بدين ضلعي جو ھيڊڪوارٽر بدين شھر حيدرآباد کان 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آھي، جنھن فاصلي جي پوري سينٽر ۾ بدين ضلعي جو ٻيو وڏو شھر ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو ڪاروباري مرڪز ماتلي شھر اچي ٿو، اتفاق سان حيدرآباد کان گولاڙچي، ٽنڊوباگو، ڊگهڙي شھر به تقريبن 100، 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلن تي آھن. انھن روٽن تي ھلندڙ ڪوسٽرون ۽ ٻيون گاڏيون به ماتلي کان ئي ڪراس ڪن ٿيون، ماتلي ۾ مويا، راڄو خاناڻي ۽ ٻين شھرن جون گاڏيون به ماتلي مان نڪرن ٿيون. ان ڪري ماتلي شھر آمد رفت جي حوالي سان ھڪ وڏو مرڪز آھي، ماتلي مان گذرندڙ حيدرآباد بدين ۽ ڊگهڙي روڊن جو شھري آبادي وارو حصو لڳ ڀڳ 10 ڪلو ميٽرن جو ٿي سگھي ٿو، ماتلي تي آبادي جو دٻاءُ انتھائي گھڻو آھي، ان ڪري ماتلي ۾ نيون نيون ڪالونيون، پلان ٿي رھيون آھن ۽ عمارتن جي اڏاوت جو ڪم به تيزي سان جاري آھي، ڪي به انتظامي ضابطه نه ھجڻ ۽ ٽريفڪ قانونن تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ماتلي بدين ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ روڊ حادثا ماتلي شھر جي آسپاس ٿين ٿا، جيڪو ھڪ ڳنڀير مسئلو ٿي ويو آھي ۽ وڌي رھيو آھي، جنھن کي روڪڻ جا ڪي به مناسب انتظام ۽ احتياط نه ھجڻ سبب ماتلي ۽ آسپاس ۾ روڊ حادثن ۾ ماڻھن جي مرڻ جا امڪان وڌيڪ آھن. چنگچي رڪشا، تيز رفتار لالچي ڪوسٽرون ۽ روڊن جي حدن ۾ سامان ۽ انساني آباديون حادثن جا وڏي ۾ وڏا ڪارڻ آھن، ڄام صادق جڏھن وڏو وزير ھو ته ان ٿَر جي ماڻھن جي سفري سھولت لاءِ ڪراچي کان مٺي تائين خاص ڪوچون ھلرايون ھيون جيڪي ماتلي شھر مان گذرنديون ھيون، ڊاڪٽر فھميدا مرزا جڏھن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٿي ته ان ماتلي ريلوي سيڪشن جي ھفتيوار ريل گاڏي 2008ع ۾ ريگيولر ڪرائي، جيڪا 18 سالن کان رڳو ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندي ھئي، مگر ھاڻ اھا مھيني ۾ ھڪ ڀيرو به نٿي اچي، ماتلي ريلوي سيڪشن انگريزن 1908ع ۾ اڄ کان سوا سئو سال اڳ قائم ڪري حيدرآباد کان بدين تائين ٽائيم جون پابند گاڏيون ھلرائي شھرن کي آباد ڪرڻ جا بنياد وڌا ۽ ماڻھن کي سفري سھولتون مھيا ڪيون. باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي فلمسازي، ماتلي ۾ سئنيما گھر قائم ڪرڻ، موسيقي جي شوقن ۾ شدت جي پيدا ٿيڻ جو سبب ريل گاڏي ثابت ٿي جيڪا کيس ماتلي کان ممبئي ۽ ھندستان جي ٻين شھرن تائين پھچائيندي رھي. جنھن ماتلي کي ھڪ وڏي نالي جي سڃاڻپ به عطا ٿي، انگريزن کانپوءِ به لڳ ڀڳ 1990ع تائين ماتلي ريلوي سيڪشن تي وقت جون پابند ريل گاڏيون ھلنديون رھيون، ان ئي زماني ۾ بدين ۾ کليل ايس آر ٽي سي جو ڊپو به ماڻھن کي سفري سھولتون مھيا ڪندو رھيو ھو، ريل گاڏين ۽ ايس آر ٽي سي جي بسن جا مقابلا ھوندا ھئا، ايس آر ٽي سي جون تيز رفتار بسُون حيدرآباد ۽ بدين وچ ۾ صرف ماتلي ۾ بريڪ ھڻنديون ھيون. تلھار ۽ ٽنڊو محمد خان شھرن ۾ اھي نه بيھنديون ھيون. اهڙي طرح 1990ع تائين حيدرآباد کان بدين تائين ريل گاڏين ۽ ايس آر ٽي سي جي بسن جون خدمتون بھترين سفري سھولتون رھيون، جيڪي بعد ۾ پنھنجن ئي ادارن جي ملازمن جي ھٿان ئي تڪڙيون برباد ٿي ويون، ريل گاڏيون شھرن جي وڏن واپارين جا حيدرآباد توڙي ڪراچي کان مال به پھچائينديون ھيون. ريل گاڏين کي ريلوي جي بڪنگ، ڪلارڪن، ٽڪيٽ چيڪرن، ريلوي اسٽيشن ماسٽرن، پي ڊبليو آءِ ۽ اي ڊبليو آئيز جي ڪرپشن برباد ڪيو ۽ ايس آر ٽي سي کي وري سندس ئي ملازمن تباھي جي ڪناري لڳايو ۽ بعد ۾ اھي ئي ملازم بيروزگاري کان تنگ ٿي سالن تائين احتجاج به ڪندا رھيا.