نئون

پاڪستان کي ملندڙ سعودي پئڪيج واري رقم ۾ هڪ ارب ڊالر ملي ويو

اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان مطابق پاڪستان کي سعودي پئڪيج تحت وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويو آهي، جنهن بعد ملڪ اندر پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب 24 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن. جنوري ۾ هڪ ارب ڊالرن جي وڌيڪ رقم وصول ٿي ويندي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ مدد ملي ويندي. ياد رهي ته آڪٽوبر واري مهيني ۾ وزيراعظم سعودي عرب جو دورو ڪيو هو، ان موقعي تي سعودي عرب هڪ سال لاءِ پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ ٽي ارب رپيا رکڻ ۽ 3 ارب ڊالرن جو تيل اوڌارو ڏيڻ جي رضا مندي جو اظهار ڪيو هو، جنهن بعد سعودي عرب گذريل مهيني هڪ ارب رپيا ڊپازٽ ڪيا هئا. ۽ هن مهيني وڌيڪ هڪ ارب رپيا ڊپازٽ ڪيا آهن ۽ ٽيون ارب ڊالر ايندڙ مهيني ڊپازٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي طرف معاشي ماهرين جو چوڻ آهي ته سعودي ڊپازٽ پاڪستان جي اڪائونٽن ۾ آڻڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي  دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت ۾ بهتري اچي ويندي.