جيون ۾ ڪجهه خواب ھئا پيارا (ڪهاڻي)
جيون ۾ ڪجھ خواب ھئا پيارا
سياري جي شام ۾ ڌندلي اس ۽ ٿڌي ھوائن ۾ ھن جا وار اڏرڻ لڳا، اکين ۾ ڪجل، ڪارا ڊگھا وار، سانوري رنگت پرڪشش چھرو، سنھي ڊگھي تبسم جا وصف بي حد پيارا ھئا.
پنھنجي وارن جي چڳن کي جوڙي جي شڪل ۾ ٻڌڻ لڳي، جيڪي کيس ڊائجسٽ پڙھڻ وقت مسلسل تنگ ڪري رھيا ھئا،
پيييييييپ پييييييييپ
گاڏي جي ھارن ھن جو ڌيان مٽي ورتو،
ھو ڪاوڙجي ڪرسي تان اٿي، منڍي اولي مان ڪڍي چاچي سارنگ کي ڇڙپ ڏيندي ھارن بند ڪرڻ جو چيائين، جيڪو سندن پراڻو ڊرائيور پڻ ھو، ڪھاڻي جو سڄو مزو خراب ڪري ڇڏيائين، ھو واپس ڀڻڪندي ڪرسي تي اچي ويٺي، ڊائجسٽ کي کولي پنھنجو چشمو ٺيڪ ڪيائين جيڪو اڪثر ھر مھيني مٽائيندي ھئي، تبسم….! جي امي ھن ھاڻ انتهائي ڪاوڙ واري سائن ڏيندي پنھنجي ماءُ کي وراڻيو، ھيڏانھن اچ، ماءُ جي سڏ تي ھو بيزاري منجھان ڪرسي تان اٿي، وري ڪھڙو ڪم آھي امي….؟ خبر به اٿو ته مون ڊائجسٽ پئي پڙھيو…. سڄو ڏينھن ڪھاڻيون پڙھي پڙھي چري ٿي وينديئن، ڇڏ انھن ناولن کي اچ رڌو پڪو سک، نه امي…..! ھن فلمي انداز ۾ پنھنجي رئي کي ورائي ماءُ کي انڪار ڪيو….. آپا ڇا ته شبنم جي ڪھاڻي آھي….. ڇا ته ھن جا انداز آھن سندس وصف مون کي مون جھڙا پيا لڳن، ھن آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي ڪھاڻي جي ڪردار شبنم جھڙو پئي ڀانيو، سندس وڏي ڀيڻ ازرا ھن جي نئين ڪردار ۾ گم ٿيڻ واري انداز تي کلڻ لڳي….. ھاھاھا وري ڪھڙو ڪردار پاڻ ۾ قيد ڪيو اٿئي…..؟ ھر روز ٿي نئين ڪھاڻي پڙھين ڪڏھن شبنم ته ڪڏھن ڪجھ ٻيو
سندس ڀيڻ ڪمري جي دري مان ليئو پائي چيس، رڌڻي ۾ چانورن کي دم ڏيندي سندس ماءَ چيو، مون کي تنھنجي وڏي ڳڻتي آھي…. الائجي تنھنجو ڇا ٿيندو، ڪھاڻين ۽ حقيقت جي دنيا ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي، پر تون اھا ڳالھ سمجھين ڪانه ٿي، ڊونٽ وري امي، آئون شبنم جيان زندگي ۾ اھو سڀ ڪجھ حاصل ڪندس جيڪو منھنجي دل جو ارمان آھي، ڪھڙي شبنم؟ ماءَ ٻوڙ چکيندي پڇيس… ھٿ ۾ جھليل ڊائجسٽ کي رڌڻي ڏانهن کڻي آئي، شبنم جو نالو پڙھائي پنھنجي ماءَ کي چيائين ھي آھي شبنم….. آئون ته تنگ ٿي پئي آھيان تنھنجي انھي خيالي دنيا کان، ماءَ پريشاني مان چيو، اڃان ته تنھنجو رشتو به ڪرڻو آھي، مون کي ته منھنجي خوابن جو شھزادو کپي…… وري ڪھڙو شھزادو……؟ پنھنجي چڳن کي ھٿ سان ورائيندي ھن نخريلي انداز ۾ چيو. فواد خان جھڙو….. اھو وري ڪير آھي…..؟ سندس وڏي ڀيڻ ازرا ڪمري مان رڙ ڪري چيو امي جيڪو ھمسفر ڊرامي جو ھيرو ڪونه ھو اھو….. پنھنجي ڌي تبسم جي پسند تي ماءَ وات تي رئو ڏيئي کل ۾ ٻڏي وئي….. امي توھان ڀلي کلو، تبسم ڪاوڙجي پنھنجي ڪمري ڏانھن وئي.
