بلاگ

علم يا ڏاهپ جي شفافيت جو سوال

علمي رجحان، نظرين ۽ نڪتن جي تضادن، جي مطالعي کان پوءِ هڪ شفاف راءِ جو اظهار يا هڪ واضح موقف تائين رسائي يا ثابت قدمي اڄوڪي دانشمندن لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهي. جن ۾ مذهب، ادب، تصوف، فلسفو، وجوديت، جديديت، جديديت پڄاڻان، تشڪيل رد تشڪيل، سائنس، مصنوعي ڏاهپ قابل ذڪر آهن.

ساختيات

مرڪز تشڪيل کان ٻاھر يا اندر الڳ جوهر

پيٽرن سڄي بناوٽ جي هر نڪتي کي مرڪز جي صورت ۾ ڏسڻ

پيٽرن جو تصور تصوف سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيئن خدا هر شئي ۾ موجود آهي بحوالا رولان بارت.

تصوف: موجود ۽عدم جي فرق کي ختم ڪيو وڃي، جسماني دنيا فريب نظر آهي، اصل ڪائنات جسم کان ماورا آهي، هي رد تشڪيل جو عمل آهي. تصوف مرڪز کي بناوٽ جي اندر يا ٻاهر هڪ الڳ جز طور مڃڻ بجاءِ بناوٽ ۾ شامل قرار ڏنو. اهڙي طرح وحدت الوجود مسلڪ جي طرف پيش قدمي عمل ۾ آئي.

بحوالا تنقيد، وزير آغا 1989

جديديت

عوام، صارفين، ماس ڪلچر، ڪلچر انڊسٽري جي محاذ تي تشڪيل، رد تشڪيل، سرمايه داري، ڪميونزم ۽ تصوف سڀ هڪ ٿي ويا آهن. هي سڀ مرڪز، مها بيانيي، جوهر کان انڪار تي هڪ ٿي پيا آهن.

ڪميونزم: ذاتي ملڪيت کان انڪار، عوام جي آزادي، فرد نه سماج يا رياست اهم آهي.

سرمائيداري: صارف، منڊي، آزاد تجارت

تصوف: جز کان انڪار، وحدت، ڪل جي ڳالھ

تشڪيل، رد تشڪيل: مرڪز يا معنيٰ کان انڪار وحدت، عوام جو آواز

جديديت پڄاڻان: حقيقت معروضي نه، پر هڪ اضافي حقيقت آهي، جيڪا زبان، ثقافت ۽ سماج سان مشروط آهي. ڪو به فن جو نمونو ٻين کان اعليٰ يا منفرد ناهي ڇاڪاڻ ته هن اڳ ۾ موجود متن جي ڪک مان جنم ورتو آهي.

مشل فوڪو، بارت: انفراديت، تخليقيت، خودي، موضوعيت جي حوالي سان انسان جي سڃاڻپ جو تصور فضول، غلط، شعور ذات آهي.

نتيجو: انفراديت، تخليقيت، خودي جي نفي ۽ ان ۾ راحت جو اعلان تصوف سڀني کان اڳ ڪري چڪو آهي، جنھن جي تصديق جديديت پڄاڻان اڄ ڪئي آهي. تصور ذات يا خودي ڪجھ به ناهي سواءِ مسلسل تبديل ٿيندڙ مظاهر، غير مستحڪم، نامڪمل آرزو جي. بحوالا اقبال آفاقي.

جديد طبعيات: شئي بجاءِ خود رشتن جي اڪائي يا وحدت آهي.

فريڊرڪ نيٽشي: وجوديت جي فلسفي شاعر جو مرڪز، جوهر جي موت جي اعلان ۽ تصوف جي جز کان انڪار ۾ ڪافي تعلق نظر اچي ٿو، جنھن مان لڳي ٿو ته سارتر، نيٽشي ۽ تصوف هڪ نتيجي تي پهچن ٿا. هن جي خدا کان انڪار جو مطلب جوهر، مرڪز کان انڪار آهي.

بحوالا سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، غفور ميمڻ ص، 457

مذهب، تصوف ۽ ادب ۾ علم کان انڪار: تازو جامي چانڊيي هڪ سيمينار ايڪيهين صدي ۾ علم جون وسعتون ۾ چيو ته مذهب، تصوف ۽ ادب ۾ علم ناهي، رڳو عقيدو، وجدان ۽ تخليق آهي جنهن کي علم طور قبول نه ٿو ڪري سگھجي، علم لاءِ تشڪيڪ لازمي عنصر آهي. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته علم جا بنيادي يا ابتدائي ماخذ اهي ٽي ذريعا رهيا آهن، سائنس تمام دير سان وجود ۾ آئي آهي. علم يا فلسفي جي ابتدائي ماخذن کان انڪار ڪئين ممڪن آهي؟ ان انڪار کانپوءِ اسان جديد ادب ۽ قديم يوناني فلسفي کي ڪٿي رکنداسين؟

ارسطو ۽ افلاطون ڪٿي بيهندا؟

مولانا جلال الدين رومي، فردوسي، علامه اقبال، علامه نياز فتح پوري کي ڪٿي ڳولينداسين؟

يورپ جي يونيورسٽين اقبال، رومي، فردوسي جي علم تائين رسائي لاءِ مشرقي علوم جا شعبه قائم ڪري رکيا آهن، جن ۾ مذهب، ادب ۽ تصوف جي علم جا ترجما ڪيا پيا وڃن، ڇا اهو غير علمي ڪم پيا ڪن.؟

يا مغرب جا اهي اسڪالر جن مشرقي علوم مذهب، ادب ۽ تصوف تي پي ايڇ ڊي سطح جو تحقيقي ڪم ڪيو ان جي ڪا به اهميت ناهي؟

بقول جامي چانڊيي جي اسلامي تهذيب چار سو سالن تائين سائنسي علم سان منسلڪ رهي، پوءِ زوال جو شڪار بڻجي وئي، جڏھن هنن تشڪيڪ جي مخالفت ڪئي. خود يوناني تهذيب جو نالو نشان نه رهيو آهي.

