لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ قائد اعظم جو مجسمي جي تقريب رونمائي
لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم جي مجسمي جي تقريب رونمائي ڪئي وئي جنهن موقعي تي لنڊن جي ميئر صادق خان جو چوڻ هو ته مجسمو قائد اعظم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لا ءِ آهي. جيڪو بعد ۾ لنڪونز اِنِ ۾ رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته قائد اعظم نه صرف پاڪستان جو هيرو آهي پر ڪيترين ٻين ملڪن ۾ به هن کي هڪ هيرو جيان عزت حاصل آهي. ياد رهي ته لنڪونز اِنِ اهو ادارو آهي جتان قائد اعظم وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي هئي. ڪجهه سالن کان وٺي لنڪونز اِنِ ان مجسمي کي آڻڻ لاءِ مهم به هلائي رهيو هيو.