ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: عظيم شر جو ڪتاب سرابن ۾ پيو ڀٽڪان

چوندا آهن ته شاعري اندر جو آواز آهي ۽ شاعريءَ سان قومن کي بيدار ڪري انقلاب آڻي سگهجي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته اهو سچ هجي، پر سنڌ ۾ مونکي شاعري سستي شهرت ۽ شاعر سڏائڻ جو شوق لڳندي آهي، وڌيڪ هر ڪنهن جو پنهنجو ذهن ۽ شعور آهي، ڇو ته هتي شاعري يا ادب پاڻ لکجي پاڻ پڙهجي يا وري تون مون کي پڙهه ته مان توکي پڙهان ۽ اچ ته هڪ ٻئي جي شاعري تي تبصرو ڪريون تائين محدود آهي، اڄ ڪلھه ادبي ڪتابن جي شايع ٿيڻ جي ڀرمار لڳل آهي، ٻيو ته جڏهن کان PDF جو وجود عمل ۾ آيو آهي، تڏهن کان وٺي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي انگ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، جيئن طرزن تي ڪلام ڳائڻ وارا فنڪار عام جام ٿي پيا آهن، تيئن ئي ادب جي مارڪيٽ به ادبي ڪتابن سان سٿجي رهي آهي.
مان جيڪو ڪجھه مٿي لکي آيس سو دل جو آواز لکي آيو آهيان، ان کي ڪير به ذاتي تنقيد نه سمجهي، ڇو ته مان ذاتي تنقيد جو مخالف آهيان، اهو ته بس اڄ جي جديد دور جي نشاندهي ڪئي اٿم، نه ته باقي ادب اڄ به پنهنجي اوج سان قائم آهي، اڄ به نهايت ئي شاهڪار ادبي ڪتاب لکجي، شايع ٿي ۽ پڙهجي رهيا آهن، جن جا وقت جي مناسبت سان نوان نوان ڇاپا ته ڇا، پر انهن جا ٻين ٻولين ۾ ترجما به ٿي رهيا آهن، ها بيشڪ اصل جي اصليت ڪڏهن به فنا ناهي ٿيندي جڏهن ته نقليت کي ڪو جٽاءُ ناهي.
عظيم شر نوجوان ٽهيءَ جو نهايت ئي برجستو، بهترين شاعر ۽ تبصري نگار آهي. عظيم شر ادب جو مسلسل ليکاري آهي، سندس لکڻيون بهترين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ سنڌ ۽ سونهن نمايان نظر اچن ٿيون ڇو ته هو خاص ڪري سنڌ ۽ سونهن ڇو ته سنڌ سونهن آهي ۽ سونهن سنڌ آهي تي لکي ڪري پاڻ کي مڃرائي پيو نه، پر مڃرائي چڪو آهي. عظيم جو نثر ۽ نظم خاص ڪري فيس بوڪ تي پڙهڻ خاطر ملندو آهي، جنهن منجهان ڪافي لاڀ ميسر ٿيندو آهي ڇو ته هن جي تخليقن منجھه سدائين نواڻ ملندي آهي.
ڪجھه ڏينهن ٿيندا جو عظيم شر جو PDF ۾ شايع ٿيل ڪتاب اکين آڏو آيو، جيڪو شاعري جي مختلف صنفن تي مشتمل آهي. جهڙوڪ: غزل، وائي، نظم، ٽيڙو وغيره. سچ ته عظيم کي الله پاڪ ڏات ۽ ڏانء سان نوازيو آهي، سو جڏهن مون انهيءَ ڪتاب جو مطالعو ڪيو ته مون کي عظيم ۾ عظمت نظر آئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي نمائندگي ڪندي.
عظيم شر پنهنجي شاعري سرابن ۾ پيو ڀٽڪان (سراب معنيٰ وارياسي زمين، رڃ، رڻ) جو ڳٽڪو سنڌ ۽ سيد جي نالي ڪيو آهي ڇو ته هو انهن سان عشق رکي ٿو، بيشڪ سنڌ ۽ سيد سان عشق رکڻ به آڙاهه تي پچڻ آهي. سنڌ ۽ سيد سان عشق اهي ئي ڪندا آهن جن جو اندر انقلاب ۽ آزاديءَ جو حامي هوندو آهي ۽ اهڙو عشق عظيم جي اندر ۾ پلجي رهيو آهي.
