بلاگنئون

تاثراتي پيپر: ادبي پورھيت: استاد گل دايو

تحرير: حمز علي سوهو

ڪنهن به هستي (وجود) جي صورتگري لفظن جي ذريعي بيان ڪرڻ، ان جي شڪل شبيهه، بيهڪ، قد بت، رنگ ۽ چهري جا تاثرات چٽي پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي اڳيان نروار ڪري، پڌرو ڪرڻ سادو ناھي. لفظ ڪيترا به نفيس، ڪومل يا ارڏا هجن ڪنهن به شخصيت جي ھوبھو عڪاسي ڪري نٿا سگهن. اهڙي ڏات ۽ ڏانءُ صرف سنگ تراش جي خيال جي گهرائي، هٿ جي نفاست ۽ ڇيڻيءَ جي نرم ڇهاءُ ۽ من جي اھاءُ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. ان ڪري مون مان فقيرو سولنگي جي اميد نه رکڻ گهرجي ته ڪي نقش اڀاري سگهان. اهڙي حسين بت جي تخليق فقيرو سولنگي جي هٿ جي ڇهاءُ سان وجود پذير ٿي سگهي ٿي جو مجسمي سازي جي فن ۽ منفرد ڊزائين ۾ يڪتائي جو درجو رکي ٿو. هن سان پهرين ڏيٺ ويٺ ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي سا ياد نٿي اچي. شايد قربت جو ڪڻو سنگت شاخ لاڙڪاڻي مان نڪري نروار ٿي دوستي جي ڌاڳي ۾ ٻڌجي پيو، جو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. سندس مختصر سڃاڻپ سادن لفظن سان هيئن ٿي سگهي ٿي ته استاد چوڻ سان دل ۾ عزت ۽ احترام جو جذبو بيدار ٿي پوي ۽ گل اظهارڻ سان خوشبوءِ من ۾ مهڪي پوي. انهن ٻنهي گڻن کي گڏائجي ته استاد گل ٺهي پوندو. جڏھن ته پورو نالو گل محمد ولد محمد الياس دايو آهي. سندس آمد 21 سيپٽمبر 1960، جسماني بيهڪ پوري پني، قد پنج فوٽ ٻه انچ وزن تقريبن 52 ڪلو. چوڻي آهي ته مڙسن جا قد ناهن ڪڇبا. سندس حوصلو “سنها ڀانءِ م سپ” وارو آهي.

مون وٽ سندس سڃاڻپ جون ٻه خوبيون آهن هڪ ورڪر جي ۽ ٻي ادبي پورهيت جي. ورڪر طور هن کي سدائين تحرڪ ۾ ڏٺو، صحتمند ٻج جيان هر ماحول ۾ لُڪ هجي يا اتر هير، ھاڙھ جي گرمي هجي يا پوھ جي سردي ھي بينر جهلي اڳيان، اڳيان پيو وڌندو. زندگي جي 65 سال ۾ هلندي ايترو سرگرمي سان ڪم ڪندي ڪو ٻيو ماڻهو نٿو سجهي. شايد هر وقت “اٿي پئو اٿڻ” وارو جذبو سندس رت ۾ شامل هجڻ ڪري ويهڻ کي طعنو سمجهي “ھڻڻ ھڪـلڻ ٻيلي سارڻ” واري ريت ۾ اسڪائوٽس سميت جدوجهد جي ميدان ۾ اهو سماجي  هجي؛ سياسي ھجي يا ادبي هجي ڪڏي ڪاهي پئي ٿو. ڪنهن محل ڏسو ته آزاد ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۾ هڪ مهيني تائين خدمتون پيو ڏي ته ڪڏهن زيارت ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ حاضر ته ڪڏھن سيوهڻ ۾ بم ڌماڪي ۽ چيزل شاهه جي آستاني تي بم ڌماڪي ۾ فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جهڙا ڪم ڪري ڏکويلن جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ ته ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم خلاف مظاهري ۾ جيل ڀيڙو ٿيڻ ته ڪڏهن ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ته وري ڪڏھن بجاراڻي لغاري درياءَ جي شهيدن مٿان ٿيل قهر خلاف موري ۾ مارچ ڪندي نظر اچي ٿو. سندس سماجي خدمت جي مڃتا طور سوين اعزازن سان نوازيو ويو آهي. ان کان علاوه 100 کان مٿي آءِ ڪيمپن ۽ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ فرسٽ ايڊر ۽ اسڪائوٽس ليڊر طور ڪم ڪندو رهڻ سان نه سندس پير ٿڪجن ٿا ۽ نه سندس دل ٿي ٿڪجي بس رڳو ڪم ئي ڪم، اها ڪهڙي ڳڻتي يا فڪر آهي جو کيس ويهڻ، آرام ڪرڻ يا ساهي کڻڻ نٿي ڏئي. شايد تنوير جيان “ڪجهه ڏئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻور آهيون ڏئي ميوو ڇڻي وينداسين” ان ڪري هو ڪجهه ڏئي وڃڻ چاهي ٿو. اهڙي جستجو، جاکوڙ ۽ روش ادب ڏانهن به رکي ٿو. سندس تخليقي پورهئي جو دامن به ڪشادو آهي. ادب جي جهول ۾ شاعري/ٻارڙن جي شاعري، ڪهاڻيون، مقالا ۽ مضمون اچي وڃن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ گيت گلڙن لاءِ (ٻارن جي شاعري) ڪنگ جي ناني (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) مرڪن مٺڙا ٻار (ٻارڙن جي شاعري). جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ٻارڙن لاءِ شاعري جا ٻه ڪتاب ۽ ٻارڙن لاءِ ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. ان کان علاوه هم جنس پرستي جي موضوع تي لکيل ڪتاب “چينل-2” ۽ احساسن جي اوت شاعري ۽ ٻيون انيڪ ڪهاڻيون ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن. چوڻي آهي ته، “پئسو هجي ته بر ۾ بازاريون” سو رٽائر استاد ڪري ته ڇا ڪري…!؟ سنڌي ادبي سنگت جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ سندس قلمي پورهئي کي ٻڌڻ دوران ڪي ٿوريون تخليقون هونديون جن روح کي ڇهيو هوندو، ان جو ڪارڻ شايد گهڻو لکڻ آهي. گهڻي لکڻ جي چاھ ۾ ڪيترو معياري لکي سگهجي ٿو اهو الڳ سوال آهي. تخليق رت گهري ٿي، ولوڙ، بيچيني، اضطراب، خيال جي بلندي ۽ احساس جي اڏار ئي تخليق کي حسن ۽ ڪمال درجي تي رسائي ٿي. هونئن به اديب جو ڪم منجهيل ڪيفيتن کي زبان ڏيڻ هوندو آهي. جيتري خيال جي گهرائي ۽ احساس جي اڻت سگهاري هوندي اوتري عوام ۾ مقبوليت جو درجو ماڻيندي. هر تخليقڪار جي به اها خواهش هوندي آهي ته هو عام ۾ پذيرائي حاصل ڪري. تيئن پڙهندڙ جي به چس، ذائقو ۽ پسند ٿئي ٿي ان ڪري استاد مون کي سگهاري ليکڪ طور گهٽ، ورڪر تمام وڏو لڳندو آهي. ورڪر طور سنڌ سنگت پاران “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” لاءِ لاڙڪاڻي ۾ شاندار مهم هلائڻ تي شيلڊ ۽ سنگت شاخ لاڙڪاڻي کان مليل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻه مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي.

