خاصنئون

پاڪستان ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي، آمريڪا جي نئين ٽريول ايڊوائزري جاري

آمريڪا پاڪستان لاءِ نئين ٽريول ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ امن جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. ان کان پهرين پاڪستان ۾ امن جي ڪري ئي اقوام متحده پاڪستان جو فيملي اسٽيشن درجو بحال ڪيو آهي. ان حوالي سان آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان بزنس ۽ سياحت لاءِ صحيح معنيٰ ۾ کليو آهي. برطانيه ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن کانپوءِ هاڻي آمريڪا به پاڪستان جي وڏن شهرن خاص طور اسلام آباد ۾ بهتر سيڪيورٽي جي صورتحال کي تسليم ڪري ورتو آهي. فارين آفيس پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي کنيل قدمن کي مڃيندي تازو ئي برطانيه به پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي سفري هدايت نامي ۾ تبديلي ڪئي آهي.