بلاگنئون

لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال جي سزا

ڪنھن جي به سڪون ۽ ڪم ۾ ڪنھن به طرح سان خلل پيدا ڪري ڪنھن کي اذيت رسائڻ ڪنھن به تھذيب، مذھب ۽ معاشري ۾ نامناسب ۽ ناپسنديده عمل آھي، اسان وٽ مختلف جڳهين جھڙوڪ: بازارن، ھوٽلن، عوامي ميڙن وارين جڳهين، گھٽين يا روڊن تي مختلف شيون وڪڻڻ ۽ ٻين جڳهين، جن ۾ شادي ھال ۽ جلسن جا گرائونڊ اچي وڃن ٿا جتي مختلف موقعن تي لائوڊ اسپيڪر (ايڪو سائونڊ) کي ماڻھن تائين آواز کي وڏو ڪري پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، اهڙيءَ طرح مسجدن ۾ پڻ اذان کان علاوه رات جي وقت مختلف مقصدن لاءِ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ٿيندو آھي، جنھن سان آسپاس جي ماڻھن جي، ننڊ ۽ سڪون ۾ خلل پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. مريضن جي تڪليفن ۾ اضافو ۽ شاگرد جي پڙھائين ۾ رخنا پوندا آھن، سڀني جي ڄاڻ لاءِ چٽو ٿو ڪجي ٿو ته سڄي ملڪ ۾ لائوڊ اسپيڪر جي غير ضروري ۽ غلط استعمال تي قانوني پابندي لاڳو آھي، جنھن کي قانون ۾ چٽو ڪري لاڳو ڪيو ويو آھي ۽ سزائون به مقرر ڪيل آھن.
The W.P. Regulation and Control of Loudspeaker and Sound Amplifiers Ordinance 1995
واري قانون (آرڊيننس) تحت لائوڊ اسپيڪر جي غلط ۽ نقصانڪار استعمال تي پابنديون ۽ سزائون لاڳو آھن، مجاز پوليس آفيسر ڏوھ ڪندڙ کي بغير وارنٽ جي گرفتار ڪري، ان جو سمورو سامان فورس جي استعمال سان ضبط ڪري سگھي ٿو، ان تي ڪيس داخل ڪري ان کي عدالت ۾ چالان ڪري سگھي ٿو.
پابندين جا تفصيل: مذڪورا آرڊيننس جي آرٽيڪل نمبر 2 شق (1) مطابق لائوڊ اسپيڪر تي هيٺيون قانوني پابنديون لاڳو آھن. (1) لائوڊ اسپيڪر کي ماڻھن جي عام جڳهين تي ان انداز سان استعمال نه ٿو ڪري سگھجي جنھن سان ماڻھن کي تڪليف رسي. (2) ڪنھن به عبادت گاھ (مسجد، مندر، گرجا گھر يا ڪا ٻي جڳهه) جي ويجھو عبادتن جي وقت دوران لائوڊ اسپيڪر جو اھڙي طرح استعمال نٿو ڪري سگھجي جنھن سان عبادتن جي ادائگين ۾ خلل پوي. (3) ڪنهن اسپتال جي ويجهي جتي علاج خاطر مريض اچن يا داخل ڪيا وڃن اتي به لائوڊ اسپيڪر جو استعمال نٿو ڪري سگھجي. (4) ڪنھن تعليمي اداري، عدالت ٻين ادارن يا آفيسن ويجھو به انھن وقتن تي لائوڊ اسپيڪر جو استعمال نٿو ڪري سگھجي جن وقتن ۾ انھن جڳهين اندر ڪم ڪار ھلندا ھجن. (5) ڪنھن مسجد، مندر، گرجا گھر، يا ٻين عبادت گاھن اندر به لائوڊ اسپيڪر جو اھڙو استعمال نٿو ڪري سگھجي جو ان جو وڏو آواز ٻاھر ويندو ھجي ۽ ماڻھن کي مختلف طريقن سان متاثر ڪندو ھجي سواءِ اذان ڏيڻ جي. (6) ڪنھن سرڪاري يا خانگي جاءِ تي اختلافي نوعيت جي تقريرن جي لاءِ به لائوڊ اسپيڪر استعمال نٿو ڪري سگھجي، جنھن سان ڪنھن طرح جي بدامني پيدا ٿيڻ جو امڪان ھجي، جڏھن ته آرٽيڪل جي ذيلي حصي 2 مطابق ھي پابنديون، جمع نماز، عيدالفطر، عيدالاضحيٰ جي نمازن جي خطبن يا خطابن تي لاڳو نه ھونديون، تڏھن جڏھن لائوڊ اسپيڪر جو آواز مناسب ھجي.
سزائون: ذڪر ٿيل قانون جي آرٽيڪل نمبر 3 مطابق ڪو به شخص، لائوڊ اسپيڪر جي استعمال بابت لاڳو پابندين جي خلاف ورزي ڪندو ته عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ان کي ھڪ مھينو قيد جي يا 200 رپيا ڏنڊ جي يا ٻئي سزائون گڏ ڏئي سگھي ٿي.
پوليس آفيسر جا پاور: مذڪوره قانون جي آرٽيڪل 4 مطابق، پوليس جي سب انسپيڪٽر، يا انسپيڪٽر کي اھو قانوني اختيار حاصل آھي ته ھو اھڙي لائوڊ اسپيڪر يا ان طرح آواز بلند ڪندڙ ڪنھن ٻئي اوزار کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي، جنھن کي ڪنھن ڏوھ ۾ استعمال ڪيو پئي ويو، يا اھڙين شين جو ڪنھن جرم ۾ استعمال ٿيئڻ جو امڪان يا شڪ ھجي. ان طرح مجاز پوليس آفيسر قبضي ۾ ورتل سامان عدالت آڏو چارج شيٽ سان پيش ڪرڻ جو پابند ھوندو. ساڳئي قانون جي آرٽيڪل 5 مطابق لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال وارو ڏوھ قابلِ دست اندازي پوليس ڏوھ آھي، جنھن خلاف مجاز پوليس آفيسر کي ڪنھن عدالتي وارنٽ جي به ضرورت نه آھي، مذڪوره قانون (آرڊيننس) جي آرٽيڪل 7 مطابق عدالت خود به غلط استعمال ٿيندڙ لائوڊ اسپيڪر يا ٻيو سامان جيڪو شور جو سبب ھجي ان کي ضبط ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪري سگھي ٿي، عام طرح لائوڊ اسپيڪر جي استعمال سان شھرن ۾ مختلف شين جو وڪرو ڪيو ويندو آھي، اھو عمل لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال وارو عمل آھي، شيون وڪڻڻ وارا پھرين ٿاڻن ٿي وڃي پوليس کان اجازت گھرندا آھن، پوليس انھن کي مشروط اجازت ڏيندي آھي، پابند ڪندي آھي ته لائوڊ اسپيڪر جو آواز ماڻھن لاءِ شور جھڙو آواز نه بڻجي، پر اھڙي ڪا به اجازت صرف زباني ۽ مشروط ھوندي آھي، شادي ھجي يا گھر جي ڪا خوشي جي محفل، وڏي آواز ۾ لائوڊ اسپيڪر جو اھڙو استعمال جيڪو پاڙي وارن جون ننڊون ڦٽائي سو غير قانوني آھي. بسن، رڪشائن، موٽرسائيڪلن، ٽريڪٽرن ۽ ٻين گاڏين ۾ لڳل شور وڌائڻ وارا اسپيڪر يا شور پيدا ڪرڻ وارا ھارن به غير قانوني آھن.