعا هوندا ۽ اهي به سچا واقعا، جيڪي ماڻهو دلچسپي سان پڙهندا آهن. هونئن به اڄڪلهه ماڻهو شاعريءَ کان بيزار آهن ۽ آتم ڪٿا کي پسند ڪندا آهن. هي نالو ماڻهن جي توجهه حاصل ڪندو، ان جي مارڪيٽنگ سٺي ٿيندي. بهرحال پوءِ مون ۽ حميد به پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته نالو اهو ئي ٿا رکون. ڪتاب جي سر ورق تي وچ ۾ منهنجي تصوير آهي جنهن ۾ ڪئمرا سان فوٽو ڪڍي رهيو آهيان، مٿان ڪنڊ ۾ رفليڪٽر لائٽ جو شيڊ هيٺ پيو اچي. اهو سر ورق آهي. بيڪ ٽائيٽل تي مٿئين اڌ ۾ منهنجي جواني جي هڪ تصوير آهي جنهن ۾ مائو ڪيپ پاتل جنهن تي اڳيان مائو جو چمڪندڙ بيج، ڪارو چشمون، ڪلهن تي ڪاري ٿر جي لوئي ويڙهيل آهي. آئون مٿي ڏسي رهيو آهيان.
***
23 سيپٽمبر 2016
اڄ محترم غلام علي الانا صاحب جن سان مليس. سائين کي هفتو اڳ ڪتاب ڏيئي ۽ رونمائي جي تقريب جي صدارت لاءِ به عرض ڪيم. سائين جن چيو مان تمام گهڻو مصروف آهيان، پر آئون سوچيان ٿو. خير اڄ آئون سائين کان جواب وٺڻ لاءِ ويس، الانا صاحب جن چيو مون تنهنجو ڪتاب پڙهيو آهي، سٺو لکيل آهي. وري چيائون ته مون ڪتاب سڄو لفظ لفظ پڙهيو آهي، تنهنجي لکڻي دلچسپ آهي، سٺو ڪتاب لکيو آهي، پر سائين چيو مان ابراهيم جويو جي ان ڳالهه سان متفق نه آهيان ته تحريرن ۾ ٻولي ۽ گرامر جون ننڍيون ننڍيون غلطيون جائز آهن. الانا چيو اهو غلط آهي، تحريرون غلطين کان پاڪ هجڻ گهرجن. توهان جي هن ڪتاب ۾ به ٻوليءَ جون غلطيون آهن، تمام گهڻيون غلطيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر تاج جويو جهڙن کي ڏيکاريو ها ته درست هو. بهرحال هاڻ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آيو ته ان کي آئون درست ڪري ڏيندس. سچ ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو الانا صاحب منهنجي ڪتاب جي تعريف ڪئي ۽ وڌيڪ خوشي ۽ حيرت ان تي ٿي جو الانا صاحب جن پاڻ آفر ڪئي ته ٻئي ڇاپي کان اڳ سائين جن پاڻ ٻوليءَ جون درستگيون ڪندا. سائين جي اها ڳالهه مون لاءِ اعزاز آهي.
***