ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ فن ۽ شخصيت
ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن جن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ سوچجي ٿو ته ابتدا ڪيئن ڪجي؟ علمي ميدان هجي توڙي ادبي يا سماجي ڪم هجن، هو پنهنجي شخصيتن ۾ هڪ ادارا آهن علم جون يونيورسٽيون آهن. اڄ مان اهڙي شخصيت جو حال احوال لکڻ ٿو چاهيان جيڪا پنهنجي، پر ادب جي پاڻ يونيورسٽي آهي، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هن جون خدمتون ڳڻجن ته بيشمار ۽ اڻ کُٽ ملنديون. سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بيشمار عورتون آهن جن ۾ آپا شمس عباسي، مهتاب اڪبر راشدي، دادي ليلا وتي هرچنداڻي، ماهتاب محبوب ۽ اهڙيون بيشمار شخصيتون جن جو شمار سنڌ ڌرتي تي وڏي فخر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي انهن لازوال شخصيتن مان “ادي پروين موسي’ ميمڻ” به هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسي بجا طور فخر ڪن ٿا. پنهنجي، پر علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ شخصيت نه، پر هڪ ادارو آهن، مون کي خوشي آهي ته مان سنڌ جي هڪ قدآور شخصيت ڊاڪٽر پروين موسي’ ميمڻ جو پروفائل پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچائي رهيو آهيان.
ڏيپلو شهر علم و ادب جي ميدان ۾ هميشه نالي وارو شهر رهيو آهي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان جي ڏاهن، دانشورن، تعليمدانن ۽ اديبن جو ذڪر ڪجي سڄي سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو ڏيپلي جا نڪرندا، هنن مان صرف محمد عثمان ڏيپلائي جو ذڪر ڪجي ته ادبي کيتر ۾ سندس نالو افق تي روشن ستاري جيان اڄ به چمڪي رهيو آهي.
ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلي جي مشهور ۽ معروف، شخصيت محترم محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر 20 نومبر 1958 تي هڪ نياڻي جنم وٺي ٿي جنهن جو نالو پروين رکيو وڃي ٿو، جنهن جي پيدائش ڏيپلي ۾ ئي ٿي.
محمد موسيٰ ميمڻ جيڪو اڳتي هلي سرڪاري نوڪري ۾ مختيارڪار جي حيثيت وٺي ٿو، هن جي ٻارنهن اولادن (ست پٽ ۽ پنج نياڻين) ۾ پروين جو شمار پنجين نمبر تي آهي.
پروين موسيٰ ميمڻ جي نالي سان مشهور ٿيندڙ علمي ۽ ادبي شخصيت جي پرائمري تعليم سندس والد صاحب جي مختيارڪار واري نوڪريءَ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ بدلي ٿيڻ سبب سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: ڏيپلو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽو، ماتلي ۽ مٺي مان ٿي. اهڙي طرح تعليم جا مختلف مرحلا طئي ڪري هن ماسٽرس جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون، جنهن ۾ ايم. اي انگريزي ادب، ايم. اي ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب) ۾ آهن. سنڌ جي انتهائي نالي واري شخصيت پروين جي شادي 18 جولاءِ 1976 تي ٿي، ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد اٿس، جي ٽئي اعليٰ تعليم يافته آهن. پاڻ نوڪري جا مختلف مرحلا طئي ڪري ايسوسئيٽ پروفيسر ڪاليج تعليم کاتي مان 2018 ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ هن وقت ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.
هن وقت ڊاڪٽر پروين جو شمار سنڌي ادب جي مٿانهين درجي تي شمار ڪيو وڃي ٿو، هي انهن ليکڪائن مان آهي جنهن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪندي تمام گهڻو لکيو آهي. ادبي ميدان جي کيتر ۾ پير پائيندي سندس پهرين ڪهاڻي 1973 ۾ “سگهڙين سٿ” هلال پاڪستان ڪراچي جي صفحي ۾ شايع ٿي. اهڙي طرح سنڌ جي نڪرندڙ اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾ سندس مواد اڄ تائين ڇپجندو رهي ٿو. توڙي جو سندس پهريون ڪتاب دير سان ڇپيو، پر پهرين ئي ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” 2004 ۾ ڇپيل کي وڏي پذيرائي ملي ۽ هن ڪتاب شهرت ماڻي ۽ ان جي وڏي پذيرائي سندس خوشين ۽ نالي ۾ اضافو ڪيو. سنڌ جي سدا بهار ليکڪا جا هيستائين هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شمار سنڌي ادب جي انهن اديبن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جن جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڇپيا آهن ۽ سندس ادب سان ڪيتري دلچسپي آهي، اهو هيٺين ڪتابن جي فهرست مان ظاهر آهي.