ڪتاب سرابن ۾ پيو ڀٽڪان جو نالو به ڪتاب ۾ شامل پهرين غزل جي ٿلهھ مطابق رکيو ويو آهي جيڪو هن ريت آهي ته:
سرابن ۾ پيو ڀٽڪان، ڪا منزل ڪو ڌڻي گهرجي
چپن جي ٺوٺ ڌرتيءَ کي چمين جي سانوڻي گهرجي
ها بيشڪ هي غزل وقت ۽ حالتن سان ٺهڪي ٿو اچي ڇو ته هيءَ قوم اڃان رستي ۾ آهي، منزل پري آهي، ڪو اڳواڻ به ڪونهي جيڪو هن قوم کي متحد ڪري منزل طرف وٺي هلي، اهوئي سبب آهي جو هرڪو پنهنجي منهن ڀٽڪي ۽ هٿوراڙيون پيو هڻي، ايئن ئي عاشق چوي ٿو ته چپن جي ڌرتي به سڪي وئي آهي جيئن پاڻيءَ کان سواءِ زرخيز زمين بنجر بڻجي ويندي آهي، سو انهن چپن کي چمين جي سانوڻي گهرجي. ها بلڪل چمي زندگي آهي، بندگي آهي، خوشي آهي. هن غزل جي پهرين بند ۾ لفظ دشمڻي آهي جيڪو دشمني ٿيندو سو پروفنگ تي شايد ڌيان نه ڏنو ويو آهي.
اسان جي سنڌ ۾ اڪثر ڪري مختلف قبيلن وچ ۾ بي بنياد جهيڙا ٻارهوئي عروج تي هوندا آهن، جيڪو هڪ طرح سان قوم جي زوال جو سبب آهن، انهن جهيڙن سبب اسان جا ڌاريا دشمن اسان تي حاوي ٿي ڪري اسان کي ويتر ئي تباهه ڪري رهيا آهن، اسان جي وسيلن تي قابض ٿي ڪري اسان کي غلام بڻائي رهيا آهن ۽ ٻي طرف اسان جا ويڙها ويران ٿي رهيا آهن، نسل ۽ فصل تباهه ٿي رهيا آهن، جيڪو هڪ الميو آهي، تڏهن ئي ته هر طرف ويراني آهي ۽ انهيءَ سبب هينئڙي کي حيراني آهي ڇو ته انهن جهيڙن ۽ نفرتن جي ڪري هرڪو اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ ڪو به ڪنهنجو جاني ۽ دلبر ناهي رهيو، بلڪه جان جو دشمن بڻجي ويو آهي، ايئن هي غزل سچ ته بهترين، شاندار ۽ دل کي ڇهندڙ سچ تي مشتمل غزل آهي.
مان مٿي لکي آيس ته عظيم وٽ فن، فڪر، ڏانءُ ۽ ڏات آهي هو بهترين شاعر آهي. هن جي غزلن وانگر هن جون تخليق ڪيل وايون به نهايت ئي ڪارگر ۽ وزنائتيون آهن جيڪي اڄ جي حالتن سان ٺهڪن ٿيون هو چوي ٿو ته:
هر ڪنهن کوليو هٽُ،
ڪاپي ڪلچر جو.
ها تعليم ڪنهن به قوم جو بنياد هوندي آهي، جنهن قوم جو بنياد مضبوط هوندو آهي اها قوم ڪڏهن به ناڪام ۽ مايوس نه ٿيندي آهي، باقي بي بنياد قوم جو مستقبل اونداهو ئي هوندو آهي، تڏهن ئي ته شاعر پنهنجي تخليق ۾ تعليم ۽ ڪاپي ڪلچر جي ڳالھه ڪري ٿو ته هتي تعليم کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، جتي ڪٿي ڄڻ ته هٽ ۽ دوڪان کوليا ويا آهن، جنهن سان تعليم صرف انهن کي ئي ملي ٿي جنهن وٽ ڏوڪڙ آهن، باقي غريب ويچارو ته بس مڙئي نالي ماتر تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، ٻيو ته ڪاپي ڪلچر شعور کي قتل پيو ڪري ڇاڪاڻ ته اهو ڪلچر اڏوهي وانگر قوم ۽ قوم جي آئيندي کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري رهيو آهي. تنهنڪري اهي هٽ ۽ ڪاپي ڪلچر جا دوڪان بند ڪيا وڃن ته جيئن شعور سگهارو ٿئي.
