بلاگخاصنئون

Missing You a Lot

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

Missing You a Lot

الطاف شيخ

خبر ناهي ته ڪمپيوٽر تي فيس بُڪ ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين، جڏهن آئون هڪ شيعه زائرين جي قافلي سان گڏ ڪراچيءَ کان مشهد پهتس ته Facebook کان اڻ واقف هئس. رات جي ماني بعد هوٽل جي لائونج ۾ پنهنجي قافلي جي ماڻهن جون تصويرون ڪڍي رهيو هئس ته منهنجي ٽولي ۾ موجود ڪراچي جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ ان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي خاتون جنهن بعد ۾ٻڌايو ته هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنهن بئنڪ جي مئنيجر آهي تن مون کان آهستي پڇيو ته هي فوٽو “فيس بُڪ” تي ڏيندئو؟

دل ۾ سوچيم ته الائي ڪهڙي بُڪ جي ڳالهه پيون ڪن.

“نه آئون پنهنجي بُڪ ۾ ڏيندس.” مون کين وراڻيو. هن پڪ مون کي بيوقوف سمجھيو هوندو جو هو ٻئي منهن تي ڪاري چادر ڏئي کلڻ لڳيون. ڪراچي ايئرپورٽ تي ته هو sleeveless قميصن ۾ ڪافي سمارٽ لڳي رهيو هيون ۽ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ تائين سمورو وقت ڪمپيوٽر تي ويٺيون هيون يا سامهون وارن دڪانن تان ڪڏهن ڪافي ٿي وٺي آيون ته ڪڏهن peanuts جي ٿيلهي. تهران جي امام خميني ايئرپورٽ تي لهڻ شرط هنن به ٻين وانگر کڻي ڪاري چادر اوڍي ۽ بيبي بختاور بڻجي ويون. بهرحال هڪ ئي ٽولي ۾ هجڻ ڪري ۽ هر هنڌ گڏ گڏ هلڻ، کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڪري اسان جي گروپ جي ماڻهن جي ڏينهن ٻن ۾ هڪٻئي سان سٺي انڊر اسٽئنڊنگ ۽ دوستي ٿي وئي ۽ بعد ۾ پوءِ هنن ئي مون کي فيس بُڪ بابت ٻڌايو ۽ تعارف ڪرايو ته اهو دوستن ۽ سڃاڻن جو هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي، پر ان کان ٻه ڏينهن اڳ به مشهد جي هڪ ايراني فيمليءَ کان ان بابت ٻڌم. جن سان گڏ پڻ فوٽو ڪڍرائڻ تي ان فيملي جي خواتين مون کان ساڳيو سوال ڪيو ته آئون وائڙو ٿي ويو هئس. جواب نه ڏيڻ ۽ مون کي منجھيل ڏسي گهر جي وڏيءَ چيو ته ڇوڪريون ان ڪري اهو سوال ڪري رهيون آهن ته جي اهي فوٽو فيس بُڪ تي ڏيو ٿا ته هو مٿي کي ڍڪين ۽ پنهنجي چوڌاري چڱي طرح چادر اوڍين.

ان بابت آئون پنهنجي ايراني سفر نامي “ايران ڏي اڏام” ۾ به لکي چڪو آهيان ته ايران هڪ بيحد لبرل ملڪ آهي جنهن ۾ عورتون ڪو گهر ۾ قيد ٿيل نه آهن. ايران جي پڳڙي وارن ملن کي به تصوير لاءِ چيم ٿي ته هنن يڪدم هائوڪار ڪئي ٿي. مون سمجھيو ٿي ته ايران جون عورتون ته تصوير بنهه نه ڪڍرائينديون هونديون پر مون کي ته ڪنهن به انڪار نه ڪيو. فقط اهو چونديون هيون، سو به ڪي ڪي ته اسان کي چادر اوڍڻ ڏئي پوءِ ڀلي تون اسان جو فوٽو پنهنجي مضمون سان گڏ اخبار يا ڪنهن ڪِتاب ۾ ڏي!

