زمين جي گردش ۾ گهٽتائي اچڻ سبب سال 2018 ۾ زلزلن جي اڳڪٿي
سائنسدانن پاران2018 ۾ زلزلن جي اڳلٿي ڪئي وئي آهي. سائنسدانن پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زمين جي گردش گهٽجي وئي آهي جنهن سبب ايندڙ سال دنيا ۾ زلزلا ايندا. سائنسدانن چيو آهي ته اها رفتار جي گهٽتائي تمام گهٽ مقدار جي نه آهي پر تنهن هوندي به ان سان زمين اندر وڏي پيماني تي توانائي جو اخراج ممڪن آهي. هنن چيو ته زمين جي گردش ۽ زلزلن وچ ۾ تمام گهڻو تعلق آهي. سائنسدانن اهو به چيو آهي ته هڪ سئو سال جي دوران ايندڙ زلزلن جي باري ۾ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته مختلف دورن ۾ ايندڙ زلزلا انهيءَ سبب جي ڪري آيا هيا. سائنسدانن چيو ته زمين جي رفتار کي ماپڻ لاءِ جيڪو اوزار استعمال ڪيو ويندو آهي اهو ايٽامڪ ڪلاڪ چورائيندو آهي ۽اهو صرف رفتار ۾ گهٽتائي يا واڌ کي معلوم ڪر ي سگهي ٿو پر اهو ان گهٽتائي جو سبب ناهي ٻڌائي سگهندو.