بلاگنئون

تحقيق جو فني ۽ تعليمي جائزو

نظرثاني: جسارت الياس جوکيو

تحقيق يا ريسرچ Research جو اصطلاح اسان جي ماحول ۾ اڪثر ان صورت ۾ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن اسان ڪا ناياب معلومات ڳولهي هٿ ڪندا آهيون، مختلف جڳھين تان معلومات هڪ هنڌ گڏ ڪندا آهيون يا وري اڳواٽ ڇپيل يا ٻڌايل ڪنهن به معلومات جو سنھي ٿلھي ليکي تجزيو ڪندا آهيون. اهي سڀ فن، تحقيق جو حصو ضرور آهن، پر عالمن وٽ تحقيق جي حقيقي تعريف اها بلڪل ناهي.

تحقيق تي لکيل مختلف ڪتابن مطابق تحقيق هڪ منظم ۽ اصولن پٽاندر ٿيل ڇنڊ ڇاڻ جو نالو آهي، جنهن سان ڪنهن واقعي يا پيش آيل مسئلي کي گهرائي سان سمجهي ۽ حل ڪرڻ ڏانھن سوچي ۽ رٿابندي ڪري سگھجي. تحقيق جي مرحلن ۾ معلومات کي بنيادي، ثانوي توڙي ثالثي ذريعن مان گڏ ڪرڻ، ان گڏيل انگن اکرن جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان مان معنيٰ ۽ مطلب جي تشريح ڪرڻ شامل آهي. مشھور ماهر تعليم “لوئِس ڪوهِن” ۽ ٻين (2018ع) تحقيق جي فن کي مختلف معروضيObjective  ۽ موضوعيSubjective  فلسفن جي رُخن ۾ بيان ڪيو آهي. هنن تعليم کي سائنسي طريقي سان جوڙيو آهي. ڪوهِن جي مطابق ريسرچ حقيقت ۾ سچ جي ڳولا جو رستو آهي. هن ريسرچ جون ٽي خصوصيتون بيان ڪيون آهن.

(1) تحقيق ترتيبوارsystematic  ۽ ٻَڌلcontrolled  هوندي آهي.

(2) تحقيق حسيempirical  يعني تجرباتي هوندي آهي.

(3) تحقيق خود اصلاحيself correcting  هوندي آهي.

“لوري آر گي” (2012ع) مطابق تحقيق دراصل سائنسي طريقي جو ترتيبوار ۽ ضابطي مطابق استعمال آهي. “مارڪ سينڊر” (2007ع) جي پيش ڪيل “تحقيقي اونينResearch onion  ماڊل” ۾ فن تحقيق جي شروعات فلسفيانه رُخن کان ٿئي ٿي.

جيڪڏھن تحقيق جي مختلف ڏاڪن بابت پڙھبو ته خبر پوي ٿي ته “جان ڪِريس ويل” (2012ع) جي لکيل طريقي مطابق فن تحقيق ڇھن ڏاڪن تي مشتمل هڪ منظم عمل آهي، جنهن جو پهريون ڏاڪو مسئلي جي سڃاڻپ ڪرڻProblem identification  آهي، جيڪو به هڪ ماهر جو ڪم آهي، مسئلي جي صحيح طرح سڃاڻپ سان ئي گهڻي حد تائين ان جي نوعيت ۽ ان تي تحقيق جو طريقيڪار معلوم ٿي وڃي ٿو. مسئلي جي تعين کانپوءِ ٻيو مرحلو ان مسئلي جي عنوان ۽ عنصرنvariables  جي متعلق اڳوڻي لکيل مستند موادliterature  جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ آهي. هن عمل کي مواد جي ڇنڊ ڇاڻ يا “literature review” چيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ ٽيون مرحلو مناسب تحقيقي رخ ۽ طريقيڪارMethodology  طئي ڪرڻ آهي. چوٿين مرحلي ۾ ان طريقيڪار مطابق گهربل مواد گڏ ڪبو آهي.

ڪنھن به نئين محقق لاءِ معلومات گڏ ڪرڻ وڏو مٿا ڪُٽَ وارو ڪم ھوندو آھي. ان جي طريقيڪار جو تعين ۽ مواد جمع ڪرڻdata collection ۾ کيس هر موڙ تي پهرين ۽ ٻئي ڏاڪي ڏانهن ڏسڻو پوندو آھي. ائين نه ٿئي ته مسئلي جي نوعيت ۽ تحقيق جي طريقيڪار ۾ تضاد ٿئي نه ته نتيجا ڀروسي جوڳا ڪونه ٿيندا. پنجين مرحلي ۾ گڏ ڪيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ۽analysis  ڪري نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا. ان کانپوءِ آخري مرحلي ۾ انهن نتيجن جي بنياد تي مسئلي جي وضاحتinterpretation  ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن حصي تي ريسرچر ڪنهن به سبب جي ڪري ڪم نه ڪري سگهيو آهي يا مسئلي کي اڃان گھرائي سان ڏسڻ مناسب سمجھي ٿو ته ان پوائنٽ کيFuture work  جي عنوان سان نوٽ ڪرائي ڇڏي. تان ته اڳتي ايندڙ ريسرچ اسڪالرز لاءِ ان تي ڪم ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي.

تحقيق ڇو ڪجي؟:

هڪ منظم ۽ صحيح طريقي سان ڪيل تحقيق سان مختلف فائدا حاصل ٿيندا آھن، جھڙوڪ: ريسرچ اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪري ٿي. ڪنهن به موضوع تي نامڪمل معلومات کي تحقيق جي ذريعي مڪمل يا مستند ڪري سگهجي ٿو وغيره. اسان جو اھو وڏو الميو رھيو آھي ته سماج ۾ تحقيقي شعور ناھي ۽ جيڪڏھن ڪير تحقيق ڪري به ٿو تڏھن به کيس اھا موٽ نٿي ملي ۽ نتيجي ۾ اڪثر محقق به مايوس ٿيو وڃن.

تحقيق ھر سائنسي سماجي عمل کي بهتر ڪري ٿي. ان وسيلي ڪنهن پاليسي ۽ پروگرام تي عمل دوران تحقيقي مواد گڏ ڪري، ان پروگرام جي ڪمين ڪوتاهين کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان کانسواءِ ريسرچ اسڪالرز کي ۽ خاص طور پاليسي ساز اختيارين کي تحقيق ئي نوان دڳ ڏيکاري ٿي. انهن کي زميني حقيقتن جي معلومات حاصل ٿئي ٿي. جنھن مطابق هو عوامي مفاد لاءِ ڪو فائديمند پروگرام جوڙي سگهن ٿا. مجموعي طرح ائين چئي سگهجي ٿو ته تحقيق صرف معلومات گڏ ڪرڻ بدران هڪ منظم ڇنڊ ڇاڻ جو نالو آهي، جيڪو ڇھن مرحلن تي مشتمل آهي. تعليمي ۽ تحقيقي ماهرن مطابق تحقيقي عمل ۾ سائنسي طريقيڪار مطابق معلومات گڏ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جو تجزيو ڪري نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا. تحقيق جو فن نه رڳو عالمن ۽ پاليسي سازن کي نوان رستا ڏيکاري ٿو، بلڪه اڻ مڪمل معلومات کي مڪمل ڪرڻ ۽ ڪنهن پروگرام جي فائدن ۽ ڪوتاهين کي به چڱي نموني معلوم ڪري، بھتر بڻائي سگهجي ٿو.

***