پاڪستاننيو‍‍ز

 ايران جو صدر جڏهن چاهي ملڻ لاءِ تيار آهيان;  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جو صدر جڏهن چاهي مان هن سان ملڻ لاءِ تيار آهيان. وائيٽ هائوس ۾ اٽلي جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جي صدر سان بغير ڪنهن شرط جي ملاقات لاءِ تيار آهيان، هو جنهن مهل چاهي مان ملڻ لاءِ تيار آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته ايران جي قيادت به ان ملاقات لاءِ تيار هوندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان ڳالهه ٻولهه تي يقين رکان ٿو ۽ ڪنهن سان به ڪٿي به ملي سگهان ٿو. اها طاقت يا ڪمزوري جي ڳالهه نه آهي، آئون مذاڪرات کي صحيح سمجهندو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آمريڪي حڪومت جو ايران سان معاهدو ڪاغذن جو ذيان هو، مان هن سان بامعنيٰ معاهدو چاهيان ٿو. آمريڪي صدر چيو ته ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ايران، اسان ۽ سڄي دنيا لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ڪجهه عرصي کان ٻنهي ليڊرن وچ ۾ سخت بيان بازي ٿيندي رهي آهي ۽ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن.