پي آءِ اي جي تباهي
گذريل هڪ سال کان قومي ايئر لائين ملڪ تي هڪ بار بڻيل آهي. هاڻي اهو هڪ سال ٻئي سال ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. گذريل سال 2 نومبر تي پرائيويٽائيزيشن ڪميٽي پاران هن کي پرائيويٽ ادارو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تڏهن نواز حڪومت آءِ. ايم. ايف سان گڏجي ان کي بيل آئوٽ ڏيڻ لاءِ 6.2 ارب ڊالرن جي امداد ڪئي. هن وقت هي ادارو 300 ارب رپين جي قرض ۾ وڪوڙيل آهي 2016 ۾ هي ادارو پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ۾ بدلايو ويو هو، ياد رهي ته هن اداري ۾ ضرورت کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ 13700 مستقل ۽ 3700 عارضي ڏهاڙيءَ وارا ملازم آهن. پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني بنائڻ جو مطلب هو ته ان جو مالڪي جو حق بدلايو وڃي. هن وقت هي ادارو تيزيءَ سان تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان جا ذميوار ڪير آهن. هن قسم جي قدم کانپوءِ ورڪرز يونين پاران به احتجاج ڪيا ويا آهن هر روز پي. آءِ. اي جا مسئلا وڌي رهيا آهن. هن وقت اداري جون واڳون سنڀاليندڙ عرفان الاهي آهي جنهن پنهنجي دور ۾ اهڙا فيصلا ورتا آهن. جيڪي پي. آءِ. اي جي قائدن خلاف آهن. اهڙن فيصلن تي اداري جا بورڊ آف ڊائريڪٽرز به ڪاوڙجندا رهيا آهن. هاڻي ان طريقي کي ڪير روڪي سگهي ٿو، بورڊ؟ يا ايسوسئيشن سيڪريٽري پر اهو سيڪريٽري هو پاڻ آهي. عرفان الاهي تي اهي الزام به آهن ته هو طاقتور ماڻهن جي آشيرواد هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جو فائدو انهن طاقتور ماڻهن کي ئي ملي رهيو آهي. ان ڪري ئي هڪ پي. آءِ. اي جو جهاز ملڪ مان گم ٿي ويو ۽ جرمني ۾ نظر آيو.
هن وقت بااثر ماڻهو اها ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اهڙي معلومات کي رڪارڊ مان خارج ڪري ڇڏين، جنهن سان اهڙي عمل کي لڪائي سگهجي. هن معاملي تي سينيٽر سليم مانڊيوي والا سينيٽ کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ هن سوال ڪيو آهي ته اهو جهاز ته ملين ڊالرن جو هو پوءِ ان کي ساڍا ٽي ڪروڙ رپين ۾ ڇو وڪرو ڪيو ويو آهي. اداري جي اندروني جاچ ڪميٽي ان معاملي تي عرفان اختر ۽ برنڊ هلڊن برينڊ کي معاملي جو قصوروار ڄاڻايو آهي.
21 ڊسمبر 2016 تي وزيراعظم نواز شريف بيورو ڪريسي ۾ تبديليون ڪيون ان وقت پي آءِ اي کي ڪوبه چيئرمين نه هو. ڇاڪاڻ ته ان کان ڪجهه عرصو اڳ ۾ پي آءِ اي جو هڪ جهاز چترال کان اسلام آباد ڏانهن وڃي رهيو هو ته حويليان وٽ ڪري تباهه ٿي پيو هو جنهن ۾ 47 مسافر سوار هئا. اهڙي واقعي کانپوءِ پي آءِ اي جو ان وقت جو چيئرمين اعظم سيگل استعيفيٰ ڏئي چڪو هو. جنهن بعد وزيراعظم ايسوسئيشن جي سيڪريٽري کي پي آءِ اي جو چيئرمين به ٺاهي ڇڏيو، سيگل استعيفيٰ کان اڳ ۾ جرمني ايئر لائين جي نمائندي برنڊ هلڊن برينڊ کي پي آءِ اي جو COO چيف آپريشن آفيسر مقرر ڪيو جنهن بعد ان کي CEO جي طور مقرر ڪيو ويو، هنن ٻنهي جي اچڻ کانپوءِ پي آءِ اي ۾ بهتري آئي هئي جنهن ۾ انفرااسٽرڪچر جي بهتري، برينڊ ۾ تبديليون، فلائيٽن جي 90 سيڪڙو وقت جي پابندي ۽ اداري جي مسافرن جو تعداد هڪ ملين تائين پهچي ويو هو، برنڊ هلڊن برينڊ عرفان الاهي جي پسند تي نه آيو هو.
