هاڻ سڻڀ سان ڀرپور کاڌا کائڻ سان وزن نه وڌندو
ماهرين حياتيات دريافت ڪيو آهي ته انساني جسم ۾ موجود پروٽين جي هڪ خاص جزو کي روڪيو وڃي ته سڻڀ وارو کاڌو کائڻ سان پڻ وزن نه وڌندو ۽ ميٽابولڪ توازن بحال رهندو. ماهرين حياتيات ڪوئن تي ڪيل تجربي مان پتو لڳايو آهي ته بدن مان پروٽين AMPK جي جزي SAPS3 کي جيڪڏهن ختم ڪيو وڃي ته وڌيڪ سڻڀ واري خوراڪ کائڻ جي باوجود توانائي جو توازن برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کان علاوه هيءَ دريافت SAPS3 جي روڪٿام کي نشانو بڻائي موٽاپي، ذيابيطس ۽ ٻين ميٽابولڪ مرضن ۾ مدد پڻ فراهم ڪري سگهي ٿي.

