ايم ڪيو ايم جي چونڊ پوزيشن ڪمزور
اهو سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ ڪراچيءَ جو ووٽ چون چون جو مربو ٿي ويو آهي. هاڻي گهٽي گھٽيءَ ۾ الڳ الڳ رنگ جا جھنڊا لڳي ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا ماڻهو 2016 کانپوءِ ورهائجي ويا آهن. ماڻهن کي يا خاص ڪراچيءَ جي پڙهيل لکيل ووٽر کي ان ڳالهھ جو ڄڻ انتظار هو ته اهي 2016 جي آپريشن کانپوءِ پاڻ کي ايم ڪيو ايم کان آجو ڪن ۽ اهو بانور ڪرائن ته هاڻي اهي ٿڪجي پيا آهن ڇو ته ماضيءَ ۾ هنن ڪڏهن به حقيقي طور تي پنهنجن ڪارڪنن کي ڪڏهن ووٽ ئي ناهي ڪيو. سدائين انهن جا شناختي ڪارڊ انهن جي گهرن تان ميڙي چونڊي ايم ڪيو ايم جا نمائندا ۽ حلف يافته ڪارڪن وٺي ويندا هئا ۽ اهي پنهنجي مرضيءَ سان بيلٽ باڪس ڀري ڇڏيندا هئا. ڪنهن به رٽرننگ آفيسر ۽ پولنگ ايجنٽ جي مجال نه هوندي هئي ته اهي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍن، ڇو ته جيتري ڊيٽا اليڪشن ڪميشن وٽ هوندي هئي اوتري ڊيٽا ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن وٽ به هوندي هئي ته ڪهڙو ايجنٽ ڪٿي ٿو رهي ۽ ڪهڙو پولنگ آفيسر ڪهڙي علائقي جو آهي. ان ڪري ماڻهو سڀ جا سڀ ڊپ ۾ مومن هوندا هئا ۽ ايم ڪيو ايم جي مرضي هوندي هئي ته اها جيئن وڻيس تيئن ڪري.
اصل ۾ ڪراچي جي ووٽر جي بي حسي ايم ڪيو ايم جي ڪوڙي ۽ غيرمتحرڪ سياست کي رد ڪري ٿي. اها ڳالھه به واضح آهي ته شهري سياست جي سختي شهري ووٽرن کي ڄمائي ڇڏيو آهي. حقيقت اها به آهي ته هن شهر گذريل چئن سالن دوران قومي اسيمبليءَ جي ڪيترين ئي سيٽن تي گهٽ ۾ گهٽ ست ضمني چونڊون ڏٺيون آهن. جن ۾ هر ننڍي وڏي سياسي پارٽي جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان 2018 کانپوءِ وارين ضمني چونڊن ۾ ٽي ايل پيءَ به پنهنجا ڪلها گسايا. انهن سياسي پارٽين هڪٻئي کي ٽف ٽائيم به ڏنو ۽ آمهون سامهون ٿي هڪٻئي جو مقابلو به ڪيو. انهن سڀني چونڊ مشقن ۾ شهري ووٽرن جي بي حسي به هڪ مستقل موضوع رهندي آئي هئي ۽ ان ڪري عام چونڊن کان وٺي ضمني چونڊن جا به نتيجا مختلف رهندا آيا. جيئن 16 آڪٽوبر 2022 ۾ اين اي 237 (ملير) تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪيم بلوچ 32 هزار 567 ووٽ کڻي عمران خان کي شڪست ڏني هئي، جنهن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 20.33 سيڪڙو هو ۽ کٽيل اميدوار 22 هزار 493 ووٽ کنيا هئا. ڪراچي ۾ اها واحد ضمني چونڊ هئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ سان ڪو مقابلو نه ڪيو هو. ساڳئي ڏينهن اين اي 239 (ڪورنگي) جي ضمني چونڊ ۾ عمران خان جي پارٽيءَ آرام سان 50 هزار 14 ووٽ حاصل ڪري ايم ڪيو ايم جي نيئر رضا کي شڪست ڏني هئي، جيڪو صرف 18116 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو. جڏهن ته ان تڪ تي گهٽ ٽرن آئوٽ رهيو جيڪو 14.88 سيڪڙو جي وچ ۾ هو. اهو به فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) جي مطابق. ڇو ته ماضيءَ ۾ ٿيل ضمني چونڊن مان اهو پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ هو. پوءِ سوال اهو ٿو بيهي ته سياسي طور تي متحرڪ شهر ڪراچي جا ماڻهو پولنگ اسٽيشنن کان پري ڇو ٿا رهن؟ ۽ اهڙي گهٽ ٽرن آئوٽ جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو ٿو رهي يا حقيقي ووٽ ڪنهن کي ٿو پئي (يا ائين نه هجي جو جيڪي ووٽر نڪرن ٿا اهي حقيقي ووٽر ئي آهن).