هن وقت بغير ڪنهن وارننگ جي نيو يارڪ ڏانهن اڏامن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اداري طرفان هن معاملي لاءِ چيو ويو ته ان روٽ تي فلائيٽن هلائڻ لاءِ ڪيو ويندڙ خرچ بيڪار آهي. جڏهن ته هڪ وڏو تعداد پاڪستانين جو هن وقت به آمريڪا ۾ رهندڙ آهي. 22 نومبر تي عرفان الاهي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو پيش ٿيو جنهن ۾ هن اهو ٻڌايو ته اداري گذريل سال 13 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪيو آهي. هن معاملي بابت پي آءِ اي جي اسپوڪس پرسن مشهود تاجور چيو ته آمريڪا ويندڙ اڏامون وچ ۾ مانسچسٽر ۾ بيهنديون آهن جتي به خرچ ڏيڻو پوندو آهي. ساڳئي وقت ۾ ٽورنٽو ڏانهن ويندڙ اڏامن بابت پي آءِ اي جو چوڻ هو ته ان روٽ تي خرچ ساڳيو آهي پر ان طرف جي اڏامن تان ڪمائي بهتر ٿي رهي آهي، هاڻي اندروني ذريعن ٻڌايو آهي ته آمريڪا جي روٽ جو مطلب صرف پئسو نه آهي بلڪه ان روٽ تي بيورو ڪريٽڪ ۽ پاور ڪنيڪشنز ٺهن ٿا. جيڪي اڏامون ختم ڪرڻ جي صورت ۾ وري نه جڙي سگهندا. هاڻي اهو روٽ اتحاد ايئر لائين کي ڏنو ويو آهي اهي پاڪستان مان اڏامون آمريڪا موڪليندي.
برنڊ هلڊن برينڊ پنهنجي دور ۾ نوان جهاز به اداري ۾ شامل ڪيا هئا. جيئن ته هن پوري اداري ۾ ٻيا به خرچ ڪرايا هئا. هن ٽي اهڙا جهاز به شامل ڪرايا هئا جنهن ۾ مسافر سيٽ تي سڌي طرح آرام سان سمهي به سگهن پيا. ان کان علاوه سيٽ جي سامهون LCD اسڪيرينون به هيون جن ۾ 250 چئنل شامل هئا. اهڙي نئين سروس تي 3.9 بلين رپيا خرچ ڪيا ويا هئا جيڪو شروع ۾ ئي ڪو سٺو فيصلو نه ثابت ٿيو. هن سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ صرف هڪڙو جهاز ئي هلايو ويو، جنهن جي ڪريوو کي نئون يونيفارم ڏنو ويو ۽ انهن جون پگهارون به وڌايون ويون. ان کان علاوه باقي جهاز ته هلايا ئي نه ويا هئا. ان کانسواءِ هن جهاز جي مسافرن جا ڪرايا به نه وڌايا ويا. اداري هن سروس کي هلائڻ لاءِ 1.8 ارب رپين جا فنڊ حڪومت کان ورتا هئا پر ان سروس جو خرچ 2.1 ارب رپيا آيو هو. ان کان وڏي ڌانڌلي ٻي جڳهه تي ٿي رهي هئي. ان سروس جي لاءِ هر بزنس ڪلاس جي مسافرن لاءِ لنڊن شهر ۾ ليموزين سروس جو به بندوبست ڪيل هو. جڏهن ته اهڙي ليموزين جو ڪرايو 45 پائونڊ هو پر پي آءِ اي ان جا 95 پائونڊ ادا ڪري رهيو هو. هڪ بزنس ڪلاس ۾ 25 سيٽون هونديون آهن ۽ ان جي مسافرن جي ليموزين سروس تي جيڪو خرچ اچي رهيو هو اهو ماهانا 52 لکن کان به وڌيڪ هو. هتي هڪ ٻي به مزي جي ڳالهه آهي ته ليموزين سروس جو مالڪ ISI چيف رضوان اختر جو ٽيون ڀاءُ هو جنهن جو هڪ ڀاءُ پي آءِ اي جو پروڪيورمينٽ ڊائريڪٽر عمران اختر هو. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڪم اهو به ٿيو آهي ته پي آءِ اي جو هڪ جهاز 777 جيڪو بين الاقوامي اڏامن لاءِ خريد ڪيو ويو هو ان جي سيٽن جي تبديلي جو مرحلو آيو ته اهو ڪم به هڪ پرڏيهي ڪمپني جي حوالي ڪيو ويو، اهو جواز ڏنو ويو ته اهو ڪم پي آءِ اي پاڻ نٿي ڪرائي سگهي، هن ڪم لاءِ اربين رپين جي رقم خرچ ڪئي وئي. (ڊان جي ٿورن سان).