امن ۽ ترقي لاءِ سائنس جو عالمي ڏينهن

زاهده ابڙو

 

10 نومبر کي يونائيٽيڊ نيشنز سائنس جي عالمي امن ۽ ترقي واري ڏينهن طور 2002ع کان ملهائي رهي آهي. هن وقت ڪوبه خطو، ملڪ يا شهر اهڙو نه هوندو جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ مان لاڀ حاصل نه ڪيو ويندو هجي. اهو ضرور آهي ته ڪي ملڪ ان ترقيءَ جي رفتار ۾ گهڻو اڳڀرا آهن ته ڪي پٺتي پيل آهن پر هر ملڪ ۽ قوم پنهنجن وسيلن آهر سائنس جي ڪرشمن مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو خطرناڪ بيمارين لاءِ نت نوان علاج دريافت ٿي رهيا آهن ۽ ائٽمي توانائي ذريعي بجلي پيدا ڪري دنيا جي معيشت کي تيز رفتار بڻايو ويو آهي. سائنس جو ئي ڪمال آهي ته سج جي روشني کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا زير استعمال آهن ۽ ڪيترن منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي. جتي انسان ذات لاءِ سائنسي ترقي هڪ نعمت آهي ته اتي سائنسي ترقي کي منفي طريقن سان به استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ خطرناڪ هٿيارن جي ايجاد ۽ استعمال انسان ذات لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻيل آهي. اڄ جي دور ۾ انسان جي ذاتي زندگيءَ جي پردي داري داءُ تي لڳل آهي هو پنهنجن گهر ۾ به سيٽلائيٽ جي ذريعي ڏورانهن جڳهين تي ڏسي سگهجي ٿو ۽ حملي جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. اڄ جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته سائنسي ترقيءَ کي اهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن اسان هن ڌرتيءَ کي وڌيڪ پرسڪون بڻائي سگهون، انسان کي امن ۽ خوشحالي ميسر ٿي سگهي.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments