نئون

دنيا 600 سالن ۾ جهنم بڻجي ويندي

مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ خبردار ڪيو آهي ته دنيا ايندڙ 600 سالن ۾ ايتري گهڻي گرم ٿي ويندي جو هتي انسان ته ڇا ڪنهن جاندار جو به زنده رهڻ ناممڪن ٿي ويندو. بيجنگ، چائنا ۾ هڪ سائنس ڪانفرنس سان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ وڌندڙ انساني آبادي ۽ ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ توانائي جي طلب ۽ پيداوار ۾ مسلسل اضافي سان ماحولياتي گدلاڻ به حد کان وڌيڪ ٿي ويندي جيڪا آخرڪار دنيا جي تباهي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته زمين کان پري ٻئي ستاري الفا سينٽوري جي ڪنهن سياري تي دنيا جي ماڻهن کي مناسب زندگي ملي سگهي ٿي. جنهن سان گڏ هن اتي منصوبي جي خوبي بابت ڳالهايو جنهن جي مدد سان ڌرتي جي انسانن کي اهڙي ڪنهن ٻئي سياري تي منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. اهڙي پروجيڪٽ جو نالو اسٽار شاٽ آهي، جنهن تي 10 ڪروڙ ڊالر خرچ ٿي ويا آهن. جنهن ۾ اهڙا جهاز ٺاهيا ويندا جيڪي 45000 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي غير معمولي رفتار سان هلندا ۽ انسان کي ويجهي سيارن تائين پهچائي سگهندا.