اظهارِ آزادي انسان جو بنيادي حق آهي جيڪو هر صورت ۾ کيس ملڻ کپي
اڳوڻو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ موجوده جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس اطهر من الله 20 جنوري 2024 تي اسلام آباد ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضرورت تي زور ڏيندي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. هي اهو حق آهي جيڪو هر انسان کي مليل آهي، انساني حقن جون تنظيمون ۽ ملڪن جا قانون انهيءَ حق کي تسليم ڪن ٿا، ڇو ته جيڪڏهن ڪو انسان تڪليف جو اظهار نه ڪندو، پنهنجي ترقي پسند خيالن جو اظهار نه ڪندو ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافي تي تنقيد ڪري اظهار نه ڪندو ته نه اهو انسان پاڻ بهتر ٿي سگهندو نه ئي معاشرو بهتر ٿيندو ۽ انتهاپسندي وڌندي، انتهاپسندي جي هٿيار کي استعمال ڪندڙ قوتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته انسان کي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو وڃي ته جيئن هو سوال پڇي سگهي. جڏهن هو سوال پڇندو، تڏهن ئي کيس جواب ملندو. استحصال ڪندڙ طبقو يا ماڻهو جيڪو ان سان ظلم ڪري رهيو آهي، انهيءَ کي پڻ جوابده ٿيڻو پوندو، جيڪو هو نٿو چاهي، ڇو ته ان طبقي جي حاڪميت انهيءَ ۾ آهي ته ڪير به کانئس سوال نه پڇي. بادشاهه هجي، حڪمران، مذهبي اڳواڻ يا فوجي آمر هجي اهي ڪڏهن به اظهار جي آزادي جو حق ڏيڻ نه چاهيندا آهن. اسانجي ملڪ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو جج 2024 ۾ اها ڳالهه ڪري ٿو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته واقعي به اسانجي اظهار جي آزادي واري حق کي سلب ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ به اسان کي مڪمل طور نه مليو آهي. انهيءَ ڪري معاشرو سهپ، برداشت، رواداري جهڙين سٺين ڳالهين کان هٽي ڪروڌ، نفرت ۽ انتهاپسندي واري کڏ ۾ ڪري پيو آهي. ايستائين جو روايتن ۽ رسمن جا قانون ٺاهي عورتن کي پردي ۽ ڪوٽن ۾ قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن هو آزادي جو اظهار ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه اچي سگهي، پر هاڻي ائين ڪونه ٿيندو، ڇو ته دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي وئي آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪيترائي گهر اظهار جي آزادي جا علمبردار هجن ۽ انهيءَ جي ميوي مان فائدا وٺندا هجن ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ان جو اثر ۽ آواز باقي بچيل ٿورن گهرن تي نه پوي. پوري دنيا اظهار جي آزادي جي حق کي تسليم ڪري ٿي ۽ يقينن اهو اظهار ڪمزور طبقي طرفان ٿيندو رهندو آهي، خاص طور اسان جهڙن ملڪن ۾ ته سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقو عورت جو آهي، اسان کي اهو به نظر ايندو آهي ته جڏهن عورتون پنهنجن حقن جي لاءِ ڪا تحريڪ هلائيندي نظر اينديون آهن، ته سڀ کان وڌيڪ مخالفت مذهبي اڳواڻ ڪندا آهن، اسان کي ايترو خيال ڪرڻو پوندو ته اظهار جي آزادي ۽ بدتميزي ۾ فرق آهي. هر انسان کي پنهنجي خيالن جو، پنهنجي تڪليفن جو، پنهنجي سوچ جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي، پر ان کي اهو حق نه آهي ته ڪنهن جي دل آزاري ڪري تنقيد بدران گارگند ڪري. جنهن جو اظهار اسان گذريل پي ٽي آئي جي دورِ حڪومت ۾ ڏٺو ۽ اڄ به ڏسي رهيا آهيون، هن وقت سوشل ميڊيا اهڙو پليٽفارم آهي جنهن تي روڪ ٽوڪ گهٽ آهي ۽ آزاديءَ جي اظهار کي بنياد بڻائي ڪيترائي ماڻهو ٻين ماڻهن کي لفظن سان آزاري رهيا آهن، جن جو بهرحال انهن کي حق نه آهي. اسين سمجهون ٿا ته آزادي جو اظهار هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان ڪوبه معاشرو پُرامن ۽ بقاءِ باهمي واري حالت ۾ اچي ترقي ڪري سگهي ٿو. انهن قانونن تي عمل ڪرائڻ يا قانونن کي بهتر ڪرڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. حڪومت کي چونڊڻ لاءِ عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ووٽ ذريعي ڪندو آهي. راءِ جي آزادي سان هو بهتر حڪومت چونڊي سگهندو آهي. ملڪ ۾ گذريل وقت ته واپس نه ٿو اچي سگهي، پر ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام جي مٿان ذميواري ضرور اچي ٿي ته هو گهرن کان نڪري ووٽ جي لاءِ پنهنجي راءِ جو آزاديءَ سان اظهار ڪري ڇو ته ايندڙ 5 سال سندس انهيءَ ووٽ جي طاقت سان جڙندڙ حڪومت بهتر فيصلا ڪري ملڪ کي ترقي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي. ڏسون ٿا ته ملڪ جو عوام ڪيترو سيڪڙو چونڊن واري ڏينهن گهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي ووٽ ڏيڻ جي ذميواري ادا ڪري ٿو، يا صرف گهر ۾ ويهي ڳالهيون ڪري، تبصرا ڪري ۽ سمجهي ٿو ته ان جو فرض پورو ٿيو. يقينن انهن ڳالهين ۽ تبصرن سان تيستائين فرق نه پوندو جيستائين عوام عملي طور پنهنجي راءِ جو اظهار ووٽ ذريعي نه ڪندو. آزادي جي اظهار جو سڌو واسطو ووٽ جي آزادانه استعمال سان پڻ آهي، جيڪو اسان کي ضرور ڪرڻ گهرجي.