نئون

ڪراچي جي ڪي ايم سي کي 35 هزار پلاٽڻ تان قبضا 2 مهينن ۾ ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ : ماريا اسماعيل) ڪراچي ۾ 35 هزار پلاٽن تي قبضن جو انڪشاف سپريم ڪورٽ ٻن مهينن اندر قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهر ۾ رفاحي پلاٽن تي قبضي ۽ غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران ڪي ڊي اي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي .جنهن ۾ڪراچي جي اندر 35 هزار پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ جو انڪشاف ٿيو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻن ڏينهن جي اندر 27 هنڌن تان حدخليون ختم ڪيون ويون آهن. جسٽس گلزار احمد ڪي ڊي اي آفيسرن کي ڪراچي جي خراب حالت تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪراچي کي چائنا ڪٽنگ ۽ قبضن برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪا به جاءِ ناهي ڇڏي وئي. آخري ڀيرو ايوب خان جي زماني ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ٿي هئي ته ڪراچي صاف ٿي ويو هو ۽ يورپ جو شهر لڳندو هو، ماڻهو لنڊن وڃڻ بدران ڪراچي ايندا هئا تنهن هوندي هاڻ شهر غلاظت ۽ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جسٽس گلزار ڪراچي جي اوريجنل ماسٽر پلان جي روشني ۾ عوامي ڀلائي پلاٽن جا تفصيل طلب ڪيا. ڪي ڊي اي آفيسرن طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 2 ڏينهن ۾ 27 جاين تي غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. عدالت ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي کي 2 مهينن جي اپائن جون شروعاتي رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن رفاحي پلاٽڻ جي الاٽمينٽ فوري رد ڪئي وڃي، چائنا ڪنٽنگ جي پلاٽن کي هر صورت ۾ خالي ڪرايو وڃي.