جڏھن ته ٻه ڀيرا باراني مغيري، ٽي ڀيرا سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا ضلعي رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. اڄڪلھ ھي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي پبليڪيشن شعبي جو چيئرمين پڻ آھي، جتي به سرگرميءَ سان ڪم ڪري رھيو آھي. استاد سان ادبي ۽ ذاتي واسطو هجڻ ڪري سندس شخصيت ۾ ڪجھ جهول به نظر آيا. هڪ ڀيري ضلعي رابطا سيڪريٽري جي اميدوار هجڻ ڪري سندس حمايت ۾ ان بنياد تي ووٽ ڏيڻ جي حامي ڀري وئي ته ٻي چونڊ ۾ اسان پاران نامزد ڪيل اميدوار کي ووٽ ڏنو ويندو ته استاد چيو مون ڪو اهڙو واعدو نه ڪيو آهي، اتي موجود سندس “پٽ” حسنين ميمڻ جنهن کي هن پٽن جيان پالي تاتي هڪ ذميوار پيءُ ھجڻ جو ثبوت ڏنو آھي. ڇاڪاڻ جو رڳو ٻار پيدا ڪرڻ سان ماڻهو پيءُ ٿي نٿو سگهي، کيس چيو بابا توهان اهڙو واعدو ڪيو هو. استاد موٽ ۾ ڪڏھن ڪڏھن عمران خان وانگر يوٽرن وٺبو آهي چئي حيران ڪري ڇڏيو. ٻيهر اهڙو ورتاءُ شاخ لاڙڪاڻي جي 2024 جي چونڊن ۾ به ڏسڻ وٽان آيو. چوڻ جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو ان جو جمهوري حق هو ۽ ان جهموري حق جي حمايت ڪرڻ به گهرجي صرف ووٽ ڏيڻ جي حد تائين، پر جڏهن توهان پاڻ اميدوار نه آهيو ته ٻئي جي ڪلهي تي سوار ٿي بندوق هلائڻ کي جهموري حق نه، پر ٻيو ڪجهه ئي سمجهي سگهجي ٿو. جڏھن ته اهڙو نامناسب رويو اختيار ڪرڻ جو کيس بعد ۾ احساس به ٿيو. هر انسان ۾ ڪي نه ڪي خوبيون به هونديون آهن ته ڪي خاميون به هونديون آهن “هجي ڪا کاڻ خوبين جي عيبن کان بنھ آجي، نه پنهنجي زندگي اهڙي نه پنهنجي بندگي اهڙي” سو استاد گل دايو جي زندگي ۾ خوبيون گھڻيون عيب بنھ نه هئڻ جي برابر آهن. منهنجي قلم مان استاد لاءِ نور نه ٽميو هوندو ۽ نه پني تي خوشبوءِ مهڪي هوندي ان هوندي به سڀ محبتون استاد گل جي نانءُ.

نوٽ: س ا س شاخ لاڙڪاڻي پاران استاد گل سان ملھايل رھاڻ ۾ پڙھيل تاثراتي پيپر.

***