چوڏهين جي چنڊ جي چمڪاٽ کيس گھڻو متاثر ڪرڻ لڳي، ھو ڊائجسٽ کي ٽيبل تي رکي پاڻ بالڪوني جي گرل تي ھٿ ڀڪوڙي، ھڪ ٽڪ چنڊ ڏانھن نھارڻ لڳي، ھميشه جيان پنھنجي خيالن جي دنيا ۾ غائب ٿيندي رھي، سندس اکين ۾ الڳ روپ جي روشني اجاگر ٿيڻ لڳي، لب مسڪرائڻ لڳا، دل ۾ پريت جو نئون ڌاڳو ڳنڊجڻ لڳو ھئس، ڇو ته رانگ نمبر تان ڳالھائڻ وارو ڇوڪرو شاھزيب ھاڻ ھن کي پنھنجي ڊائجسٽ جي ڪھاڻي جي من پسند ڪردار جو عڪس ڏيڻ لڳو ھو.
ٽييييين ٽييييييين
ٽيبل تي پيل موبائل فون تي رنگ وڳي، ھوءَ ڇرڪي مرڪندي پنھنجي فلمي انداز ۾ اڏامندڙ وار کڻي ڊوڙي، فون تي شاھزيب جو نمبر ڏسي ھن جي مرڪ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو…… باليووڊ جي فلمن جو به ھن تي گھڻو اثر ھو. انھي جي ڪري ئي ھو پاڻ کي اداڪاره پڻ سمجھندي ھئي، مطلب ته ھو ھر انداز کان پنھنجي مٽ پاڻ ھئي، چند گھڙين ۾ ھڪ ڪردار کان ٻئي ڪردار جي زندگي ۾ ڍلجي وڃڻ ڪو آسان ڪم نه هو، پر ھو شايد ھر رنگ ۾ رنگجڻ جھڙي ھئي، رئي جي پلئو کي وات ۾ وجھي شرمائيندي ڪال کيائين، اسلام عليڪم، وعليڪم اسلام آئون ڪيڏو نه خوش قسمت آھيان، جو توھان جھڙي محبوبا ملي اٿم، ھو شرمائي موبائل کنيو واپس بالڪوني وٽ آئي، چنڊ جي چانڊاڻ ڪيڏي نه پياري آھي، ھن شاھزيب کي نخريلي انداز ۾ چيو، جنھن سندس ڳالھ کي ڳنڍ ڏيئي چنڊ جي شاعراڻي انداز ۾ تعريف ڪئي، جيڪو ٻڌي ھو شاھزيب جي محبت جي رنگ ۾ پھريان کان وڌيڪ رنگجي وئي، پوءِ ڪڏھن ملون آئون ھاڻ توھان سان ملڻ ٿي چاھيان توھان کي روبرو ڏسڻ ٿي چاھيان، پاڻ کي ڳالھائيندي ٻه مھينه گذري ويا آھن، شاھزيب سندس ھا ۾ ها ملائي ٻي ڏينھن شام جو ٥ وڳي جو ٽائيم طئي ٿيو، هن ملاقات جي خوشي ۾ ھڪ دم ڪال ڪٽي، ۽ گانو ڳائيندي پنھنجي ماءَ ڏانھن آئي. وارن کي ھٿ ڦيريندي ھو ماءَ جي ڀر ۾ اچي ويٺي،
ٽي وي جو آواز ريموٽ سان گھٽائي سندس ماءَ گھڻي دير عجب مان نهاري پڇيس خير ته آھي، اڄ آئون ڪيئن ياد آئي آھيان، توکي ته ڊائجسٽ ۽ پنھنجي خيالي دنيا مان فرصت ئي ڪانه ملندي آھي، اڙي امي ڇڏيو نه، ھن ٻئي ٻانھون کولي ماءَ کي ڀاڪر پائي چيو، سڀاڻي سائره جي گھر وڃان….؟ ڇو…..؟ سندس ماءَ سوالي انداز مان پڇيو….. امي ھن جي طبعيت ٺيڪ ڪانه ھئي، سوچو اٿم پڇي اچانس۔ وڃجان پر وقت تي گھر اچي وڃجان نه ته تنھنجو پي ڪاوڙجي پوندو…. حاضر امي جان….. ھو رئي کي ھوا ۾ اڏائيندي پنھنجي ڪمري ڏانھن وئي…..