شروعات ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هر ضمني چونڊن ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جو سبب اهو به هو ته اليڪشن ڪميشن پولنگ هفتي جي ڏينهن جي بدران وچ وارن ڏينهن ۾ ٿي رکي ۽ آچر تي نه ٿي ڪرائي. نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن گذريل ٽن ضمني چونڊن ۾ اين اي 245، اين اي 237 ۽ اين اي 239 تي چونڊون آچر تي شيڊيول ڪيون، پر اها اٽڪل به ٽرن آئوٽ کي بهتر بنائڻ ۾ ناڪام رهي. ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم جو موقف اهو بيٺو ته عوام جي عدم دلچسپيءَ جو سبب مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڏوهن جي وڌندڙ صورتحال آهي، جنهن جي ڪري شهري تقريبن هر سياسي پارٽي کان تنگ آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته عوام جا اهم مسئلا پارٽين جي ميز تي ناهن رکيا ويندا، ان ڪري گهٽ ٽرن آئوٽ موجوده سياسي ۽ چونڊ نظام ۾ ووٽر جي مسلسل وڌندڙ بي حسي کي ظاهر ٿو ڪري. ماڻهن جو اصرار آهي ته ووٽر پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سميت هر پارٽيءَ پاران ڪيل ڪوڙن واعدن کان بيزار آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي سياست کي انجنيئرنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پر شهر کي جيڪا ضرورت آهي پارٽيون اها ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن. ماڻهو جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ووٽرن جو بي مثال ٽرن آئوٽ ڏسڻ چاهين ٿا ته پوءِ چونڊن جي مهم بهتر ۽ سچي ڪرڻي پوندي، پر شيون ان جي برعڪس آهن. ان ڪري ته شهري سياست ۽ ڳوٺاڻي سياست جا مفاد ۽ ايجنڊائون مختلف هجن ٿيون، مثال: 1. هڪ ته شهري تڪن ۾ ماڻهن جا ڪي ذاتي مفاد ناهن هوندا. 2. ماڻهن کي شهرن جي اندر ڪنهن به سياسي وزير ۽ مشير مان ڪا اميد ناهي هوندي ته اهو ماڻهن جا مسئلا ڪنهن اوطاق ۾ ويهي طئي ڪندو يا ماڻهو انهن جي اوطاق تي لڙي ويندا، ان ڪري ماڻهن ۾ اهو ڪلچر ناهي رهيو، ها پر ماضيءَ ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم جڏهن ورهايل نه هئي يا جيستائين ست رنگي نه هئي تيستائين نائين زيرو تي ماڻهن جون نوڪري جون درخواستون وينديون هيون ۽ انهن کي نوڪريون ملنديون به هيون، پر هاڻي ورهايل ايم ڪيو ايم جي ڪنهن هنڌ به ڪا سياسي يونين متحرڪ ناهي، ان ڪري اهو ڪلچر به ويو. 3. هن شهر ۾ سواءِ ڪچين آبادين جي ڪنهن به سياسي پارٽي جي شخصي معتبرائپ ناهي، نه ئي اهي ڪنهن اهڙي شخص کي سڃاڻن جنهن جي تڪ ۾ ڪا پوک پوکيل هجي، ان ڪري ته روڊ رستا، ناليون، نالا، ترقياتي ڪم اهڙا ناهن جنهن ۾ ڪنهن جو ڪو ذاتي مفاد هجي يا ڪو اها دعويٰ ڪري ته هاڻي جيڪو به وزير چڙهندو اهو ڀڳل ٽٽل روڊ جوڙيندو يا اهڙي ٻي ڪا سياست جيڪا پڪن علائقن ۾ هلي به سگهي. 4. بدامني جي ڪري ڪڏهن به ماڻهو ڪنهن وزير جي گهر تي درخوست ناهن