دنيا جو پهريون بجلي سان هلندڙ جهاز تيار
بجلي سان هلندڙ دنيا جو پهريون جهاز چين پاران نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهندو. خبرن موجب جهاز 2 سيٽن تي مشتمل آهي ان جي تجرباتي اڏام 45 منٽن جي رکي وئي هئي پر اهو ٻن ڪلاڪن تائين اڏامي سگهيو. هن جهاز جي قيمت بعد ۾ طئي ڪئي ويندي. جڏهن ته ڪمپني طرفان چيو ويو آهي ته هي جهاز شروعاتي طور تي پائليٽن جي تربيت لاءِ استعمال ڪيو ويندو، جنهن کان علاوه ننڍي مفاصلي تي اڏام لاءِ به ڪم آڻي سگهبو.