سنڌي ادب جو جائزو 2004ع، 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس 2008ع، 3. اٿي رائو ريل (تنقيد) 2009ع، 4. آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيف شناسي) 2009ع، 5. سون ورنيون سوڍيون 2009ع، 6. وکر سو وهاء 2010ع، 7. اخلاقي قدر (ٻالڪ ادب مضمون) 2010ع، 8. عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي) 2015ع، 9. پلئه پايو سچ (مضمون) 2015ع، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ) 2015ع، 11. گلدستو (مضمون) 2017ع، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز) 2018ع، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو (پي ايڇ ڊي مقالو) 2020ع، 14. ٽي تحفا (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2021ع، 15. شرارتي جن (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2022ع، 16. پوپٽ ۽ گلاب (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 17. شهزادي ماھه نور (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 18. ثاقب جي آئيس ڪريم (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 19. سهڻا سخن 2023ع، 20. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق) 2023ع، 21. سنڌي نثر جو جديد مطالعو (آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاري تائين) (تحقيق) 2023ع، 22. ويهه تولا سون (ڪهاڻيون، افسانا) 2024ع، 23. انوکو رازو (ٻالڪ ادب) 2024ع، 24. سائنسي ميلو 2024ع، 25. امر انسان (ٻالڪ ادب سوانحي مضمون) 2024ع، 26. معلومات جو خزانو، 2024ع. ڊجيٽل ڪتاب: 27. ماڻڪ موتي لال (مضمون ۽ مقالا)، 28. پکراج پري (ٻالڪ ادب ڪهاڻيون)، 29. سدا وسين تون، 30. ”ڊاڪٽر پروين هڪ جاکوڙي محققا“ ترتيب ڊاڪٽر ياسر رضا. اڻ ڇپيل ڪتاب: 31. حويلي ۽ کليل آسمان (ترجمو ڪيل افسانا)، 32. تو ۾ ديرو دوست جو (لطيفيات)، 33. سماج سڌارڪ انقلابي اديب محمد عثمان ڏيپلائي تاريخ جي آئيني ۾، 34. ارباب جي هوشياري (ٻالڪ ادب)، 35. اچو ڙي ٻارو (ٻالڪ ادب: ڪهاڻيون)، 36. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويوز، 37. اونداهيءَ ۾ روشني (نصيحتي نقطا ۽ حڪايتون، ٻالڪ ادب)، 38. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ادبي خدمتون، 39. سنڌي شاعري جي تاريخ، 40. سنڌي نثر جي تاريخ، 41. هلڻ منهنجو هوت ڏي (سفرنامو)، 42. مفتي منجھه ويهار (آتم ڪهاڻي)، 43. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)، 44. پاڪستان ادب ڪي معمار ڊاڪٽر فهميده حسين شخصيت اور فن (اردو) 45. صحت ۽ زندگي، 46. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (سوانح)، 47. شاهه لطيف جي جيون جيئڻ جي فلاسافي (لطيف شناسي)، 48. جنرل هسٽري (پي سي ايس)، 49. ڀٽ جو ڀٽائي (لطيفيات: ٻارن لاءِ)، 50. سدا حيات شاعري (لطيفيات).


ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن جن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ سوچجي ٿو ته ابتدا ڪيئن ڪجي؟ علمي ميدان هجي توڙي ادبي يا سماجي ڪم هجن، هو پنهنجي شخصيتن ۾ هڪ ادارا آهن علم جون يونيورسٽيون آهن. اڄ مان اهڙي شخصيت جو حال احوال لکڻ ٿو چاهيان جيڪا پنهنجي، پر ادب جي پاڻ يونيورسٽي آهي، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هن جون خدمتون ڳڻجن ته بيشمار ۽ اڻ کُٽ ملنديون. سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بيشمار عورتون آهن جن ۾ آپا شمس عباسي، مهتاب اڪبر راشدي، دادي ليلا وتي هرچنداڻي، ماهتاب محبوب ۽ اهڙيون بيشمار شخصيتون جن جو شمار سنڌ ڌرتي تي وڏي فخر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي انهن لازوال شخصيتن مان “ادي پروين موسي’ ميمڻ” به هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسي بجا طور فخر ڪن ٿا. پنهنجي، پر علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ شخصيت نه، پر هڪ ادارو آهن، مون کي خوشي آهي ته مان سنڌ جي هڪ قدآور شخصيت ڊاڪٽر پروين موسي’ ميمڻ جو پروفائل پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچائي رهيو آهيان.