خاص

جسٽس قاضي ڌمڪي ڪيس: مولوي افتخار تي فرد جرم عائد.

سپريم ڪورٽ جي ججن جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ ملزم مرزا افتخار الدين آغا تي فرد جرم عائد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ، جسٽس فائز عيسيٰ خلاف هاءِ ڪورٽ جي ججن جي توهين ۽ موت جي ڌمڪين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ملزم آغا افتخارالدين کي جيل اختيارين طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آندو ويو جڏهن ته لاڳاپيل ايف آءِ اي آفيسر به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. مرزا افتخارالدين آغا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان پنهنجي وڊيو بيان تي دلي طور تي معافي ٿو گهران، آئون ڏاڍو شرمنده آهيان مان قانون کان علاوه هڪ مسلمان جي حيثيت سان معافي گهران ٿو. هن چيو ته الله جي عدالت ۾ مون کي اتي به جواب ڏيڻو آهي، مون کي وڊيو اپ لوڊ ايڊيٽنگ جي ڄاڻ ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو معافي وارو معاملو ناهي، توهان عدالت جو مذاق نٿا اڏائي سگهو، اهڙي طرح پاڪستان جو سڄو نظام فيل ٿي ويندو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته تون مسجد جي منبر تي ويٺي به اها زبان استعمال ڪري رهيو هئين، ڪو جاهل ماڻهو به ائين نٿو ڪري سگهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيف جسٽس چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال جو بيان حلفي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي ، ڇا توهان حلف نامون پڙهيو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته هن جو بيان حلفي وصول نه ڪيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو پڙهي ۽ جواب ڏيو. عدالت ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي جي رپورٽن تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اٽارني جنرل ڇا ڪري رهيو آهي؟ معاملي کي سنجيده نه وٺي رهيو آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته تحقيقاتي رپورٽن ۾ ڪا ٺوس شيءِ موجود نه آهي، هي هڪ جج جو معاملو نه پر عدليه جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ مرزا افتخار الدين طرفان داخل ڪيل اڳوڻي لکت واري جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هن تي فرد جرم عائد ڪيو ۽ ملزم کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني. سپريم ڪورٽ طرفان مرزا افتخار الدين آغا کي فرد جرم جي ڪاپي پڻ فراهم ڪئي وئي. ياد رهي ته آغا افتخار الدين مرزا هاءِ ڪورٽ ۽ ججن خلاف توهين ڪندڙ لفظن تي ٻڌل هڪ وڊيو وائرل ڪئي هئي جنهن تي سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي ۾ ملزم کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.