بلاگنئون

قومي اسيمبلي ۾ ڏاج ختم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل بل رد ڇو ٿيو؟

ڏاج، جنهن کي اردو ۾ “جهيز” ۽ انگريزيءَ ۾ “dowry” سڏيو وڃي ٿو، برصغير جي معاشرتي زندگيءَ جو اهڙو ناسور بڻجي چڪو آهي، جيڪو هزارين ڇوڪرين جي عزت، حياتي ۽ خوابن کي روزمره جي ظلم هيٺ چيڀاٽيندو رهي ٿو. ڏاج جو تصور ظاهري طور تي هڪ “تحفي” يا “خلوص” جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو هڪ اهڙو سماجي دٻاءُ آهي، جيڪو خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي جي خاندانن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي.

ڏاج “Dowry” عام طور تي اهو مال ملڪيت، سامان، سون، چاندي، پئسو يا گهر جي سامان کي چئجي ٿو، جيڪو ڇوڪريءَ جي شادي مهل سندس مائٽن پاران ان جي ساھرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. تاريخي طور تي هن رسم جو ڪو خاص مذهبي بنياد ناهي، بلڪه ننڍي کنڊ جي ثقافت مان جنم وٺندڙ هڪ اھڙي سماجي “رسم” آهي، جيڪا وقت سان گڏ لاڳاپيل ماڻهن لاءِ “لازمي” بڻجي وئي آهي.

ڀارت ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ڏاج جي ڏاڍائي، ظلمن ۽ سماجي تباهي جا مثال پيش ڪن ٿا. ڀارت ۾ روزانو ڏاج جي نالي تي عورتن کي ساڙڻ، مارڻ يا خودڪشيءَ تي مجبور ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا. “نيشنل ڪرائم بيورو آف انڊيا” جي رپورٽن مطابق ڀارت ۾ ساليانو هزارين عورتون ڏاج جي نالي تي قتل ٿين ٿيون يا خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ به صورتحال بهتر ناهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڇوڪريون صرف انهيءَ ڪري شادي کان رھجي وڃن ٿيون جو سندن والدين وٽ ڏاج ڏيڻ جي سگهه ناهي. بعض شاديون صرف ڏاج جي ڪري ئي ٽٽي وڃن ٿيون. نتيجي طور، سماج ۾ عورت کي  فقط اقتصادي بار سمجهيو وڃي ٿو.

ڏاج جا اصل ڪارڻ:

سماجي مقابلي سبب ماڻهو هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ وڏو ڏاج ڏيڻ يا وٺڻ لاءِ پاڻ کي مجبور سمجهن ٿا.

ڌن دولت جي لالچ جي ڪري ڪيترن ئي خاندانن لاءِ ڏاج شادي جو ھڪ مالي فائدو آهي.

تعليم ۽ شعور جي کوٽ سبب گهٽ پڙهيل لکيل طبقي ۾ ڇوڪري ڄمڻ وقت ڏاج ڏيڻ سبب کيس بار سمجهيو وڃي ٿو.

رواجي دٻاءُ مطلب ته “ماڻهو  ڇا چوندا؟” واري سوچ به ان کي قائم رکڻ ۾ مددگار آهي.

اسان جيڪڏهن اسلامي نقطهءِ نظر سان جائزو وٺنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته اسلام ۾ به ڏاج جي روايت جو ڪوبه تصور ناهي. نبي ڪريم ﷺ جي پنهنجي پياري ڌيءَ حضرت فاطمه رضي الله عنها جي شادي جو مثال وٺجي ته اھا شادي اسان مسلمانن لاءِ سادگي اختيار ڪرڻ جو ھڪ تمام وڏو عاليشان مثال آھي. پاڻ سڳورا چاھين ھا ته پنهنجي نياڻي کي ڏاج جي صورت ۾ ھر شيءِ مھيا ڪري پئي سگھيا، پر انهن پنهنجي امت جي لاءِ سادگي جو ھڪ مثال قائم ڪيو جنهن کي  افسوس اسان وساري چڪا آھيون. اسلام مرد کي عورت جي ذميواري ڏيڻ، حق مهر ڏيڻ ۽ خرچ کڻڻ جو پابند بڻايو آهي. ڏاج جي نالي تي عورت جي عزت کي ماپڻ، ان تي دٻاءُ وجهڻ يا ان سان ظلم ڪرڻ اسلامي تعليمات جي خلاف آهي. قرآن پاڪ، حديثون ۽ اسلامي فقه جي روشني ۾ عورت کي ڏاج ڏيڻ جي نه ته ڪا فرضيت آهي، نه سنت، بلڪه بعض حالتن ۾ ان کي “رشوت” ۽ ظلم به قرار ڏنو ويو آهي.

