خاصنئون

وزيراعظم آرمي چيف جي ملازمت ۾ ٽن سالن جو واڌارو ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ ڪالهه سندس ملازمت ۾ وڌيڪ ٽن سالن جو اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران چيو ويو آهي ته ملڪ ۽ خطي ۾ جاري پاڪ فوج جي امن وارين ڪوششن جي تسلسل لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 24 آڪٽوبر 1980 ۾ فوجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن اسڪول آف انفينٽري اينڊ ٽيڪٽڪس ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۽ اين ڊي يو ۾ انسٽرڪٽر طور به ڪم ڪيو آهي. جنرل قمر جاويد باجوا انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر ۽ آرمي جي سڀ کان وڏي 10 هين راولپنڊي ڪور جي چيف آف اسٽاف جي حيثيت سان به خدمتون انجام ڏنيون جنرل قمر جاويد باجوا ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي امن فوج جي ڪمانڊ به سنڀالي چڪو آهي.