بلاگنئون

ڇا محبت جي عظيم يادگار تاج محل کي ھڪ ٻي بابري مسجد بڻايو پيو وڃي؟

اسان جيڪڏهن تاريخ ۾ ٿيندڙ ظلم، جبر، ناانصافي ۽ انتھا پسندي تي نظر وجھنداسين ته تاريخ جا ڪجهه زخمي ورق اڄ به بابري مسجد جي شهادت جي سڏڪن ساھ ڀريل نظر ايندا! جتي عقيدي جي آڙ ۾ هڪ تهذيبي ورثي کي مٽيءَ ۾ ملائي ويو. اڄ ساڳيو ساڙ تاج محل ڏانهن وڌي رهيو آهي! تاج محل هڪ اهڙي يادگار، جيڪا محبت، فن ۽ اتحاد جي علامت آهي، پر هندوتوا جي نئين لهر ان کي به تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي. ڇا تاج محل به بابري مسجد وانگر ھڪ محبت جي عالمي يادگار مان مذھبي جنوني ۽ سياسي سازش جو شڪار ٿيندو؟ اهو سوال رڳو تاريخ جو نه، پر مستقبل جي شعور جو امتحان آهي. اچو ته ان بيمار ذھنيت طرفان شھيد ڪيل بابري مسجد جي شھادت جو تذڪرو ڪري پوءِ تاج محل پويان انهن جي سازشن جو جائزو وٺون!

بابري مسجد، جيڪا صدين تائين هندستان جي سر زمين تي اسلامي فنِ تعمير، ثقافتي هم آهنگي ۽ روايتن جي هڪ علامت طور موجود رهي، پر هڪ ڏينهن اهڙي نفرت جو نشانو بڻي جو ان باهه ۾ نه رڳو مسجد جون سرون ۽ ڀتيون سڙيون، پر ڀارت جي سيڪيولر شناخت به سڙي رک ٿي وئي. اڄ جڏهن تاريخ کي مڙهيل طاقتن جي خواهشن مطابق موڙڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، تڏهن بابري مسجد جو واقعو عبرت جو درس بڻجي سامهون اچي ٿو! بابري مسجد جو بنياد 1528ع ۾ مغل بادشاهه بابر جي سپهه سالار مير باقي، ايوڌيا ۾ رکيو. ان وقت جي فن تعمير جي شاهڪار، هي مسجد لڳ ڀڳ پنج صديون امن سان اتي بيٺي رهي، پر 1949ع ۾ هڪ سازشي انداز سان انتھا پسند ھندن طرفان مسجد جي اندر رام جي مورتي رکي وئي ۽ مسجد کي تالا هڻي بند ڪيو ويو. هيءَ صرف ھڪ شروعات هئي ان بي چينيءَ جي، جيڪا آخرڪار 1992ع جي قيامت جو بڻياد بڻي.

80ع واري ڏهاڪي ۾ وشوا هندو پريشد،RSS  ۽ پوءِBJP  جي اڳواڻن هن مسجد کي هڪ اهڙي نشان طور پيش ڪيو، جنهن کي ڊاهي، انهن جي سياسي عمارت جو بنياد پڪو ٿي سگهي. لال ڪرشن آڏواڻيءَ جي “رام رٿ ياترا” نه رڳو رام مندر جي نالي تي عام ھندن جي همدردي حاصل ڪئي، پر هزارين دلين ۾ نفرت جو زهر به ڀري ڇڏيو! ان کانپوءِ 6 ڊسمبر 1992 جو اُهو ڏينهن آيو جنهن جذبات جي باهه ۾ عقل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن هڪ منظم سازش تحت انتهاپسندن جو هجوم مسجد مٿان چڙهي ويو ۽ انهن ساڙ، نفرت ۽ سياسي مفادن جي آڙ ۾ بابري مسجد کي ڊاھي پٽ ڪيو! ان ڏينهن صرف مسجد جو سفيد گنبذ ڊاھي پٽ تي نه ڪيرايو ويو، پر ڀارت جي اخلاقي ۽ سيڪيولر سڃاڻپ به پٽ تي ڪري پئي!

