سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ مرحوم عبدالله شاهه جي ورسيءَ جو ڏينهن رڳو گلن جا هار چاڙهڻ ۽ تعريفي لفظ چوڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر اهو ڏينهن هڪ عڪس آهي هڪ آئينو جنهن ۾ اسان کي پنهنجا واعدا، پنهنجا خواب، پنهنجا ارادا ۽ پنهنجي عملن جو حساب ڏسڻ گهرجي. هي ڏينهن اسان کان اهو سوال ڪري ٿو ته جيڪي خواب هن ڌرتيءَ لاءِ ڏٺا ويا ڇا اهي اڄ به زنده آهن يا وقت جي بي رحم وهڪري ۾ گم ٿي ويا آهن؟ هن وقت سنڌ جو موجوده وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب پنهنجي والد جي ياد ۾ ورسي ملهائي رهيو آهي ته اسين به سندس ڏک ۾ شريڪ آهيون. سيد عبدالله شاهه هڪ اهڙو مدبر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي ترقي، عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ اهم قدم کنيا، ڪيترائي خواب ڏٺا. سندس دور ۾ شروع ٿيل ڪيترائي منصوبا اڄ به سندس بصيرت ۽ ڏاهپ جا زنده مثال آهن. اڄ به سندس خدمتون سادگي ۽ عوام سان محبت اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سي ايم سنڌ سائين مراد علي شاهه کي به سندس نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
تنهنجا خواب اڃا ڌرتيءَ ۾ ساهه کڻن ٿا،
تنهنجو نالو اڄ به دلين ۾ جيئرو رهي ٿو.
سائين عبدالله شاهه جي خوابن ۾ اسان جو ڳوٺ نئينگ نغاول بڊو جبل به هئا، پر بدقسمتي سان اُهي خواب اڌورا رهجي ويا اسان جو ڳوٺ جيڪو ننڍڙو، پر فطرت جي حسين رنگن سان سينگاريل آهي. سنڌ جو موجوده سي ايم سنڌ سائين مراد علي شاهه صاحب نئينگ نغاول جو رهواسي به پنهنجي دلين جي دانهن کڻي اوهان ڏانهن نهاري رهيو آهي، ان جي اکين ۾ اڄ به اميد جا ڏيئا ٻرن ٿا، پر انهن ڏيئن جو چراغ هاڻي وسامڻ جي ڪناري تي آهي. نئينگ نغاول هڪ اهڙو ڳوٺ جيڪو کيرٿر جبل، ڀت جبل ۽ بڊو جبلن جي هنج ۾ پنهنجي فطري حسن سان ڄڻ ته جنت جو ٽڪرو لڳي ٿو، جتي هر صبح چشمن جي ٽِڪ ٽِڪ سان جاڳي ٿي، جتي شام جو سج جبلن جي اوٽ ۾ لڪي سونهن جا نوان رنگ وکيري ٿو، جتي پکين جون لاتون روح کي سڪون ڏين ٿيون، پر افسوس اهوئي ڳوٺ اڄ بنيادي انساني حقن کان محروم آهي. قدرت هن ڌرتيءَ تي ڪا به ڪمي نه ڇڏي زرخيزي زمين، قيمتي پٿر، گيس ۽ تيل جا خزانا سڀ ڪجهه هن ڌرتيءَ جي سيني ۾ سمايل آهن، پر هتي رهندڙ ماڻهن لاءِ اهي سڀ نعمتون ڄڻ ته ڪنهن ٻئي جهان جون شيون آهن. جڏهن 1997ع ۾ هن علائقي مان گيس ۽ تيل جا ذخيرا دريافت ٿيا تڏهن هنن اٻوجهه ماڻهن پنهنجي قسمت بدلجڻ جا خواب ڏٺا، هنن سوچيو ته هاڻي سندن ٻار به پڙهندا، بيمار علاج ڪرائيندا ۽ زندگي آسانيءَ سان گذرندي، پر وقت انهن خوابن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، اهي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران ٽٽي ٽڪر ٿي ويا. جڏهن ملٽي نيشنل ڪمپنين هن ڌرتيءَ تي پنهنجا پير ڄمايا تڏهن ترقيءَ جا نعرا ته لڳا، پر مقامي ماڻهن لاءِ تباهيءَ جا در کلي ويا، زمين جو جر سڪڻ لڳو، چشما ختم ٿيڻ لڳا، کوهن جو پاڻي گهٽجڻ لڳو جيڪو پاڻي ڪڏهن زندگيءَ جو سرچشمو هو، اهو اڄ زهر بڻجي ويو آهي. هينڊ پمپن مان نڪرندڙ پاڻي جيڪو ڪڏهن شفاف هوندو هو اڄ بيمارين جو ڪارڻ بڻجي چڪو آهي. هر گهر ۾ بيماري آهي. هيپاٽائيٽس، گيسٽرو ۽ ٻين خطرناڪ مرضن ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، اهو درد رڳو انگن اکرن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، اهو درد انهن اکين ۾ نظر اچي ٿو جيڪي هر ڏينهن اميد سان جاڳن ٿيون، پر مايوسي سان سمهي رهن ٿيون.
