پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي تازي ڊيٽا فيسٽ ڪانفرنس ۾ پاليسي سازن سان شيئر ڪيل تازي ليبر فورس سروي جي شروعاتي نتيجن موجب، ملڪ اندر بيروزگاري جي شرح تقريبن ست سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، جيڪا 2021ع جي انگن اکرن ۾ 6.3 سيڪڙو ۽ 2018ع ۾ 6.9 سيڪڙو هئي. پنجن سالن ۾ بيروزگاري ۾ 0.8 سيڪڙو واڌ جو مکيه سبب معيشت جي گهٽ واڌ جي شرح آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو ڪم ڪندڙ عمر (15 کان 59 سال) آهي، پر معيشت جي سست واڌ روزگار جي طلب کي پورو ڪرڻ جي قابل ناهي. هيءَ صورتحال ڪنهن سماجي ۽ معاشي الميي کان گهٽ ناهي. اها پڻ هڪ پريشان ڪندڙ حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح سڀ کان وڌيڪ نوجوانن ۾ آهي. ان جو نتيجو اهو آهي ته داخلا سطح جي نوڪرين لاءِ مقابلو غير معمولي طور تي وڌي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو جيڪي هن مرحلي جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه آهن، انهن کي سمجهوتو ڪرڻ ۽ هيٺين سطح جي نوڪرين لاءِ آباد ٿيڻ يا پنهنجي اصل مهارت يا دلچسپي جي ميدان جي بدران ٻين شعبن ۾ پنهنجو هٿ آزمائڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. جنهن سبب ڪيترائي نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڳولهڻ کانسواءِ پاڻ لاءِ ڪوبه رستو نٿا ڳولهين ۽ اها صورتحال هڪ نئين قسم جي استحصال جو رستو کولي ٿي، اسان جي ملڪ جا نوجوان استحصالي حالتن جو شڪار ٿين ٿا. نوجوان ملڪ جي آبادي جو سڀ کان مضبوط حصو آهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ مهارتون آهن ۽ انهن کي صلاحيتن سان ليس هجڻ گهرجي ۽ نوڪري جا موقعا حاصل ڪرڻ گهرجن، پر نوان نوڪري جا موقعا تڏهن ئي پيدا ٿيندا جڏهن معيشت ترقي ڪندي، صنعتي سرمائي جي حرڪت تيز ٿيندي ۽ سروس سيڪٽر کي ترقي ملندي. اسان جي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ آبادي جو هڪ اهم حصو زرعي شعبي سان لاڳاپيل آهي. 2021ع جي ليبر سروي موجب، زراعت ۽ سروس سيڪٽر سان لاڳاپيل افرادي قوت تقريبن 37 سيڪڙو هئي، پر تازي سروي ۾ آيل انگ اکر نهايت ئي پريشان ڪندڙ آهن مٿان وري حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي. حڪومت جو اهو فيصلو عوام لاءِ نقصانڪار آهي. ملڪ ۾ اڳ ئي بيروزگاري وڌي وئي آھي افسوس جهڙي ڳالھه رڳو عوام لاءِ نقصان واريون پاليسيون پيش ڪن ٿا. حڪمران طبقي عوام کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي. سمارٽ لاڪ ڊائون آرٽيڪل 144 قلم لڳندو ھر شيءِ مخصوص رھندي. ملڪ جو عوام ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي راھن تي گامزن ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان شروع کان انھيءَ ئي نالي سان ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ننڍيون وڏيون صنعتون قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ھا ته ھيٺيان فائدا حاصل ٿين ھا: