پاڪستان کي ڏنل آي ايم ايف جي قسط چين جي قرض لاهڻ ۾ استعمال نه ٿيندي، آمريڪا
آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پوميو چيو آهي ته اسان ان ڳالهه تي نظر رکنداسين ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي هلندڙ مالي پئڪيج کي چين جي قرضن لاهڻ ۾ استعمال نه ڪري. آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي مائيڪ پوميو چيو ته آمريڪا پاڪستان جي نئين حڪومت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ آمريڪا اهو به چاهي ٿو ته آءِ ايم ايف کي ڪابه غلطي نه ڪرڻ گهرجي اهڙي بيل آئوٽ مان ڪوبه فائدو ناهي جنهن مان چين جا قرض ادا ڪيا وڃن ۽ ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي اسان آءِ ايم ايف تي نظر رکنداسين. واضح رهي ته آمريڪي اخبار فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 12 ارب ڊالرن جو قرض وٺڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي ترجمان ان جي ترديد ڪندي چيو ته پاڪستان پاران ڪنهن به قسم جي بيل آئوٽ پئڪيج جي ڪابه درخواست نه ملي آهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالهه ٿي آهي.