صبح جا ١١ ٿيندي ئي تبسم پنھنجو زرق برق جوڙو پھري، وار کليل، اکين ۾ ڪجل، ڳاڙهي لپ اسٽڪ، ڪنن ۾ واليون، ھٿن ۾ چوڙيون پھري، ٻانھن تي چادر رکي ڪمري مان نڪتي…… اس ۾ کٽ تي ويٺل سندس ماءَ چانور چونڊيندي حيرت مان ڏسي چيس….. ڇو امان ڪنھن جي شادي آھي جو ايترو تيار ٿي پئي وڃين، سن گلاسز لڳائي، ھن مرڪي چيو امي مڙئي ھجي سرتين کي ساڙ، منھنجي فيشن مان ھميشه متاثر رھيون آھن…… امي ڇڏيوس خبر ته اٿو ھن جي نخرن جي سندس وڏي ڀيڻ ازرا مشين تي ٽوپو ڏيندي چيو…. ھل ھاڻ چادر چڱي طرح پھري پوءِ وڃ…. جي امي….. اوڪي بائي….. ھو ماءَ ۽ ڀيڻ کان موڪلائي گھر کان نڪتي….. شاھزيب کي ٻڌايل پتي تي پھچي ھن رڪشي واري کي بيهاريو، پنھنجي گولڊن رنگ جي چمڪدار پرس مان ڪرايو ڪڍي پاڻ رڪشا مان لٿي….. ھٿ ۾ جھليل موبائل کي ڪن تي رکي ھوٽل جي ڀرسان اچي بيٺي….. ڪٿي آھيو…..؟ ھن شرمائي شاھزيب کان پڇيو….. جنھن کيس ٻڌايو ته ھو ڪلاڪ کان ھن جي انتظار ۾ ھوٽل ۾ ويٺو آھي….. اھو ٻڌي ھن پنھنجي سن گلاسز کي وارن ۾ لڳايو، چادر لاھي پرس ۾ وڌي….. وارن کي اسٽريٽنر سان لسو ڪري آئي ھئي، تنھنڪري ھر ھر پئي وارن کي ٺاھيئين. پرس مان آئينو ڪڍي پنھنجي منھن جي چڪاس ڪري، ھاڻ اندر وڃڻ جي ڪيائين…… آچر ھجڻ جي ڪري ھوٽل جي حال ۾ چڳي خاصي رش ھئي، تنھنڪري ڪائونٽر وٽ بيھي ھيڏانھن ھوڏانھن وائڙن جيان پئي نھاريائين…… ھاڻ ٻيھر ڪن تي فون رکي شاھزيب ڏانھن ڪال ڪيائين….. جنھن کيس ٻڌايو ته ھو ڪنڊ واري آخري ٽيبل تي ويٺل آھي….. ھو ڪن تي فون رکيو اوڏانھن وڃڻ لڳي…… اسلام عليڪم…… شاھزيب جو آواز ٻڌي ھو ڇرڪي پئي….. ويھو ويھو شاھزيب کيس ويھڻ جو چيو…. ھو گھٻرائيندي ڪرسي تي ويٺي….. شاھزيب کي ڏسي سندس وايون بتال ٿي ويون، ڪھاڻي جو ھيرو سمجھڻ وارو شاھزيب حقيقت ۾ کيس موالي پئي لڳو…. تيل ۾ چوپڙيل ڪارا وار، ٻانھن ۾ چاندي جا ڪنٺا، تيز فيروزي رنگ جو وڳو، اکيون ڳاڙهيون نشي ۾ ڀريل اھو سڀ ڏسي ھو پريشان حال ڪرسي تان اٿي، ڪيڏانھن پيا وڃو…..؟ ڪجھ کائو ته شاھزيب کيس گھڻي روڪڻ جي ڪئي، پر ھو ڪانه مڙي… سھڪندي سھڪندي اچي رڪشا ۾ ويٺي…. لڙڪ ڳلن تي پھچي ويا ھئس سموري خيالي دنيا ھڪ ئي وقت ۾ اجڙي ويس….. ھو پڇتائيندي ٽٽل خوابن جي ذرن کي ڳنڍيندي گھر ڏانهن ويندي اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي دل ۾ سوچڻ لڳي امي سچ چوندي آهي، ڪھاڻين ۽ حقيقي دنيا ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق ھوندو آھي….

