خاص

بالي ۾ ٻرندڙ جبل جون تباهه ڪاريون

انڊونيشيا جي شهر بالي جي مائونٽ اگونگ جيڪو هڪ ٻرندڙ جبل پڻ آهي. گذريل ٻن ڏينهن کان لاوا خارج ڪري رهيو آهي. جبل مان نڪرندڙ دونهون اڍائي ميلن جي اوچائي تائين پهچي چڪو آهي، ايئرپورٽ ٻن ڏينهن کان بند پيو آهي. هن وقت تائين اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته اهو جبل ڪيستائين لاوا خارج ڪندو رهندو ۽ ڪيترو نقصان هن وقت تائين ٿي چڪو آهي. حڪومت پاران آسپاس جي هڪ لک ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ياد رهي ته ساڳيو جبل ان کان اڳ 1963 ۾ به لاوا خارج ڪري چڪو هو، جنهن ۾ 1100 ماڻهو مري ويا هئا. ايئرپورٽ اختيارين پاران چيو ويو ته اڏامن کي ان لاءِ بند ڪيو ويو آهي ته آسپاس جي علائقي ۾ دونهي جا ذرات پکڙيل آهن جيڪي جهاز جي انجڻ ۾ وڃي حادثي جو سبب ٿي سگهن ٿا. ان ڪري گذريل ٻن ڏينهن ۾ 440 فلائيٽون ڪينسل ڪيون ويون آهن. ماهرن پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو جبل ڪجهه هفتن تائين لاوا خارج ڪري سگهي ٿو.