اهڙيءَ ريت هڪ وائيءَ ۾ عظيم شر ماڙي جلباڻي واري واقعي کي به قلمبند ڪيو آهي ڇو ته ماڙي جلباڻي وارو واقعو حقيقت ۾ سنڌي قوم جو ڪوس هو جتي سرڪاري فورسن هٿيارن جا منهن کولي، هٿين خالي سنڌين تي گولين جو مينهن وسايو ۽ بي گناهه سنڌين جي ڇاتين کي پروڻ ڪري ظلم جو هڪ نئون باب لکيو، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي يا مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، عظيم جي اهڙي شاعري کي پڙهي کيس ڌرتي ۽ درد جو شاعر چئي سگهجي ٿو.
سرابن ۾ پيو ڀٽڪان ۾ عظيم جي غزلن، واين ۽ نظمن وانگر دوها به من موهيندڙ آهن، هو چوي ٿو ته:
پرهه ڦٽي ٿي آهيرن ۾ پکين کوليا پر،
نارين ڏڌ ولوڙيو ۽ هارين جوٽيا هر،
يا وري شاعر لکي ٿو ته:
هو ڏس ڪيڏا سهڻا آهن اڀ تي پکڙيل تارا
تنهنجي زلفن منجهھ هجن ڄڻ گل گلابي پيارا
مٿين ٻنهي دوهن جو جائزو وٺبو ته اسان کي پڙهڻ لاءِ گهڻو ڪجھه ملندو جيئن پرهه ڦٽي، پکي، ناريون، ڏڌ، ولوڙ، هاري ۽ هر. سو هتي شاعر هڪ طرح سان منظر ۽ زندگي جي بهترين ڳالھه ڪئي آهي جنهن ۾ هن واضح طرح سان سڀ ڪجھه لکيو آهي، ايئن ئي هو اڀ جي پکڙيل تارن، محبوب جي زلفن ۽ گلابي گلن جي ميلاپ کي بهترين انداز سان لکي خود کي بهترين شاعرن جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
عظيم شر جي ڪتاب ۾ جيڪي به اسم شامل آهن سي قابل تعريف آهن، جن ۾ سجاڳيءَ جو سڏ شامل آهي، پر ڪاش ڪو سمجهي ۽ عمل ڪري، پر افسوس جو اسان علم هوندي به بي عمل قوم آهيون، اسان واڪا ته وڏا ڪندا آهيون، پر قول ۽ فعل ۾ تضاد هئڻ سبب هڪ پليٽ فارم تي گڏجي نه سگهندا آهيون، بس هر ڪو پنهنجي الڳ خيمي ۾ گوڏا کوڙي مستن وانگر مستيءَ ۾ مگن آهي، مگر ڪو به ڪنهن جي اڳواڻي ۽ رهنمائي قبول نٿو ڪري، ان هوندي به شاعر چوي ٿو ته:
ٻارڻ ڪو ٻاريو
ڄڻ ڪو گند غليظ آ
ڌرتيءَ تي ڌاريو
جيئن راقم الحروف جو شعر آهي ته:
نه هيرايو هان هڏي تي، گُهرن ڪين هان گوشت،
ڌاريو ڌوڙ پيو آ، نه ٿيندو ڪڏهن ڀي دوست،
اهي سوئر ماريو سُتت، سنڌ رهي سلامت الا.
(مهر فقير)
اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ ڌارين کي هٿي ڏيندڙ اسان پاڻ ئي آهيون، اسان ئي انهن ڌارين جا سهولتڪار آهيون، جيڪڏهن گهرائي ۾ وڃبو ته هن وقت تائين سنڌ ۽ سنڌي قوم کي جيڪو ۽ جيترو نقصان مليو آهي اهو اسان پاڻ ئي ڏنو آهي، ڇو ته جيڪڏهن اسان ۾ ايڪو ۽ اتحاد هجي ها ته هوند اڄ اسان ڌرتيءَ تي ايئن ننڌڻڪا ڪين هجون ها، ها پر جيڪڏهن اسان اڄ به ويڇا وساري هڪ ٿيون ته اسان هڪ مضبوط قوم بڻجي سگهون ٿا. اسان آزاد ٿي ڪري پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گهاري سگهون ٿا، تڏهن ئي شاعر ٻارڻ جي ڳالھه ٿو ڪري ۽ اهو ٻارڻ اڪيلي سر نٿو ٻاري سگهجي، اهڙي ٻارڻ خاطر ايڪي جي طاقت جو هجڻ لازمي آهي.