خاصنئون

ڪرتارپور مذاڪرات، ڀارت فلاءِ اوور ٺاهڻ جي پيشڪش ڪري ڇڏي

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيڪنيڪل ماهرن جون ڳالهيون زيرو پوائنٽ تي ٿيون. ڳالهين ۾ پاڪستان جو وفد 10 ميمبرن تي مشتمل هو. ڪرتارپور تي ٿيندڙ مذاڪرات ۾ ڀارت فلاءِ اوور ٺاهڻ جي پيشڪش ڪري ڇڏي آهي. مذاڪرات ۾ پاڪستان پاران پرڏيهي وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ايف ڊبليو او جا عملدار شامل هئا  ڳالهين ۾ ڀارت جي ماهرن 100 ميٽر ڊگهو فلاءِ اوور ٺاهڻ جي تجويز ڏني. جنهن جو سبب  برسات جي موسم ۾ هن علائقي ۾ پاڻِي جمع ٿيڻ آهي. پاڪستان جا ماهر ڀارت جي ڏنل تجويز تي پنهنجي رپورٽ لاڳاپيل  وزارت کي ڏيندا. ڳالهين ٻولين ۾ ڪسٽمز ۽ اميگريشن جا معاملا به بحث هيٺ آيا. خبرن موجب ٻئي وفد پنهنجون رپورٽون منظوري لاءِ وزارتن کي جمع ڪرائيندا. ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ماهرن جي هيءِ ٻِي ويهڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان پنهنجي طرفان راهداري جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري چڪو آهي.