حضور اڪرم محمد صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي جو مکيه واقعو معراج آهي. معراج کي “اسراءَ” به سڏيو وڃي ٿو ۽ اسراءَ جي معنيٰ رات جو پهر وٺي وڃڻ يا کڻي وڃڻ کي چئبو آهي. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم رات جو معراج تي ويا هئا، تنهنڪري ان کي اسراءَ سڏيو وڃي ٿو. معراج واري رات ٻنهي جهانن جا سردار ڪائنات جي رازن، اسرارن ۽ حقيقتن کان روشناس ٿيا ۽ ربِ ڪائنات سان ملاقات ڪيائون. شبِ معراج واري رات حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سواري لاءِ براق آندو ويو. براق لفظ برق مان نڪتل آهي، ان سواري جي براق سڏجڻ جو سبب هي آهي ته هُو بجلي کان به تيز هئي، بجلي جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ آهي. روايت آهي ته براق جي هڪ وک اتي پهچي ٿي جتي انسان جي نظر ڪم نٿي ڪيو. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن براق تي سوار ٿي بيت المقدس اچي لٿا براق تان لهي مسجدِ اقصيٰ لهي آيا، سڀني نبين ۽ ملائڪن سندن استقبال ڪيو. جنهن بعد پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي امامت هيٺ سڀني 2 رڪعتون نماز پڙهي مسجدِ اقصيٰ کان حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ٻاهر آيا ۽ حضرت جبرئيل عليه السلام جن سان گڏ آسمان ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن پهرين آسمان تي پهتا ته ڏٺائون هڪ بزرگ آهي ساڄي پاسي ڏسي کلي ٿو ۽ کاٻي پاسي ڏسي روئي ٿو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي ڏسي هن بزرگ چيو “مرحبا اي نيڪ نور جا فرزند مرحبا” ملائڪن ٻڌايو ته اهو حضرت آدم عليه السلام آهي، سندس ساڄي پاسي جنتي ڏسي کلي ٿو ۽ کاٻي پاسي دوزخي ڏسي روئي ٿو. اتي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن “حوض ڪوثر” ڏٺو جنهن جي ڪناري ڪناري تي جواهرن جا محل ٺهيل هئا ۽ ان جي مٽي مشڪ جي خوشبوءِ سان مهڪي رهي هئي. پاڻ حوض ڪوثر مان پاڻي پيتائون. ٻئي آسمان تي حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ حضرت يحيٰ عليه السلام ۽ ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عليه السلام سان مليا، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس عه ساڻن مليو. پنجين آسمان تي حضرت هارون عه ۽ ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عليه السلام سان مليا. هُن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي چيو اوهان جا امتي منهنجي امتين کان جنت ۾ وڌيڪ ويندا. ستين آسمان تي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ملاقات حضرت ابراهيم عليه السلام جن سان ٿي. جنهن بعد حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي جنت جو سير ڪرايو ويو. جتان پاڻ سدرته المنتهيٰ تي آيا. هن جاءِ تي جناب جبرائيل عه ساڻن اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو هن کان اڳتي مان اوهان سان هلي نه سگهندس اتي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ڪائنات جي خالق، مالڪ رب رحيم جن جي نور جو جلوو پسيو ۽ الله تعاليٰ سان هم ڪلام ٿيا. انهيءَ موقعي تي کين سوکڙيون ۽ نعمتون عطا ڪيون ويون. پهرين نعمت سوره بقره جون آخري آيتون آهن. هنن آيتن ۾ نئين اسلامي معاشري ٺاهڻ بابت هدايتون شامل آهن. الله تعاليٰ واعدو فرمايو ته امت محمدي جا جيڪي به ماڻهو شڪ کان پاسو ڪندا تن کي بخشيو ويندو. اها ٻي نعمت سوکڙي پنج وقت نماز آهي. جيتوڻيڪ پهرين پنجاهه نمازون فرض ڪيون ويون، پر حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي درخواست تي اهي پنج نمازون ڏينهن ۾ فرض ڪيون ويون، جڏهن ته ثواب ساڳيو ئي پنجاهه نمازن جو رکيو ويو آهي. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته آئون معراج تي ويس ته مون جنت ۾ سونن اکرن سان لکيل ڏٺو ته خدا پاڪ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي.