ايڊيٽوريلنئون

نورين لغاريءَ کانپوءِ ريبيڪا بلوچ کي انتهاپسندن کان بچايو ويو، ذميدار ڪير آهي؟

سنڌ جي گهرو وزير ضياءَالحسن لنجار 29 ڊسمبر 2025 تي ايڊيشنل آءِ.جي سي ٽي ڊي محمد آزاد خان ۽ ايڊيشنل آءِ.جي ڪراچي  جاويد عالم اوڍو سان ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي پويان بيٺل هڪ بلوچ ڇوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته سندس ذهن سازي ڪري کيس هڪ خودڪش بمبار جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني وئي. پاڪستان ۾ هاڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته ڇوڪرين جو انتهاپسند گروپن سان رابطي ۾ اچڻ ۽ انهن جي ورغلائڻ جي ڪري انهن ڇوڪرين جو ذهن تبديل ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهي. 2017 ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري نورين لغاري به ائين ئي هڪ مذهبي انتهاپسند گروهه جي هٿ ور چڙهي وئي هئي ۽ ساڳئي ئي طريقي سان بلوچ ڇوڪري جنهن جو نالو ريبيڪا آهي اها به گهرو وزير مطابق بلوچستان لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ سان لاڳاپي ۾ هئي ۽ هوءَ سوشل ميڊيا ذريعي ان گروپ سان رابطي ۾ آئي. جنهن کانپوءِ سندس برين واشنگ ڪري کيس پنهنجي نيٽورڪ جو حصو بڻايو ويو. بلوچ ڇوڪري هن وقت سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ هڪ خانگي اسڪول جي شاگردياڻي آهي. اها ڳالهه اسان سڀني پاڪستانين جي لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي ته اهي انتهاپسند تنظيمون هاڻي روايتي رستن بجاءِ سوشل ميڊيا ذريعي مختلف صوبن مان پڙهيل لکيل ٻارن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رهيون آهن.

ان کان اڳ اهي تنظيمون مخصوص مدرسن مان اهڙن ٻارن کي تيار ڪري پنهنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪنديون هيون، پر هن ڊجيٽل دور ۾ انٽرنيٽ هڪ اهڙو هٿيار بڻجي ويو آهي. جنهن جي ذريعي دهشتگرد تنطيمون گهر ويٺي ٻارن جي ذهني تربيت ڪري کين انتهاپسند سوچ ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم خلاف استعمال ڪري رهيون آهن. ان جو مقابلو اڪيلي سر سماج نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ حڪومت کي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته ڊجيٽل نگراني ۽ سائبر سيفٽي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ حڪومت کي پاڻ ترقي پسند سوچ کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ هر انتهاپسند سوچ رکندڙ فرقي کي ختم ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. اهو سڀ جيڪو هن وقت قوم ڀوڳي رهي آهي، اهو اسانجي ماضيءَ جي پاليسين جو نتيجو آهي. هن وقت اهي تنظيمون سوشل ميڊيا جي هر پليٽفارم تي نوجوانن کي پنهنجو نشانو بنائڻ لاءِ متحرڪ آهن. ايف.آءِ.اي کي پنهنجي سائبر پيٽرولنگ ۾ تمام گهڻو متحرڪ ٿي انهن سڀني اڪائونٽن کي بروقت ٽريس ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ان قسم جي دهشتگردي لاءِ نيٽورڪ تيار ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه ڊارڪ ويب تي انٽيليجنس ادارن کي سخت نگراني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسانجي ماضي جي ڪيل غلطين سبب هن وقت اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين تعليمي ادارن جي اندر اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي شاگردن کي نصاب بدران انتهاپسندي جو سبق ڏين ٿا. ان جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن انتهاپسند ذهن رکندڙ ۽ نفرت جو پرچار ڪندڙ استادن جي مٿان سخت نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي. ڇو ته يونيورسٽين ۾ اندر ڪيتريون ئي تنظيمون يا اسٽڊي سرڪلز موجود هوندا آهن، جن کي استادن جي سرپرستي حاصل هوندي آهي. اهي کين مذهبي يا سياسي انتهاپسنديءَ بابت مواد به مهيا ڪندا آهن، جيڪو نفرت تي ٻڌل هوندو آهي.

ان لاءِ ضروري آهي ته استادن جي ڀرتي وقت سندن مائنڊسيٽ کي ضرور چيڪ ڪيو وڃي ته جيئن ان قسم جا ذهن اهڙن ادارن ۾ داخل نه ٿي سگهن. هن وقت حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته استادن جي لاءِ ضابطهءِ اخلاق جوڙيو وڃي. نفرت ۽ انتهاپسندي جي ڳالهه ڪندڙ استادن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙن استادن جي لاءِ حڪومت کي زيرو ٽالرنس واري پاليسي کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه شاگردن کي ان قسم جو اعتماد ڏيڻ جي ضرورت پوندي، جيڪي گمنام نالي سان اهڙن استادن جي خلاف شڪايت درج ڪرائي سگهن يا هڪ شڪايت جو پورٽل قائم ڪيو وڃي، جتي اهڙن استادن جي خلاف شاگرد انهن جون آڊيوز يا وڊيوز رڪارڊ ڪري اپلوڊ ڪري سگهن. ان کان علاوه والدين جو به وڏو ڪردار آهي پنهنجن ٻارن کي انتهاپسندي کان روڪڻ لاءِ، والدين کي تمام گهڻو متحرڪ ٿي پنهنجي ٻارن جي روزاني سرگرمين کي تمام گهڻي تنقيدي نگاهه سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سندن ٻار ڪنهن سان ملي رهيو آهي. سندس ٻار ڪنهن سان دوستي ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. ڇوڪرين جو دهشتگردي جي عمل ۾ داخل ٿيڻ يقينن هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو سڀني جون اکيون کولي سگهي ٿو، ان جي لاءِ اسان جي صوبائي حڪومتن کان وٺي وفاقي حڪومت تائين سڀني کي خبردار ٿيڻو پوندو. ڇو ته ان قسم جا واقعا جيڪڏهن نظرانداز ڪيا ويا ته اسانجو سڄو سماجي نظام تحس نحس ٿي سگهي ٿو. اسانکي پنهنجي نياڻين کي ترقي پسند سوچ ڏئي انهن جاين تائين پهچائڻو آهي، جتي پهچي اهي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن، نه ڪي اسانجون نياڻيون انتهاپسند تنظيمن جي هٿ ور چڙهي خودڪش بمبار بڻجي ملڪ ۽ قوم جي بدنامي جو سبب بڻجن.