ان بعد عدالتن ۾ ڪيس ھلندا رھيا جنهن ۾ الهه آباد هاءِ ڪورٽ 2010ع ۾ مسجد جي زمين کي ٽن ڌرين ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڏنو، پر پوءِ به ڪيس جاري رھيو ۽ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ پھتو ۽ 2019ع ۾ انڊين سپريم ڪورٽ انصاف جي منهن تي موچڙو گهمائيندي ھڪ فيصلو جاري ڪيو جنهن تحت اها ڊاھيل مسجد جي زمين هندو ڌر جي حوالي ڪئي وئي ۽ مسلمانن کي ٻئي هنڌ مسجد تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو!! هي فيصلو هڪ اهڙي دور جي شروعات هئي، جتي تاريخي صداقت، قانوني دليلن جي جاءِ تي، سياسي خواهشن جو وزن وڌيڪ اثر انداز رھيو. ڇو ته بابري مسجد کي مندر جي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪوبه تاريخي ثبوت موجود نه هو، پر هندو انتهاپسندن لاءِ اهو سوال ثبوت جو نه، پر سياسي حڪمتِ عملين جو هو. مذهبي جذبن کي سياسي ڪرسي لاءِ استعمال ڪرڻ جو هي بي رحم سلسلو، صرف مسلمانن نه، پر سموري ڀارتي جمهوريت لاءِ ھڪ ڪاپاري ڌڪ ھو! بابري مسجد کانپوءِ ساڳئي طبقي پاران محبت جي نشاني قرار ڏنل ھڪ خوبصورت عالمي عمارت تاج محل کي نفرت جي رنگ ۾ رنگڻ لاءِ ھندو مندر قرار ڏيڻ جون ناڪام ڪوششون شروع ٿيون جيڪي ھاڻي زور پڪڙينديون پيون وڃن!

تاج محل جي تاريخي پسمنظر تي نظر وجهبي ته ھندستان جي دل آگره ۾ موجود ھيءَ خوبصورت عمارت تاج محل، فقط هڪ سنگ مرمر جو عاليشان تاريخي ورثو ناهي، پر اها انساني محبت، فن تعمير ۽ تهذيبي هم آهنگيءَ جو آبشار آهي، جنهن جي هر پاڇي ۾ تاريخ جون سرگوشيون سمايل آهن، پر افسوس! جڏهن تاريخ سان محبت ختم ٿي وڃي ته پوءِ انهن يادگارن تي سياسي نفرتن ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جا ڪارا پاڇا پون ٿا. تازن سالن ۾ تاج محل کي مندر ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون، اهي تاريخي نه، پر علمي ۽ تهذيبي ورثي سان ھٿ چراند چئبي. ڇو ته ڪڏهن چيو ويو ته اها عمارت “تيجو محل” آهي، ڪڏهن ان جي دروازن پٺيان مندر لڪيل هجڻ جي بي بنياد دعويٰ ڪئي وئي ته ڪڏهن عدالتن جو دروازو کڙڪايو ويو ته انهيءَ يادگار کي بابري مسجد وانگر هندو ورثو قرار ڏنو وڃي! تاج محل کي مندر قرار ڏيڻ جو نظريو پهريون ڀيرو پي اين اوڪ نالي شخص پيش ڪيو. اهو شخص ڪو تاريخدان نه بلڪه ڀارتي فوج ۾ پروپيگنڊا آفيسر هو. سندس دعويٰ هئي ته تاج محل، اصل ۾، هندو مندر تيجو مهاليا آھي! پر جڏهن مورخن سندس نظريا رد ڪيا ته هن پنهنجو موقف بدلائي وري اھا دعويٰ ڪئي ته شاهجهان اتي موجود مندر ڊاهي پوءِ تاج محل ٺهرايو ھو، پر ان دعويٰ جي به تاريخي دستاويزن مان سخت ترديد ٿي چڪي آهي، ڇو ته مغل دور ۾ تاريخ لکڻ جي عام روايت موجود هئي. انھيءَ ڪري تاج محل جي تعمير، معمارن جا نالا ۽ زمين جي ڏي وٺ بابت تفصيل اڄ به دستاويزن جي صورت ۾ موجود آهن. جنهن مطابق شاهجهان اھا تاج محل جي زمين راجا جي سنگهه کان حاصل ڪئي ۽ بدلي ۾ کيس چار حويليون ڏنيون، جيڪي ان خوشيءَ سان قبول ڪيون. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته تاج محل ڪنهن مندر جي جاءِ تي تعمير ناھي ٿيل بلڪه هڪ قانوني، تاريخي طريقي سان تعمير ٿيل عمارت آهي. تاج محل لاءِ مندر جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ اوڪ جون ٻيون دعوائون به کل جوڳيون آهن جھڙوڪ: ويٽيڪن سٽي به ھندن جو قديم گرجا گهر آھي! يا اسلام ۽ يهوديت سڀ هندو ڌرم مان نڪتل آهن! بهرحال اوڪ جي ان بي بنياد ۽ تعصب سان ڀريل دعويٰ کانپوءِ ٻيو قدم هڪ بي جي پي اڳواڻ طرفان کنيو ويو، جنهن 2022ع ۾ الهه آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي ته تاج محل جي 22 بند دروازن کي کوليو وڃي، جتي سندس دعويٰ موجب هندو ديوتائن جا مجسما ۽ مندر جا آثار موجود آهن، پر عدالت نه رڳو اها درخواست رد ڪئي، پر اها تنبيهه پڻ ڪئي ته عدالتي فورم کي تاريخي حقيقتن جي ٻيهر تشريح لاءِ استعمال ڪرڻ غلط آهي! ان کانپوءِ به وقت بوقت مختلف انتھا پسند گروھن طرفان عدالتن ۾ اھڙين بي بنياد ڪوڙين دعوائن کي سچ ثابت ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا ناڪام ڪوششون ڪيون ويون ۽ اڃان تائين جاري آھن!

