ادبنئون

ڊائري جا ورق

اڳي سنڌو درياهه دل ۾ جولان آڻيندڙ دٻدٻي سان وهندو هو ۽ هاڻي اکين مان لڙندڙ لڙڪن جي لار جيان وهي ٿو.
پوءِ به چئون ٿا ته اوهين پڄرو ۽ کامو ڇو ٿا؟ جن پٽن کان ماءُ جي ڇاتي جو کير کسيو وڃي، اُهي باغي نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟
***
هڪ چيو: منهنجي منزل هي آهي.
ٻئي چيو: منهنجي منزل هو آهي.
مان چوان ٿو ته ماڻهو جي ڪا آخري منزل ڪٿي نٿي سگهي. ڪالهه جيڪا انسان جي منزل هئي. اڄ انسان اُن کان اُتاهين منزل تي آهي ۽ سڀان جي منزل لاءِ، انسان وڙهي رهيو آهي. انهي سڀان جي منزل تي رسڻ کانپوءِ، انسان وري نئين منزل جي تلاش لاءِ اڳتي وڌڻ شروع ڪندو. انسان جي منزل لاءِ جدوجهد فطرت جي جنم کان شروع ٿي آهي، ۽ اُها ابد تائين جاري رهندي.
***
آئون جڏهن ڪنهن تاريخي سفر تي اُسهندو آهيان ته مون کي تنهنجي ياد اڃان به شدت سان ايندي آهي. انهي ڪاڻ جو تنهنجو منهنجو رشتو انهن تاريخي کنڊرن ۾ دفن ٿيل آهي. اهي تاريخي يادگار تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ازلي رشتو ٻڌائيندا آهن. تنهنجي منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪا اڄ جي ڪانهي. مان توکي ازل کان سڃاڻان ٿو.
***
شاگرد اڳواڻ مون وٽ آيا. چيائون: “اسان ڪاليج جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ تعليمي ماحول بحال ڪرڻ لاءِ ڪاليج سڌار تنظيم ٺاهي آهي. ٻين استادن کان به تجويزون ورتيون اٿئون. توهانجون ڪي تجويزون؟ مون چيو “منهنجي پهرين ۽ آخري تجويز ته توهان ڪاليج ڇڏي وڃو” وراڻيائون “ڇو؟” مون چيو: مون توهان کي ڪڏهن به ڪلاسن ۾ يا اڪيڊمڪ ماحول ۾ ناهي ڏٺو. ڪتابن سان توهانجي دشمني، ڪاليج ۾ غنڊه گردي اوهانجي طفيل پلجي. اوهانجي هليا ويا ته سڪون ٿي ويندو. اوهان کانسواءِ باقي شاگرد پڙهڻ چاهين ٿا. ڪاليج جو ماحول خود به خود سڌري ويندو”
ليڊر سخت برهمي مان گاريون ڏيندا هليا ويا. مون کي اُنهن کان ڪابه چڙ ناهي. اُنهن جون ڏنل اُهي گاريون، اڄ به مان پاڻ لاءِ اعزاز ڀانيان ٿو.
***
وقت بدلجي ويندو آهي. حالتون به بدلجي وينديون آهن. ڏسندي ڏسندي ننڍڙا ماڻهو وڏا ٿي ويندا آهن. اڃان ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي آئون توکي “ننڍڙا” ڪري مخاطب ٿيندو هئس. تڏهن تون واقعي ننڍڙو ته ڇا، پر پتڪڙو هوئين ۽ هاڻ وقت گذرڻ سان تون وڏو ٿي ويو آهين.
مان مڃان ٿو ته ڪالهه جو وقت هو. اڄ اُهو ناهي، اڄ جهڙو وقت سڀاڻ نه رهندو، پر روح جا رشتا سدائين جواڻ رهن، انهيءَ ڪري ته تون مون وٽ سدائين ساڳي حيثيت ۾ رهندين ۽ توکي سدائين “ننڍڙو” ڪري مخاطب ٿيندس.
***
سڄي سنڌ ۾ اکين جي بيماري ائين ڦهلجي ويئي آهي، جيئن مارشل لا ريگيوليشن. وستي واهڻ، ڳوٺ شهر جيڏانهن نهاريو هي بيماري ڪر کنيو بيٺي آهي. ڏتڙيل سنڌ ۾ جتي بک بيروزگاري، بي پاڙي ول جيان وڌي ويجهي ٿي، جتي سور صدين کان سانگين جا سند سند ساڻا ڪن ٿا، اُتي بيماريون به وري ور ڏيو اچيو سنڌ تي ڪڙڪن.
***
لتا راڳ جي ارتقا جي هزارين سالن جي تاريخ جو نچوڙ آهي. آئون لتا لاءِ صرف ايترو چوندس ته سُر مان سرجيو سارو سنسار.
***
ليڊر پاڻ کي عوام مان چونڊائي حڪمران ٿيندو آهي ۽ ساڳيو ئي ليڊر چونڊجڻ کانپوءِ عوام ۾ باڊي گارڊن سان هلندو آهي، ليڊر جو ٺهريو!؟
***
مون تي الزام ٿا ڌريو ته مان اُگهاڙو ٿو لکان؟ مون حويلين ۽ ڪوٽن ۾ سواءِ اُگهاڙپ جي ٻيو ڏٺو ئي ڪجهه ناهي ته، پوءِ ٻيو ڇا لکان؟ توهان پنهنجا الزام مون تي مڙهي پاڻ کي ڏوهاري هئڻ کان بچائي نٿا سگهو. حويليون ۽ ڪوٽ ڪيستائين ڪوڙ لڪائيندا، محلن جو ڀرم هاڻ ٽٽي رهيو آهي.
***
ها! مان مڃان ٿو مون کي جهرنا سان پيار آهي. جهرنا سموري سونهن آهي، ۽ مان سونهن جو پوڄاري. جيڪي انقلابي پنهنجي سورهيائي جي واکاڻ ڪندي نٿا ڍاپن ۽ چون ٿا ته انقلاب جو سونهن سان ڇا؟ تن کي ڪهڙي خبر ته سونهن سچائي آهي، ۽ سچائي هر انقلاب جو بنيادي عنصر هوندو آهي. اهڙا انقلابي، انقلاب کان سوين ڪوهه اوراهان آهن.
***
منهنجي مخالفت ئي منهنجو تعارف آهي.
***