سنڌ ۾ گهٽ لاڳت وارين سرڪاري هائوسنگ اسڪيمن لاءِ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ

سنڌ حڪومت سستن گهرن جي سرڪاري اسڪيمن لاءِ سيلز ٽيڪس جي ترغيب جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهٽ لاڳت وارين هائوسنگ اسڪيمن تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪيم تي ملڻ وارين خدمتن تي 13 سيڪڙو سيلز ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ روينيو بورڊ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت وفاق يا سنڌ حڪومت جي هائوسنگ پروجيڪٽن جي خدمتن تي سيلز ٽيڪس عائد نه هوندو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت عوام جي لاءِ گهٽ لاڳت واري نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت بينظير ڀٽو شهيد هائوسنگ اسڪيم متعارف ڪري ڇڏي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته خدمتن جي سيلز ٽيڪس جي رعايت سان سستن گهرن جي هائوسنگ اسڪيم تي ماليت گهٽ ٿي ويندي.