 

ايران بابت ٻي ڳالهه جيڪا مون ايران واري سفر نامي سان گڏ سُئيڊن وارن سفر نامن ۾ به لکي آهي ته ايراني ڪمپيوٽر سائنس ۽ IT جهڙين شين ۾ اسان کان گهڻو گهڻو اڳ آهن. آئون سُئيڊن ۾ جڏهن پڙهندو هئس ته منهنجا ايراني ڪلاس ميٽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ يورپين جو مقابلو ڪندا هئا. اسان جي عرب ملڪن ۾ ايئرپورٽن تي ڏسندو آهيان ته انچارج عرب آفيسر هڪ آڱر سان ڪمپيوٽر تي ٺونگا هڻي آيل مسافرن جو اندراج پيا ڪندا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي منجھي پوندا ۽ ڪورين ٽيڪنيشين کي پيا سڏ ڪندا ته ڪمپيوٽر اچي ٺيڪ ڪري ڏي (تيسين مسافرن جو قطارن ۾ بيهي بيهي ساهه پيو نڪرندو آهي ته ڇو دبئي آياسين يا ڇو دمام آياسين) ۽ هوڏانهن تهران کان مشهد، اصفهان، تبريز جي هوائي اڏن تي ايراني اميگريشن، ڪسٽم، پوليس ۽ ايئرپورٽ اٿارٽي جي نوجوان آفيسر عورتن کي وڏي اعتماد سان ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو ڏسي مغربي سياح به حيرت کائيندا هوندا ته هي ايران اهو نٿو لڳي جنهن بابت ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙا رسالا ۽ CNN جهڙا ٽي وي چئنل ڪوڙ بدوڙ ٻڌائين ٿا!

بهرحال چڱو جو ايران ويس ۽ فيس بُڪ بابت خبر پئي ۽ اندازو لڳايم ته ان جا نفعا به آهن ته نقصان به. آئون Facebook ذريعي ڪراچي، ملاڪا، اوساڪا يا دنيا جي ڪنهن ٻئي شهرَ ۾ ويهي مختلف شهرن ۽ جهازن تي رهندڙ دوستن، مائٽن عزيزن ۽ شاگردن جي خبر چار لهي سگهان ٿو. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن کان پنهنجن مضمونن ذريعي پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪريان ٿو، پر جيستائين ڪو مضمون ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي ان کان اڳ اهو مضمون تصويرن سميت فيس بُڪ ۾ ڏيان ٿو ۽ ان ئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهندڙن تائين پهچيو وڃي. فيس بُڪ وارا وڌ ۾ وڌ 5000 دوستن جي اجازت ڏين ٿا، ان ڪري مون کي ٻيو ۽ هاڻ ٽيون اڪائونٽ کولڻو پيو آهي ۽ اهي دوست، پڙهندڙ ۽ شاگرد جيڪي منهنجي انهن ٽن فيس بُڪن تي آهن انهن جو تعداد اٽڪل 14000 جي لڳ ڀڳ آهي. يعني ڪو مضمون “ڪاوش” اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته اهو هڪ لک کن ماڻهو اخبار ۽ نيٽ ذريعي پڙهن ٿا نه ته ٻي صورت ۾ ٻين اخبارن کان وڌيڪَ طاقتور پنهنجو فيس بُڪ سمجھان ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ ۽ ان جو وڏو شهر هجي جنهن ۾ منهنجو سنڌي يا اردو جو ڪالم پڙهندڙ هم وطني نه هجي. اخبار ۾ منهنجا سفر ناما ته اچن ٿا، پر تصويرن جي گنجائش نه هجڻ ڪري اهي فيس بُڪ يا گوگل ۾ هڻي ڇڏيندو آهيان ۽ پڙهندڙ  Save ڪري وٺندا آهن.

ڪيترا آهن جيڪي فيس بُڪ يا انٽرنيٽ جا نقصان به ڳڻائين ٿا، پر هي شيون به ڪِتابن، رسالن ۽ ٽي وي جي چئنلن وانگر آهن. اسان تي depend ٿو ڪري ته ان کي ڪهڙي طرح استعمال ٿا ڪريون. سٺ جي شروع وارن سالن جي ڳالهه ٿي ياد اچي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اخبار واري نئون نڪتل رسالو “اخبار جهان” جو هوڪو ڏنو ته ان جي ٽائيٽل تي هيڏي وڏي ميڪ اپ واري عورت جي تصوير ڏسي ڳوٺ جي ملن وڏو اعتراض ڪيو هو. ڪجهه سالن بعد وري ڳوٺ آيس ته ڏٺم ته اهو رسالو جِتي ڪٿي رکيو آهي. اخبار واري ٻُڌايو ته ان ۾ اندر اسلامي ڳالهيون، رڌ پچاءُ جا طريقا ۽ ٻيون ان قسمَ جون شيون ڏسي مولوين کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. اها ئي حالت T.V سان آهي. ڪيترن ڳوٺن جا مولوي TV کي ڪافر ٿا سمجھن، پر اسان جهڙا ڪيترا ماڻهو ٽي وي تي ايندڙ مذهبي پروگرام ڏسي اسلام بابت معلومات حاصل ڪن ٿا… خاص ڪري سمنڊن تي يا ولايت جي ملڪن ۾. سُئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ڪيترن T.V چئنلن تي اگهاڙيون فلمون هلن ٿيون، پر آئون ڏسان ٿو ته اتي جا ماڻهو ننڍي هوندي ئي ٻارن کي سيکارين ٿا ته ڪهڙا چئنل ڏسجن ڪهڙا نه. جيئن ڪمپيوٽر آهي. اهو ته ٽي وي کان به خطرناڪ آهي، پر صحيح والدين پنهنجن ٻارن کي شروع کان ئي ان جي آگاهي ڏين ٿا ته ڪهڙيون sites بداخلاق آهن، جن کان پاسو ڪجي. رڳو ائين چوڻ ته ڪمپيوٽر ڪافراڻي شيءِ آهي غلط ٿيندو. ڇو جو ڪمپيوٽر ته سٺيون، اخلاقي ۽ معلوماتي شيون به مهيا ڪري ٿو ۽ سعودي عرب توڙي ايران جي هر تعليمي اداري ۽ هر مدرسي ۽ گهر ۾ ڪمپيوٽر موجود آهي.

