پاڪستانخاصنيو‍‍ز

وزيراعظم پاران جنرل عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير کي نئون چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان سمري صدر پاڪستان کي موڪلي وئي آهي.