انهن سڀني سازشن جي پويان هڪ ئي سوچ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اھا آھي  تاريخ کي ذاتي مفادن لاءِ مسخ ڪرڻ! پي اين اوڪ جهڙن ماڻهن، جن جي دعوائن کي علمي حلقن هميشه رد ڪيو، انهن جي افسانن کي بنياد بڻائي ماڻھن جي سھمتي حاصل ڪرائڻ لاءِ هاڻي فلمون به ٺهي رهيون آهن، جنھن جو تازو مثال تازو رليز ٿيل فلمTaj Story  آھي جنهن ۾ هڪ بي بنياد افسانوي مفروضي کي تاريخ جو لباس پارائي عام ذهنن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي! تاريخ سان وفاداري ان ۾ آهي ته اسان ان کي حقيقت جي روشنيءَ ۾ ڏسون، نه ته تعصب جي ڌنڌ مان تاج محل رڳو هڪ مسلمان بادشاهه جي تعمير ڪيل يادگار ناهي، پر اها تهذيبن جي سنگم، محبت جي علامت ۽ هندستان جي شناخت پڻ آهي. ان کي مذهبي رنگ ڏيڻ، اصل ۾ تاريخ سان نه، بلڪه انسانيت سان دشمني آهي. ڇو ته اڄ، جڏهن ڄاڻ هر ماڻهو جي هٿ ۾ آهي ۽ ڪوڙ گهڻي دير لڪيل نٿو رهي سگهي ان دور ۾ ڀارتي انتھا پسند حڪومت طرفان تاريخ کي سياسي يا مذهبي رنگ ڏيڻ، علم ۽ تهذيب سان دشمني آهي. تاج محل، رڳو شاهڪار عمارت نه، پر فن، محبت، ۽ انسانيت جي نمائندگي ڪري ٿو. ان کي تعصب جي باھ ۾ ساڙڻ نه تاريخي عمل چئبو نه تهذيبي! ۽ ان عمل سان نه صرف تاريخ مري ويندي، پر ايندڙ نسلن جي ذهنن تي به هڪ اهڙي ڇاپ ڇڏيندي، جنهن کي ڀرڻ لاءِ صدين جا ڪتاب به گهٽ پوندا. تاج محل کي مندر ثابت ڪرڻ جون ڪوششون، تاريخ جي عدالت ۾ سدائين شرمسار رھنديون، ڇو ته سچ کي ڪوبه بند درازو روڪي نٿو سگهي.

***