پر ڇا آهي جو اسان جي ملڪ ۾ انهن شين جو غلط استعمال به ماڻهن کي بد دل ڪري وڌو آهي. فيس بُڪ جهڙن سوشل ميڊيا جون خرابيون پنهنجي جاءِ تي پر بقول پاڪستان جي مشهور اخبار ۽ ٽي وي رپورٽر عاجز جمالي جي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي آزاديءَ سان پنهنجا خيال ٻين ماڻهن سان ونڊڻ (شيئر ڪرڻ) ۾ سولائي ٿي رهي ڇو ته اخبار يا ٽي وي ۾ ايڏي گنجائش ناهي جو هر ماڻهو خبر ڇپرائي سگهي يا ٽيليفون ذريعي هر دوست يا مائٽ کي پنهنجي غمي يا خوشيءَ کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ نه وري هر هڪ سان دوستي به ڪري سگهي ٿو.

سنجيده ڳالهيون هڪ طرف هِتي پڙهندڙن لاءِ فيس بُڪ بابت ٻه چرچا به لکندو هلان جيڪي اڄ ڪلهه تمام عام ٿي پيا آهن ۽ فيس بُڪ جي هيڪاندي مشهور ٿيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا… يعني اٺ سال کن اڳ اسان جهڙي گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهوءَ کي به فيس بُڪ جي خبر نه هئي، پر اڄ ڪلهه ڳوٺ ڳوٺ جو ۽ سوسائِٽي جو هر ماڻهو فيس بُڪ کان واقف ٿي چڪو آهي ۽ سندس وندر جون گهڙيون فيس بُڪ تي ئي گذرن ٿيون… چاهي امير هجي يا غريب.

هڪ بيگم صاحبا پنهنجي هونڊا اڪارڊ گاڏي سگنل وٽ بيهاري ته هڪ فقير هٿ ٽنگي کانئس خيرات گهرڻ لڳو.

بيگم صاحبا فقير کي غور سان ڏسي، شيشو هيٺ ڪري هن کي چيو : “لڳي ٿو توکي مون پهرين به ڪٿي ڏٺو آهي!”

فقير مرڪندي ٺهه پهه وراڻيو: “بيگم صاحبا! پاڻ ٻئي فيس بُڪ فرينڊس ته آهيون.”

اڄ ڪلهه هرهڪ کي پنهنجن دوستن يارن جي چرپر جي خبر فيس بُڪ جي پهرين خاني status مان پوي ٿي… ڪنهن جو جهاز اڄ ڪٿي پهتو آهي… ڪڏهن اهو بندرگاهه ڇڏي رهيو آهي… ڪنهن جي طبيعت ناساز آهي… ڪٿي ادبي فنڪشن آهي… وغيره.

هڪ ڏينهن گسائڻ بعد جڏهن ڪم واري ڇوڪري صفائي لاءِ آئي ته بيگم صاحبا ڪاوڙ ڪندي چيس ته جيڪڏهن بيمار به ٿيئن ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اطلاع ته ڪندي ڪر ته آئون انتظار ته نه ڪريان.

ڪم واري ڇوڪريءَ وراڻيس: “بيگم صاحبه ناراض نه ٿيو. هي جو ڪالهه فيس بُڪ تي پنهنجي Status بابت لکيم ته چاق نه آهيان ان ڪري ڪم تي اچي نه سگهنديس… توهان کي خبر نه پئي ڇا؟ ايتري قدر جو صاحب ته منهنجي ڪمينٽس واري خاني ۾ اهو به لکيو ته : “او! شَل مِس يُو اي لاٽ” (Oh! Shall miss you  a lot)