ادب يا تخليق جو بنياد ادراڪ ۽ احساس رهيا آهن جيڪي انساني سماج جي معنيٰ، مقصد جو سبب رهيا آهن. فلسفي جو بنياد منطق، استدلال، حواس خمسه رهيا آهن، جڏهن ته سائنس مشاهدي ۽ تجربي مان ڦٽي نڪتي آهي. سياست انساني سماج، رياست، حڪومت جي جوڙجڪ ۽ طاقت جي تاڃي پيٽي جي حڪمت عملي رهي آهي. انهن سمورن علمن جا بنياد الڳ الڳ، پر مقصد فطرت تي قابو پائڻ ۽ انساني سماج تي گرفت برقرار رکڻ رهيو آهي. فطري سائنس مادي ترقي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي. فلسفي، مذهب انساني سماج تي طاقتور ۽ عيار فردن جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ادب ۽ تصوف انساني سماج تي جابر طبقي جي قبضي خلاف آواز بلند ڪرڻ سان گڏوگڏ مزاحمت لاءِ راھ ھموار ڪندو رهيو آهي. مذڪوره جائزي کانپوءِ رڳو فطري سائنس کي مڃڻ ۽ باقي علم ۽ معرفت جي ذريعن کان انڪار ڪرڻ مناسب ناهي. سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات عام هجي اتي مذهب، ادب ۽ تصوف لاءِ اهو چوڻ آهي ته انهن ۾ علم ناهي اهي رڳو جذباتي، احساساتي ڳالهيون ڪندڙ آهن. جڏهن ته سامراج کي چئلينج ڪندڙ اهي ئي ذريعا ڪارگر رهيا آهن. انگريز سامراج خلاف تحريڪن ۾ مولانا، علماءَ، اديب شريڪ رهيا آهن. سامراج جي سهولت ڪار رڳو اشرافيه رهي آهي جيڪا حڪومت ۽ سماج تي قابض رهندي آئي آهي. سرپرستي ۽ ڪفالت تي هلندڙ ادارا ۽ فرد سائنس، سرمايه دار، ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال بجاءِ مذهب، ادب ۽ تصوف کي غير علمي چئي ان جي اهميت کي گهٽائڻ تي زور ڏيڻ مان ڇا مراد وٺي سگهجي ٿي. سرپرستي ۽ ڪفالت تي ڪم ڪندڙ ادارا ۽ فرد يا سول سوسائٽي جون شخصيتون اڻ سڌي طرح ڪفيل جي منشا يا مقصدن تحت اھڙا موضوع ۽ منشور کڻي سماج ۾ ڪم ڪن ٿا، جن کي پڻ تشڪيڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪٿي هو ڪنهن بيروني ايجندا تي ته ڪم نه پيا ڪن يا سماج تي قابو پائڻ تحت ڪو خاص مقصد ته نه ٿا رکن؟

سرپرستي يا ڪفالت تحت هلندڙ پراجيڪٽ اڪثر اصل مالڪن جي خاص مقصدن تحت ڪم ڪندا آهن. جنهن لاءِ انهن کي مقرر فنڊ يا امدادي رقم مليل هوندي آهي. جنھن کي خرچ ڪرڻ لاءِ هو گهربل پروگرام ڪندا رهندا آهن. جن ۾ اين جي اوز خاص طور تي ڪم ڪندڙ آهن.

سائنس، ٽيڪنالاجي، سرمايه داري رياست، حڪومت ۽ سماج کي رڳو اشرافيه جي گرفت ۾ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن ۽ باقي سماج يا عوام کي غلام رکڻ ۾ سهولت ڪار بڻيا آهن. جڏهن ته عوام جو آواز رڳو مذهب، ادب ۽ تصوف بڻيل آهن اهڙي حالت ۾ انهن کي گهٽ اهميت ڏيڻ يا غير اهم قرار ڏئي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو.؟

جتي مرڪز، مها بيانيي، اصول، اقدار، انساني همدردي کي مڪمل طور بيدخل ڪيو ويو آهي اتي مذهب، ادب ۽ تصوف جي ڪارج تي سوال اٿارڻ ڪافي گمان پيدا ڪري ورتا آهن. جڏهن حڪومتون ڪرپٽ هجن، سرمائيدار خود غرض ۽ بي رحم ٿي پيو هجي، ٽيڪنالاجي رڳو مارڪيٽ ڀرڻ ۾ پوري هجي، خريداري لاءِ ڪرپٽ حڪمران ۽ آفيسر يا خود سرمائيدار طبقو هجي عوام رڳو مهانگائي سبب جيئڻ تي لاچار هجي اتي مذهب، ادب ۽ تصوف کي علمي دائري مان بيدخل ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي، اتي گمان جو پيدا ٿيڻ يقيني آهي. ٽيڪنالاجي، سرمائيداري، بدانتظامي جي عروج ۾ مذهب، ادب ۽ تصوف جي ترقيءَ، اڀار يا تحريڪ جو جنم يقيني آهي جنھن کي روڪڻ لاءِ هٿرادو ميڊيا مهم شروع ڪئي پئي وڃي.