خاصنئون

ڪرونا وائرس جي تشخيص جون ڪٽس پاڪستان پهچي ويون

دنيا ۾ تباهي پکيڙڻ واري ڪرونا وائرس جي تشخيص جون ڪٽون پاڪستان پهچي ويون. جڏهن ته ڪراچي جي ڪجهه درآمد ڪندڙن پاران به ٻاهرين ملڪن کان ڪٽون درآمد ڪيون پيون وڃن. جيڪي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ موجود هونديون. سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالن جي انتظاميه کي آئيسوليشن يونٽ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزير صحت سنڌ ۽ بهبود آبادي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ 4 آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن ماڻهو ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق نه ٿي آهي. چين ۾ واڙيل شاگردن جي پاڪستان اچڻ تي پاڪستان ۾ به ڪرونا وائرس داخل ٿيڻ جو خدشو آهي. چين ۾ موجود شاگردن کي اتي ئي طبي امداد ڏني وڃي ته بهتر ٿيندو. ڪراچي ۾ جناح اسپتال، سول اسپتال، ڊائو، اوجها ڪئمپس ۽ آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۾ به آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.