تازو سنڌ جي سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي پاران ڏاج خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ اهم بل پيش ڪيو ويو، جنهن جو مقصد هو ته ڏاج ڏيڻ ۽ وٺڻ ٻنهي کي قانوني طور تي ھڪ ڏوهه  قرار ڏنو وڃي. بل ۾ تجويز ڏني وئي ته:

ڏاج وٺڻ تي سزا ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي.

ڇوڪرين کي ڏاج جي ڪري شاديءَ کان محروم ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

شادي جي خرچن، سامان وغيره تي حد بندي ڪئي وڃي.

عورتن کي ڏاج جي بنياد تي تنگ ڪرڻ  لاءِ مخصوص شڪايتي مرڪز قائم ڪيا وڃن.

بل جا امڪاني فائدا

غريب خاندانن جو تحفظ

نياڻين جي شادي ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ ختم ڪرڻ .

عورتن جي عزت کي تحفظ فراھم ڪرڻ.

شعور پيدا ڪرڻ ته عورت ڪو مال آڻڻ جو ذريعو نه پر انسان آهي.

بدقسمتي سان هي بل قومي اسيمبليءَ جي لاڳاپيل ڪميٽي ۾ دٻجي ويو ۽ اسيمبلي جي اڪثر  مرد ميمبرن ان کي پاس ڪرڻ نه ڏنو!

بل جي منسوخ ٿيڻ جا ڪجهه مکيه سبب ھيٺ پيش ڪجن ٿا

روايتي سوچ جي دٻاءُ سبب ڪيترن ئي ميمبرن کي لڳو ته اسان جو سماج اڃا اهڙي تبديليءَ لاءِ تيار ناهي.

سياسي مخالفت جي خدشن سبب ڪجهه ڌرين ان کي “خانداني معاملن ۾ دخل اندازي” قرار ڏنو.

عملدرآمد جي خدشن سبب ميمبرن مطابق اھو قانون لاڳو ٿيڻ سان ملڪ ۾ شادين ٿيڻ جو عمل رڪجي ويندو!

ثقافتي هم آهنگي ۾ مداخلت سمجهڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به ڏاج کي “غيرت” سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جنهن کي ٽوڙڻ سولو نه آهي.

بهرحال  ھن وقت کڻي اھو بل رد ڪيو ويو آھي، پر مسقبل قريب ۾ ماڻهن کي ڏاج جي صورت ۾ ان لعنت کي ختم ڪرڻ جو ضرور احساس ٿيندو. ڇو ته ڏاج، اڪثر ڪري  اسان جي سماج ۾  عورتن جي ذلت ۽ ظلم جي علامت بڻجي چڪو آهي، ان جي خلاف نه صرف قانوني پر سماجي، اخلاقي ۽ مذهبي سطح تي به جنگ وڙهڻ جي ضرورت آهي. شرميلا فاروقي جو بل هڪ مثبت قدم هو، جنهن جي همٿ افزائي ٿيڻ گهرجي ها. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته مستقبل جون نياڻيون  محفوظ، خودمختيار ۽ عزت ڀري زندگي گذارين، ته پوءِ ڏاج خلاف آواز اٿارڻ، قانون سازي ڪرڻ ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ڪنهن ھڪ فرد جو ڪم نه بلڪه سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.  ڇو ته نياڻيون ڏاج سان نه، پر حق سان ساھرن ڏانهن  وڃن اھا ئي انصاف جي تقاضا آھي.