کڻي ويندا ته هن دفعي فلاڻي، ٽيري مٽيري شخص جي ڪري اهي سڀ پاڙيسري پريشان آهن، ان ڪري هاڻي وزير جي اهو ڪم ڪندو ته علائقي جو مسئلو حل ٿي ويندو، پر اهي مسئلا آهن به انهن پاسن وارن علائقن ۾ جيڪي غير اردو علائقا ۽ آباديون آهن جن جا ڪائونسلر ان بنياد تي مسئلا حل ڪندا رهن ٿا جن ۾ انهن غير رجسٽرڊ علائقن ۾ پاڻي جو مسئلو، گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو، بجلي جي مسئلن کان وٺي ڪنهن گيس لائين ۽ ڪنهن ٻئي قانوني پيچيدگين وارو ڪو مسئلو، پر اهو به الاماشا، ان ڪري مثال اين اي 249 واري سيٽ تي جيڪا 2018 ۾ فيصل واڊوا جي هئي ۽ اهو بلديا جو علائقو ڪچي آباديءَ وارو علائقو آهي جنهن ۾ سدائين مسئلا هجن ٿا. ان ڪري اتي جي عبدالقادر مندوخيل جو 2021 ۾ کٽڻ به ان ڪري ممڪن هو جو هن ماڻهو پهرين ڪم ڪيا پوءِ ووٽ گهريو. 5. ڪنهن به وزير جي تڪ جي پڪ ناهي هوندي ته هو هاڻي ڪهڙي تڪ تان بيهندو ان ڪري ته پنجن سالن ۾ گهڻي ڀاڱي شهري يا ته ملڪ ڇڏي ٿا وڃن يا علائقو ئي ڇڏي ٿا وڃن ۽ شهري هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ شفٽ ٿيندا ٿا رهن ۽ ڊيموگرافيءَ جون تبديلون ٿينديون ٿيون رهن، ان ڪري ڪراچي جي پراڻن رهائشي علائقن سان مسئلا گهٽ هوندا آهن. پر جيڪي به نيون ڊيموگرافيون آهن جن ۾ لوڪل پٺاڻن کان وٺي افغاني نسل جا پٺاڻ ۽ افغاني يا ٻيون قومون، جيئن بنگالي، برمي، ڀارتي نسلن جا ماڻهو جن سان قانوني، سماجي، معاشي ۽ سيڪيورٽيءَ جا مسئلا گهڻا هجن ٿا، ان ڪري انهن نين آبادين ۽ گهڻ قومي ڪالونين کي قانوني شيلٽر کپي، جنهن سبب اهي هميشه ان ماڻهوءَ کي ووٽ ڪندا رهن ٿا جنهن کي هو سڃاڻيندا به هجن ۽ جيڪو انهن جي زبان جو هجي. 5. وري شهري جيڪي مستقل ڪچيون آباديون هجن ٿيون انهن جا ڪلچر به تبديل آهن، مثال جيئن ملير، ڪياماڙي، گلشن حديد، گڏاپ ۽ ڪجھه ڪورنگي ۽ اورنگي جي پاسن وارا علائقا جتي آباديون مسقتل هونديون آهن، جن ۾ شفٽنگ جو عنصر گھٽ هجي ٿو يا اهي مستقل طور تي پيپلزپارٽي وٽ ئي رهن ٿيون. ان ڪري ڳالهھ وري اها ٿي بيهي ته ايم ڪيو ايم ماضيءَ ۾ ڪڏهن به اليڪشن دوران بينرن تي اميدوارن جون تصويرون نه هڻندي هئي ۽ ماڻهو رڳو لغڙ ئي سڃاڻندا هئا، پر ايم ڪيو ايم جي اثر گهٽجڻ جي ڪري ماڻهن جي ذهن مان اهو خوف به نڪري ويو ۽ جيڪا هٿياربند سياست هئي ان جو باب به پڄاڻي تي پڳو. ان ڪري 2018 کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي پوزيشن شهر ۾ ڪمزور رهندي آئي آهي. ان ڪري انهن کي پنهنجي گهاٽي سرنهن نظر آئي هئي جو انهن 2023 واري بلدياتي چونڊن ۾ حصو ئي نه ورتو ۽ ٻين کي چونڊون آساني سان کٽڻ به ڏنيون. هاڻي به اها ئي صورتحال بيهندي ته شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي پوزيشن تمام گهڻي ڪمزور آهي ۽ ممڪن آهي ته هي سڀ جا سڀ احتجاجن اليڪشن جو بائيڪاٽ به ڪري ويهن ۽ پنهنجي پوزيشن وري بچائي ويهن يا ڊفينسِوِ ٿي ويهن.