اسان جي ڳوٺ سان گڏ بڊو جبل، جيڪو پنهنجي ٿڌڙي موسم سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جا ڏاها ماڻهو بڊي جبل کي سنڌ جو ڪوهه مري به چوندا آھن، جتي جون ۽ جولاءِ جي سخت گرميءَ ۾ به ٿڌ محسوس ٿئي ٿي، اهو جبل جيڪو قدرت جو حسين تحفو آهي ڪنهن وقت ترقيءَ جي روشنيءَ سان روشن ٿيڻ وارو هو. مرحوم سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ هتي پوليس ٽريننگ سينٽر ٺهيو، هڪ وڏي ٽي بي اسپتال تعمير ٿي، پاڻيءَ جي لائين پهتي، بجليءَ جا ٿنڀا لڳا، تارون به لڳي ويون ته ماڻهن جي دلين ۾ اميد جا گل ٽڙڻ لڳا، ائين لڳو ته هاڻي هي علائقو به ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندو، پر جيئن ئي حڪومت تبديل ٿي سڀ ڪجهه ڄڻ وقت جي ڌوڙ هيٺ دفن ٿي ويو. اڄ اها اسپتال جيڪا هزارين زندگيون بچائي سگهي ٿي، ويران پيل آهي. ان جون ديوارون ڄڻ سوال ڪن ٿيون “اسان کي ڇو وساريو ويو؟” پوليس ٽريننگ سينٽر جيڪو نوجوانن لاءِ روزگار جا در کولڻ وارو هو اڄ خاموشيءَ ۾ گم آهي. نئينگ نغاول جا ماڻهو اڄ به اونداهه ۾ آهن، گيس جون لائينون سندن گهرن جي اڱڻ مان گذرن ٿيون، پر سندن چلهه اڄ به ٻرڻ کان لاچار آهي، ڪابه سهولت ناهي. روڊ ناهن، اسڪول ناهن، اسپتال ناهي، ڪنهن بيمار مريض کي سيوهڻ تائين پهچڻ لاءِ 65 ڪلو ميٽر جو اذيتناڪ سفر ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن زندگي ۽ موت جو سبب بڻجي وڃي ٿو. اهو سوال اڄ به زنده آهي. ڇا هي ماڻهو هن ملڪ جا شهري ناهن؟ ڇا انهن جو ڪو حق ناهي؟ اڄ سيد عبدالله شاهه جي ورسيءَ جي موقعي تي نئينگ نغاول ۽ بڊو جبل جا ماڻهو سيد مراد علي شاهه کي هڪ سڏ، هڪ دانهن، هڪ اپيل ڪن ٿا ته خدارا پنهنجي والد مرحوم عبدالله شاهه جي خوابن کي دفن ٿيڻ نه ڏيو. اهي منصوبا جيڪي هن علائقي جي تقدير بدلائي سگهن ٿا انهن کي مڪمل ڪريو، بڊو جبل جي اسپتال کي فعال بڻايو، جتي بيمار ماڻهن کي زندگي ملي سگهي. پوليس ٽريننگ سينٽر کي بحال ڪيو، جيئن نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملن. نئينگ نغاول کي صاف پاڻي، تعليم، صحت ۽ روڊن جون سهولتون ڏنيون وڃن. هي ڪو احسان نه آهي، هي انهن ماڻهن جو حق آهي جيڪي سالن کان نظرانداز ٿي رهيا آهن. ورسي رڳو يادگيري ناهي، پر هڪ واعدو آهي. ان واعدي سان هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر انسان کي عزت سان جيئڻ جو حق ملندو. اڄ به نئينگ، نغاول ۽ بڊو جبل جا ماڻهو اوهان ڏانهن اميد ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيا آهن. هاڻي اهو اوهان تي آهي ته انهن جي اميدن کي زندگي ڏيو يا انهن کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو.