چين خشڪي ۽ پاڻِي تي هلندڙ دنيا جي پهرين ڊرون ٻيڙي تيار ڪري ورتي

چين پاران پاڻي ۽ خشڪي تي هلي سگهندڙ ٻيڙي تيار ڪئي وئي آهي. هن ٻيڙي ۾ ڊرون ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي. جيڪا ڪنهن انسان کان بغير رموٽ ڪنٽرول سان به هلائي سگهجي ٿي. هن ٻيڙي جو نالو Marine Lizard  رکيو ويو آهي. ٻيڙي ۾ ٽينڪ وانگر لهه جا ٽريڪ لڳل آهن، جيڪي هن ٻيڙي کي خشڪي تي هلڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هي ٻيڙي خشڪي تي 20 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿي. جڏهن ته پاڻي ۾ سفر ڪرڻ وقت اهي ٽريڪس ٻيڙي جي اندر هليا ويندا ۽ پاڻي تي اها ٻيڙي 50 ناٽس في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهندي. واضح رهي ته چين پنهنجي دفاعي نظام کي مضبوط ۽ طاقتور بڻائڻ لاءِ جديد هٿيارن جي تياري ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. چين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سمنڊ اندر ۽ ساحل تي اها ٻيڙي فوج لاءِ تمام گهڻو اثرائتي ثابت ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *