سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي(HIV) جي وڌندڙ ڪيسن هڪ سنگين انساني ۽ صحت جي بحران جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. تازن انگن اکرن موجب رڳو هلندڙ سال دوران سنڌ ۾ 329 ٻار هن موذي وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته روزانو تقريبن 3 کان 4 نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. اها صورتحال نه رڳو ڳڻتي جوڳي آهي، پر اسان جي صحت جي نظام، انتظامي ناڪامي ۽ سماجي روين تي به وڏو سواليه نشان آهي. ايڇ آءِ وي هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو عام حالتن ۾ احتياط سان آسانيءَ سان روڪي سگهجي ٿو، پر جڏهن اهو ننڍڙن معصوم ٻارن تائين پهچي وڃي ته اها رڳو بيماري نه، پر هڪ اجتماعي ناڪامي بڻجي وڃي ٿي. جيڪڏهن انگن اکرن تي نظر وجهجي ته 2026 جي پهرين ٽن مهينن ۾ سنڌ ۾ 894 ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته مسئلو محدود نه، پر تيزيءَ سان وڌندڙ آهي. هن بحران جي سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته ڪيترن ئي ڪيسن جو تعلق صحت جي ادارن جي اندر ٿيندڙ لاپرواهي سان ڳنڍيل آهي. تونسہ ۽ ٻين علائقن مان سامهون آيل رپورٽن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ استعمال ٿيل سرنجون بار بار استعمال ڪيون وڃن ٿيون، دستانن کانسواءِ انجيڪشن لڳايا وڃن ٿا ۽ انفيڪشن ڪنٽرول جا بنيادي اصول نظرانداز ڪيا وڃن ٿا. اهڙيون غفلتون نه صرف طبي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن، پر سڌي ريت انساني جانين سان کيڏڻ برابر آهن. ماهرن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن سرنج جي سوئي تبديل به ڪئي وڃي، پر ساڳي سرنج جو جسم استعمال ٿئي ته وائرس جي منتقلي جو خطرو برقرار رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسپتالون، جيڪي شفا جا مرڪز هئڻ گهرجن، بيمارين جي ڦهلاءَ جا ذريعا بڻجي وڃن ٿا. اهو سوال اڀري ٿو ته آخر ڇو اهڙيون بنيادي احتياطي تدبيرون به نظرانداز ڪيون پيون وڃن؟
ان مسئلي جا ڪيترائي سبب آهن. هڪ طرف صحت جي شعبي ۾ وسيلن جي کوٽ، طبي عملي جي تربيت جي گهٽتائي ۽ نگراني جو فقدان آهي، ته ٻئي طرف سماجي رويا به ان کي وڌائين ٿا. پاڪستان ۾ انجيڪشن لڳرائڻ کي اڃا تائين “جلدي اثر ڪندڙ علاج” سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سبب ڊاڪٽرن تي به دٻاءُ وڌي ٿو ته هو هر معمولي بيماري لاءِ به ٽيڪا استعمال ڪن. نتيجي طور، سرنجن جي طلب وڌي ٿي ۽ جڏهن سپلاءِ محدود هجي ته غير محفوظ طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. ٻئي اهم پهلو ۾ رت جي منتقلي ۽ غير منظم نجي ڪلينڪ به شامل آهن، جتي اسڪريننگ جي کوٽ سبب وائرس جي منتقلي جو خطرو وڌي وڃي ٿو. رپورٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪيترن ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ماءُ کان منتقل نه ٿيو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته بيماري جا ٻيا ذريعا، خاص طور تي طبي لاپرواهي، وڌيڪ ذميوار آهن.
هن سڄي صورتحال جو سڀ کان ڏکوئيندڙ اثر انهن ٻارن ۽ انهن جي خاندانن تي پوي ٿو، جيڪي نه صرف بيماري سان وڙهن ٿا، پر سماجي اڪيلائي ۽ بدنامي جو به شڪار ٿين ٿا. ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻار اسڪولن، پاڙيسرين ۽ سماج ۾ الڳ ڪيا وڃن ٿا، جنهن سان انهن جي نفسياتي حالت به متاثر ٿئي ٿي. اهو رويو نه صرف غير انساني آهي، پر مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ۽ صحت جا ادارا فوري ۽ سنجيده قدم کڻن. سڀ کان پهرين، انفيڪشن ڪنٽرول جا سخت معيار لاڳو ڪيا وڃن ۽ انهن تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ موثر نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي. طبي عملي جي باقاعده تربيت، سرنجن ۽ ٻئي سامان جي مناسب فراهمي، ۽ غير محفوظ عملن خلاف سخت ڪارروائي لازمي آهي. ساڳئي وقت، عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ به ضروري آهي ته هر بيماري لاءِ انجيڪشن ضروري ناهي، ۽ غير ضروري ٽيڪن کان پاسو ڪيو وڃي. ان سان گڏ رت جي منتقلي ۽ نجي ڪلينڪن جي سخت نگراني پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مختصر طور، سنڌ ۽ ملڪ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو وڌندڙ ڦهلاءُ هڪ اهڙو بحران آهي، جيڪو صرف طبي مسئلو نه، پر هڪ اخلاقي ۽ انتظامي امتحان آهي. جيڪڏهن اڄ به سنجيدگي سان قدم نه کنيا ويا ته سڀاڻي وڌيڪ معصوم زندگيون هن غفلت جي ور چڙهنديون. هاڻي وقت آهي ته ذميواري جو احساس ڪيو وڃي ۽ صحت جي نظام کي واقعي محفوظ بڻايو وڃي-ڇو ته هر ٻار جي زندگي قيمتي آهي ۽ ان جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري آهي.